رات ڪنهن دعوت پارٽي ۾ ذولفقار مرزا ايم ڪيو ايم خلاف بيان ڏنا ۽ حق سچ ۽ امن جي دعوئ ڪندڙ پارٽي رات پيٽ ۾ ڪراچي حيدرآباد جو امن تباه ڪري ڇڏيو۔ پر جي بيان ڏسجي (اهو به سندن ئي حميتي گروپ "جنگ" اخبار مطابق) ته ذولفقار مرزا غلط چيو به ڇا؟
يار حفيظ مرزا غلط ڪونه چيو ۔۔۔۔۔۔۔
پر هر ڳالهه کي چوڻ ۽ بيان ڪرڻ جو طريقو ٿيندو آهي، وقت ڏسبو آهي ، حالات ڏسبا آهن ۔۔۔۔۔
پ پ پ ڪالهه ئي سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ڪرايا آهن، ڪمشنري نظام بحال ٿيو آهي، تعليمي ادارن جي سرپرستي گورنر کان کسي وزير اعلى کي ڏني وئي آهي۔ تنهنڪري هي وقت جذباتي ٿيڻ جو نه پر ڪم ڪرڻ جو ۽ ان تي عمل ڪرڻ جو آهي۔ ڪم به ڪجي ۽ ميڊيا ۾ اهڙو تاثر ڇڏجي جو ڪا اڻوڻندڙ صورتحال پيدا نه ٿئي۔
جڏهن اوهان انڌي کي انڌو چوندا ته ۽ منڊي کي منڊو چئي سڏيندا ته ان کي به ڪاوڙ ايندي آهي۔ ڳالهه کي ڪرڻ جو احسن طريقو به ٿيندو آهي۔ ذوالفقار مرزا ٺهندڙ ڪمن کي ڊاهڻ جي ڪوشش پيو ڪري۔ اها ڪنهن سوبر سياستدان جي نه پر ڇڇوري سياستدان جي نشاني آهي۔ جيڪڏهن اوهان ڪنهن تي گند اڇلائيندا ته هتي پاڪ ۽ پويتر ڪوبه ناهي، اهو گند اوهان جي اڳواڻن تي به ڪرندو۔
سندس ڳالهيون سچيون ۽ کريون آهن پر ٽائمنگ تمام خراب ۽ اميچوئر سياستدان واري پئي لڳي۔ ڳالهيون ڪرڻ ، دعوائون ڪرڻ ۽ حقيقتن ۾ فرق آهي جيڪو اسان سڀ ڄاڻون ٿا۔
ذوالفقار علي مرزا جيترو بهترين جيالو ۽ سنڌ دوست آهي اوترو ان کي سپورٽ گهٽ آهي، پيپلز پارٽي هجي يا سنڌي ماڻهو، سندس سپورٽ سڀني کي لازمي ڪرڻ گهرجي ڇو ته ذوالفقار مرزا هينئر پي پي ۾ واحد اهو وزير آهي جيڪو سچ جي زبان ڳالهائي رهيو آهي باقي ته الله الله خير صلا لڳو پيو اهي۔ سائين قائم علي شاهه کان وٺي مراد علي شاهه تائين سڀ خاموش لڳا پيا آهن۔ ادا سليمان جي ڳالهه به صحيح آهي ته ڳالهه وقت ڏسي ڪبي آهي پر متحده جي پاليسين کي ڏسي اڃان ڪيترو صبر ڪجي، آستين جي نانگ وانگر هي جيئن ئي الڳ ٿيا ته ڪراچي ۾ مهاجر صوبي جا نعرا درج ٿي ويا ۽ ڪراچي اسان جو آهي آهي توهان جو ناهي جهڙا هانءُ ساڙيندڙ نعرا جن لکيا آهن انهن جي سوچ کي اڃان ڪيترو سنڌ دوست ڀانئجي۔۔؟؟ ايم ڪيو ايم وٽ اهو پاور هينئر موجود نه آهي جو اها سنڌين سان مهاڏو اٽڪائي سگهي۔ پر وري به اها ايتري قدر وڌي وئي آهي جو ان جا سينئر اڳواڻ ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ تائين حڪومت جي ڪرسي تي ويهندڙ وزير به ڏئي رهيا آهن۔ ان مان سندن سوچون ۽ مستقبل جو پلان واضح ٿئي ٿو۔۔۔
علي علي يار تون ته صفا ڪهاڙو لڳو پيو آهين ڪانچ ۽ اڳٺن تائين وڃي پهتين ، ڏاهو ٿي انٽرنيشنل فقير ڏاهو ٿي۔ باقي ادا ممتاز وگهيو، ادا اسد مست، ادا نثار ابڙو ۽ ادا حفيظ لغاري کي شاباسون آهن ته سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندڙ محترم ذوالفقار مرزا کي پنهنجي اخلاقي حمايت لفظن جي گهٽ م گهٽ ڏياريائون ئي ته سهي۔ آئون انهي سڀني سان گڏ سنڌ جي کاهوڙي دلير اڳواڻ محترم ذوالفقار مرزا کي شاباسون ڏيان ٿو جنهن سنڌ جي سپوت پُٽ وارو ڪردار ادا ڪيو آهي۔ باقي چڱا مڙس گُذريل اٺن سالن کان پوءِ مال ميڙڻ کان جُدا ٿيا آهن سو لازمي ڳالهه آهي ڇڙيون ته هڻندا نه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ !مرازا صاحب ڀلو ڪيو انهن جي ڪانچ نه به لاٿائين پر انهن جي اڳٺ ۾ هٿ ضرور وڌا اٿائين الله ڪندو انهن کي ننگو ڪري هڪ ڏينهن سنڌي سنڌ مان ڪڍندا پر اڃا ذولفقار مرزا جهڙين ليڊرن جي ضرورت آهي پر دعا ڪيو ته اهڙيون ڳالهيون جوش ۾ اچي ڪرڻ کان پوء انهن تي عمل به ٿي پر هڪ ڳاله آهي ته مرزا جيڪي لفظ دل سان چيا انهن تي مون به سلوٽ ان کي ضرور ڪيو ۔ ته سنڌ کي ڌار ڪندڙ اسان جي لاشن مٿان گذرين۔ مهاجرن کي هاڻي اها خبر ضرور پئيجي چڪي آهي ته جي سنڌ جا ليڊر بيدار ٿيا ته عوام کي بيدرا ٿيڻ ۾ دير نه ٿيندي
سائين ڳاله اسان ان ڪانچ ۽ شلوار جي ڪئي آهي جيڪا انهن کي مهامنا نواز سنڌي قوم پارائي هئي هي ته صرف ڪڇي ۾ آيا هئا ڪانچ به ڪونه هئن ۽ اڃ سنڌين کي ئي بي گهر ۽ بي لباس ڪرڻ چاهين ٿا جيڪو ايم ڪيو ايم وارا منافقت جو لباس پايون پيا وتن سنڌ ۾ رهي ڪري سنڌ جي نڪ کائي ڪري سنڌين کي ئي سنڌ ۾ا ڪڌڻ جي ڪوشس ڪري رهيا آهين اهڙن منافقن جي ننگو ڪري انهن جي چهري تان اهو منافقت جو لباس لاهڻ لاء اسان سنڌين کي سجاڳ ٿيڻ لازمي آهي نه ته ائين نه ٿي جو اسان ننڊ ۽ ئي ستا رهون ۽۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔هو اسان جي ڪانچ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔علي علي يار تون ته صفا ڪهاڙو لڳو پيو آهين ڪانچ ۽ اڳٺن تائين وڃي پهتين ، ڏاهو ٿي انٽرنيشنل فقير ڏاهو ٿي۔ باقي ادا ممتاز وگهيو، ادا اسد مست، ادا نثار ابڙو ۽ ادا حفيظ لغاري کي شاباسون آهن ته سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندڙ محترم ذوالفقار مرزا کي پنهنجي اخلاقي حمايت لفظن جي گهٽ م گهٽ ڏياريائون ئي ته سهي۔ آئون انهي سڀني سان گڏ سنڌ جي کاهوڙي دلير اڳواڻ محترم ذوالفقار مرزا کي شاباسون ڏيان ٿو جنهن سنڌ جي سپوت پُٽ وارو ڪردار ادا ڪيو آهي۔ باقي چڱا مڙس گُذريل اٺن سالن کان پوءِ مال ميڙڻ کان جُدا ٿيا آهن سو لازمي ڳالهه آهي ڇڙيون ته هڻندا نه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ !
سائين وڏي ڳالهه اها آهي ته متحده وارا ٻين جي اڳواڻ خلاف لفظ ڳالهائيندي نه ٿا ٿڪجن۔ ۽ پنهنجي اڳواڻ خلاف هڪ ٺلهو لفظ به برداشت نه ٿا ڪري سگهن۔۔ ڪالهه وري ايم ڪيو ايم جي سينئر ميمبرن زرداري کي ساڳيو ”ٽين پرسنٽ“ سڏيو آهي ۽ کيس اڻ سڌي طرح محترمه بينظير جو قاتل چيو آهي۔۔ اها ڳالهه سچي يا ڪوڙي پر ڪنهن جي اڳواڻ جي خلاف ته آهي نه۔۔۔؟؟؟ ان کان علاوه جنهن ن ليگ سان هو هينئر ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺا آهن ان جي اڳواڻن خلاف ڪجهه مهينا اڳ ايم ڪيو وارن ڪيڏا نه واهيات لفظ وات مان ڪڍيا هئا جن کي هتي نقل ڪرڻ مناسب نه ٿو لڳي۔۔ ٻيو ته ايم ڪيو ايم سانڊي جيان آهي جيڪو رنگ مٽائي ڪڏهن ڪنهن وڻ تي ته ڪڏهن وري ڪنهن وڻ تي چڙهندو وتي ٿو۔ جيڪڏهن ڌيان سان ڏسجي ته ايم ڪيو ايم نواز ليگ جي طرفان سندس اڳواڻن تي ڪيل ڇتي تنقيد تي ايترو نقصان يا شدت پسندي نه ڏيکاري هئي جهڙي ذوالفقار مرزا جي بيان تي ڏيکاري وئي آهي۔ شايد ايم ڪيو ايم ان ڳالهه کان واقف ٿي لڳي ته هينئر پيپلز پارٽي جي پاليسي مفاهمتي نه رهي آهي ۽ هو متحده کي سبق سيکارڻ جي موڊ ۾ لڳن ٿا۔۔ 3 سال متحده جا نخرا برداشت ڪندي نيٺ هاڻي پ پ وارن ايم ڪيو ايم خلاف پهريون عملي قدم ڪمشنري نظام جي بحالي ۽ گورنر جا اختيار گهٽائڻ جي صورت ۾ کنيو، جنهن سان ايم ڪيو ايم جي مينڊٽ جا ترا نڪري ويا آهن ۽ اڃان پ پ وارا ٻيو قدم کڻڻ جي تيارين ۾ آهن جيڪو ڪنهن به سخت ترين عمل تي ٻڌل ٿي سگهي ٿو۔ ان عملي قدم کان ڊڄندي اڳ ۾ ئي ايم ڪيو شايد پنهنجو دهشتگردي وارو چهرو بي نقاب ڪرڻ شروع ڪيو آهي ۽ جناح پور جي نعرن جي وٺ وٺان شروع ڪئي آهي۔۔ ان صورت ۾ ذوالفقار مرزا جهڙو رَويو اختيار ڪرڻ مناسب رهندو۔۔۔
هڪ طرح سان ڏٺو وڃي ته پ پ جي ذوالفقار مرزا جي بيان مان اهو لڳي ٿو ته پ پ وري اڻ سڌي طرح ايم ڪيو ايم کي سبق سيکارڻ لاءِ سنڌ ڪارڊ کيڏڻ شروع ڪيو آهي ۽ ذوالفقار مرزا جي بيانن جي ذريعي سنڌين جون همدرديون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي وڃي