ٿيا جن جي سونهن کي سئو سجدا۔۔۔۔۔سيال حيات

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سيال حيات طرفان آندل موضوعَ ‏14 جولائي 2011۔

  1. سيال حيات

    سيال حيات
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ايڇ ايس ٽي استاد ، ۽ آغا خان يونيورسٽي طرفان ماسٽر
    ماڳ:
    پڪا چانگ تعلقه فيض گنج ضلع خيرپور ( ميرس) سنڌ
    ٿيا جن جي سونهن کي سئو سجدا​



    ٿيا جن جي سونهن کي سئو سجدا سي ساهه سهارا ڇڏڻا پيا
    هن ڏاڍ ڏمر سان ويڙهه ڪندي ڪي پنهنجا پيارا ڇڏڻا پيا

    اي ساقي تنهنجي ساغر ۾ والله ڪوئي وِهه شامل آ
    جنهن سرڪ ڀري تنهن کي مسجد مندر ۽ منارا ڇڏڻا پيا

    جي ماڪ ۾ وهنتل مکڙيون ٿيون ڀئونرن جي جياپي جو ڪارڻ
    سي روپ نه روح کي راس آيا رنگين نظارا ڇڏڻا پيا

    جن محبوبن جي محبت م مون دين دنيا ٻئي ترڪ ڪيا
    پر ڀٽ ڌڻيءَ جي ڀونءِ سڏيو ڀورل سي ڀلارا ڇڏڻا پيا

    نڪي ڄام ڪلهي ڄارو ئي رهيو نڪي ناز نماڻي نوريءَ جا
    هئهِ هئهِ ته ڪري ڪنهن هنج چيو ڪينجهر جا ڪنارا ڇڏڻا پيا

    محبوب جڏهن مرڪيو ته ڏٺم، هي سورج سورج ڪين رهيو
    ان وقت کانپوءِ روشن روشن هي چنڊ ستارا ڇڏڻا پيا

    اڄ موت به سيال حيات اڳيان آ بيٺو ٻيجل روپ وٺي
    اڄ ٻيهر ڏياچ کي سورٺ جا سڀ انگل آرا ڇڏڻا پيا


    سيال حيات​
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ٿيا جن جي سونهن کي سئو سجدا۔۔۔۔۔سيال حيات

    نڪي ڄام ڪلهي ڄارو ئي رهيو نڪي ناز نماڻي نوريءَ جا
    هئهِ هئهِ ته ڪري ڪنهن هنج چيو ڪينجهر جا ڪنارا ڇڏڻا پيا


    تمام سٺي شاعري ۔۔۔۔۔

    لفظن جو سٽاء به لاجواب آهي ۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو