دلدار سندو ديدار نه ٿيو ، در يار ڏسي دل تڙپي ٿي۔۔۔۔سيال حيات

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سيال حيات طرفان آندل موضوعَ ‏14 جولائي 2011۔

  1. سيال حيات

    سيال حيات
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ايڇ ايس ٽي استاد ، ۽ آغا خان يونيورسٽي طرفان ماسٽر
    ماڳ:
    پڪا چانگ تعلقه فيض گنج ضلع خيرپور ( ميرس) سنڌ
    دلدار سندو ديدار نه ٿيو ، در يار ڏسي دل تڙپي ٿي


    دلدار سندو ديدار نه ٿيو ، در يار ڏسي دل تڙپي ٿي
    سنسان صفا سرطان وتل سنسار ڏسي دل تڙپي ٿي

    جهر جهنگ ڪنڊن ڪرڙن کي لتاڙي روڊ چڙهيو منهن ٽامو هوس
    ڪاوڙ مان ڏند ڪرٽي ڀڻڪيو هوءَ ڪار ڏسي دل تڙپي ٿي

    هي روز نوان محصول مڙهي مسڪينن جو ٿي ماس پٽي
    بي سرت صمم بڪم عميُُ سرڪار ڏسي دل تڙپي ٿي

    هو خوني کيڏيو نوٽن سان ڪئي خانه پوري واٽهڙو
    بي ڏوهه ڪنگال تي سچپترن وسڪار ڏسي دل تڙپي ٿي

    سالن کان سلاخن ۾ سوگهو صاحب جو ثبوت ِ شجاعت ڏس
    ڌاڙيل جوڳٽ ڳچيءَ پاتل ڌنار ڏسي دل تڙپي ٿي

    ڪنهن محنت ڪش پورهيت ۽ هنر مند کي ڏسندي ٿو هانءُ ٺري
    ڪو پنهنجي ڌرتيءَ جو ماڻهو بيڪار ڏسي دل تڙپي ٿي

    جنهن جنم ڏنو آ عيسيٰ کي تنهن پيرن ۾ ڇو ڇير ٻڌي
    هوءَ نياڻي ست قرآن سر ِ بازار ڏسي دل تڙپي ٿي

    محبوب سندي تر ۾ مون ڪيا وِک وِک تي عقيدت جا سجدا
    دلبر جي مقدس در سامهون اغيار ڏسي دل تڙپي ٿي

    ڪلهه جوڙيئين گيت بغاوت جا اڄ ساراهي صيادن کي
    جو چند سڪن تي وڪجي ويو مردار ڏسي دل تڙپي ٿي

    سِٽ سِٽ ۾ سيال حيات اسان آ پيار امن جي سئين هئين
    پر گولي بنجي گيت چيو غدار ڏسي دل تڙپي ٿي​

    سيال حيات
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: دلدار سندو ديدار نه ٿيو ، در يار ڏسي دل تڙپي ٿي۔۔۔۔سيال حيات

    محبوب سندي تر ۾ مون ڪيا وِک وِک تي عقيدت جا سجدا
    دلبر جي مقدس در سامهون اغيار ڏسي دل تڙپي ٿي


    تمام سٺي شاعري ۔۔۔

    وطن ۽ پنهنجن سان عقيدت جي شاعري
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو