• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دنيا پڙهي ٿي تن جا قائده

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
دنيا پڙهي ٿي تن جا قائده


جن جا رهيا مصمم اراده
دنيا پڙهي ٿي تن جا قائده

بادشاهن جي بيضميري جا
قوم ڀڳتي پئي خيميازه

ڪائنات ناهي قيمت هڪ جان جي
ڊالرن بدلي مظلومن جي آه

ناهي رهندو ڪنهن سان هميشه
هي دنيا جلال و جاه

سڏائي ڪو حاجي ڪو زوار
گناه کي نه ٿو سمجهي گناه

جنت و جهنم سان اسانجو ڇا
اسان واڏانهن جٿي ٻه روپيه زياده

ڪنهن دولت و جنت ڪاڻ
هڪ ڌماڪي ۾ ڪيا جنازه

هڪ آه بدلي قهري ٿيو آسمان
ناهن گناه جا تو اندازه

ڏاڏل خوب خوار ، خوار خوب
هر طرف هاڪ هلي واه واه
 
جواب: دنيا پڙهي ٿي تن جا قائده

جنت و جهنم سان اسانجو ڇا
اسان واڏانهن جٿي ٻه روپيه زياده


بلڪل حقيقت واريون ڳالهيون ۽ معاشري جي صحيح عڪاسي ٿيل
 
جواب: دنيا پڙهي ٿي تن جا قائده

جنت و جهنم سان اسانجو ڇا
اسان واڏانهن جٿي ٻه روپيه زياده


بلڪل حقيقت واريون ڳالهيون ۽ معاشري جي صحيح عڪاسي ٿيل


سائين اوهان جي پسند جي مهرباني قرب
وسلان سچ قلم جي نوڪ مان نڪري ٿو وڃي۔
 
Back
Top