ياد تون ٿو اچين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
اظهار مٺل جسڪاڻي
ڏسان جنهن پار ياد تون ٿو اچين،
هر پل تنهنجي سار، ياد تون ٿو اچين.
ٻڌان ڪو شعر، ڪنهن عاشق وٽان،
ڪيان جي ويچار، ياد تون ٿو اچين،
ٻڌي ذڪر تنهنجو، ٿيان ٿو اداس،
سوچان بار بار، ياد تون ٿو اچين.
ڏسي ساٿ ڪنهنجو دل روئي ڏنو،
هاڻي لھُ ڪا سار، ياد تون ٿو اچين.
دعا جي گهران ٿو مان هٿڙا کڻي،
ڇُٽي هر پچار، ياد تون ٿو اچين.
ڪريان ٿو نماڻو عرض هي 'اظهار'،
موٽي اچ منٺار، ياد تون ٿو اچين.
اظهار مٺل جسڪاڻي
ڏسان جنهن پار ياد تون ٿو اچين،
هر پل تنهنجي سار، ياد تون ٿو اچين.
ٻڌان ڪو شعر، ڪنهن عاشق وٽان،
ڪيان جي ويچار، ياد تون ٿو اچين،
ٻڌي ذڪر تنهنجو، ٿيان ٿو اداس،
سوچان بار بار، ياد تون ٿو اچين.
ڏسي ساٿ ڪنهنجو دل روئي ڏنو،
هاڻي لھُ ڪا سار، ياد تون ٿو اچين.
دعا جي گهران ٿو مان هٿڙا کڻي،
ڇُٽي هر پچار، ياد تون ٿو اچين.
ڪريان ٿو نماڻو عرض هي 'اظهار'،
موٽي اچ منٺار، ياد تون ٿو اچين.