• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ياد تون ٿو اچين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

عظيم بلوچ

سينيئر رڪن
ياد تون ٿو اچين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

اظهار مٺل جسڪاڻي

ڏسان جنهن پار ياد تون ٿو اچين،
هر پل تنهنجي سار، ياد تون ٿو اچين.

ٻڌان ڪو شعر، ڪنهن عاشق وٽان،
ڪيان جي ويچار، ياد تون ٿو اچين،

ٻڌي ذڪر تنهنجو، ٿيان ٿو اداس،
سوچان بار بار، ياد تون ٿو اچين.

ڏسي ساٿ ڪنهنجو دل روئي ڏنو،
هاڻي لھُ ڪا سار، ياد تون ٿو اچين.

دعا جي گهران ٿو مان هٿڙا کڻي،
ڇُٽي هر پچار، ياد تون ٿو اچين.

ڪريان ٿو نماڻو عرض هي 'اظهار'،
موٽي اچ منٺار، ياد تون ٿو اچين.
 
جواب: ياد تون ٿو اچين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ٻڌان ڪو شعر، ڪنهن عاشق وٽان،
ڪيان جي ويچار، ياد تون ٿو اچين،

ٻڌي ذڪر تنهنجو، ٿيان ٿو اداس،
سوچان بار بار، ياد تون ٿو اچين.


مهرباني ادا۔۔۔۔محترم اظهار جسڪاڻي جي لازوال شاعري۔۔۔

اوهان کي سنڌ سلامت جي سهني فورم تي ڀليڪار۔ اوهان کي عرض ته مهرباني ڪري فورم جي تعارف واري سيڪشن ۾ اچي پنهنجو تعارف ڪرايو جيئن دوستن جي اوهان سان ڄاڻ سڃاڻ به ٿئي۔
 
Back
Top