مان جڏهن سيوهڻ کان ڄامشورو طرف پنهنجي گاڏي ۾ سفر ڪري رهيو هوس ته لڪي جي جبلن جو ڏيک ۽ لهندڙ سج جو نظارو گهڻو وڻندڙ لڳي رهيو هو۔ وري ٻئي طرف سرنهن جو فصل جنهن ۾ بيٺل پيلا گُل به پنهنجي خوبصورتي طرف ڇڪي رهيا هئا۔ جبلن سان گڏ روڊ عجيب نظارو پيش ڪري رهيا هئا۔
اڄ نيٽ تي نيٽ گردي ڪندي مونکي متحده عرب اماارات جي هڪ خوبصورت روڊ جون تصويرون ڏسڻ لاء مليون۔ جيڪو دنيا جي خوبصورت ترين روڊن مان هڪ آهي۔ جبل حفيت مائونٽين روڊ 3۔7 ميل ڊگهو آهي ۽ 1229 ميٽر اوچي جبلن سان گڏ صحرا مان پڻ گذري ٿو۔ هن روڊ کي جبلن جي ور وڪڙن سبب 60 وڪڙ آهن۔ جيڪڏهن مٿان کان هن جو نظارو ڏسجي ته نانگ جي ور وڪڙن وارو رستو لڳندو آهي۔