• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ميڊيڪل اسٽورن تي نقلي دوائن جو وڪرو

گل حسن لاکو

سينيئر رڪن
مهرالله ٻرڙو عوامي آواز مئگزين جي ٿورن سان

تَڏهن ڦَڪِيُون فَرق ڪَن
جڏهن اَمر ڪريو ان کي.
هتي ته ڳالهه نقلي دوائن جي ٿي رهي آهي ڇا نقلي دوائون به الله تعاليٰ جي حڪم سان فرق ڏينديون؟ بيماري به الله پاڪ خلقي آ ته شفا به، پر جڏهن ڪنهن مريض کي نقلي دوا ڏبي آهي ته ڇا اهو ٺيڪ ٿي سگهندو ان جي اها بيماري ته هڪ پاسي پر اهي نقلي دوائون ويتر ان کي بيمار ڪري ڇڏينديون.
ڪرپشن اسان جي ملڪ جون پاڙون ڪمزور ڪري ڇڏيون آهن.
ميڊيڪل اسٽورن تي نقلي دوائون وڪرو ڪرڻ به ان ڪرپشن جي ڪري آهي. نقلي دوائون وڪرو ڪرڻ هڪ ڪاروبار ٿي چڪو آهي جيڪو صرف ٿوري ٽائيم ۾ گهڻو پئسو ڪمائڻ لاءِ ڪجي ٿو. ان ڪم ۾ تمام گهڻيون ڪمپنيون شامل آهن ۽ اهي ڊاڪٽر به جيڪي پنهنجي ڊگري وٺڻ وقت اهو قسم کڻندا آهن ته اهي صرف انسان ذات جي خدمت ڪندا.
سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته انساني فطرت ڪهڙي آهي؟ جيڪي صرف چند پئسا ڪمائڻ لاءِ ٻئ انسان جي زندگي داءُ تي لڳائي ڇڏي ٿي، ڇا اها انسانيت آهي؟ ڇا انساني زندگي جي قيمت نقلي دوائن جي وڪرو ڪري منافعو ڪمائڻ کان به گهٽ آهي، افسوس جو مقام آهي!
مسئلو اصل اهو آهي ته حڪومت انهن ڪمپنين لاءِ ڪوئي قانوني قدم ناهي کنيو ۽ نه ئي انهن ميڊيڪل اسٽورن جي چيڪنگ ڪئي وڃي ٿي. جتي نقلي دوائن جو وڪرو عروج تي آهي ۽ کلي عام اُهي نقلي دوائون وڪرو ٿي رهيون آهن جنهن جو سڌو سنئون اثر صرف غريب عوام تي پوي ٿو جيڪو پنهنجي پگهر جي ڪمائي صرف انهن نقلي دوائن تي خرچ ڪيو ڇڏين ٿا ۽ ان مان ڪوبه فائدو نٿو پهچي. اڄڪلهه جي مهانگائي واري دور ۾ جتي غريب عوام لاءِ ٻه ويلا ماني کائڻ به مشڪل آهي. اتي هو بيماري کان نجات لاءِ نقلي دوائون وٺي ٿو، جيڪي فائدو به نٿيون ڪن ۽ پئسا به حرام ٿين ٿا.
حڪومت کي گهرجي ته اهو سستو ڪاروبار بند ڪرڻ لاءِ جلد کان جلد اُپاءُ وٺي ۽ انهن ماڻهن کي سزا ڏئي جيڪي ان ڪاروبار جا ذميوار آهن، ۽ انهن ڊاڪٽرن خلاف پڻ قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي جيڪي اهڙيون دوائون هلائين ٿا.
۽ انهن ڪمپنين جي ڄاڻ وٺي انهن کي بند ڪري ۽ اهڙيون نقصان ڪار دوائون ٺاهڻ کان روڪي، ته جيئن غريب عوام انهيءَ دوکي ۽ فريب مان آزاد ٿي سگهي ۽ عوام خوشحال ۽ صحتمند زندگي گذاري جيڪو ان جو قدرتي حق آهي
 
جواب: ميڊيڪل اسٽورن تي نقلي دوائن جو وڪرو

هزارون هي شڪوي هين ڪيا ڪيا بتائون ۔۔۔؟ انڌير ننگر چرپٽ راجا ۔۔۔ چون ٿا ته جهنگ جي قانون ۾ به انصاف هوندو آهي جو شينهن جڏهن بکيو ٿيندو آهي ته شڪار ڪندو آهي پر هت ته ماڻهن جا پيٽ وڌي ڦاٽڻ تي اچي پهتا آهن پر انهن جو پيٽ آهي ڄڻ ڪي هماليه جا جبل، يا وري ڦوڪڻي جيئان وڃن ٿا ڀربا ۔۔۔

الامان ۔۔۔ انسان جي اندر بي ايماني ايتري جو ڏسي ۔۔۔ توبهه بوبهه ڪرڻي ٿي پوي ۔۔ ڪجهه ڏينهن هڪ دوست هڪ افسانو ونڊ ڪيو هو جنهن ۾ هڪ باز ڌرتي تي لهي اچي ٿو پر جڏهن انسانن جا پرڪار ڏسي ٿو ته توبهه ڪري وڃي پچڙن کي ٻڌائي ٿو ته انسان جي دنيا ۾ ڪڏهن نه وڃجو ”

۽ اهو باز جيڪڏهن سنڌ ۾ لهي اچي ها ته سندس دل جو دورو پوي ها ۽ اتي ئي مري وڃي ها ۔۔۔

الله پناه ۾ رکي بي ايمان انسان کان ۔۔۔ پنهنجي پيٽ ۾ باهه جا خزان ٿا ڀرن
 
جواب: ميڊيڪل اسٽورن تي نقلي دوائن جو وڪرو

جتي انساني قدرن کان معاشرو عاري هجي ته ان ۾ اهڙيون برايون جنم وٺنديون آهن ۔ ان معاشري ۾ انساني غيرت و جان جي ڪا قيمت ناهي هوندي ۔ هي اهي عمل آهن جو نتيجو فطري آهي اسان دعا به ڪندا آهيون ته بس الله خير ڪري ادا الله ته خير ئي ڪيو آهي انسان برائي پيو ڪير سڄڻ ۔ وسلام
 
جواب: ميڊيڪل اسٽورن تي نقلي دوائن جو وڪرو

ادا لاکا صاحب مهربانيون هن شيئرنگ جون

ڇا ڪجي ، پنهنجا ماڻهو ، پنهنجا پيارا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پوء به هي ظلم پيو ٿئي۔ نه ته ڪو ٻڌڻ وارو آهي ۽ نه ئي وري ڪو ورنائڻ وارو۔
 
Back
Top