ڪراچي جا اهي علائقا ۽ اهي روڊ جن جا نالا تبديل ڪيا ويا

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 جولائي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    [JUSTIFY]ڪراچي جا اهي علائقا ۽ اهي روڊ جن جا نالا تبديل ڪيا ويا[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]هينئر جتي اسٽيل مل آهي، اهو ديهه ٻاڪراڻ جو علائقو آهي. هن وقت جتي اسٽيل مل جو مين پلانٽ آهي اتي چوڪنڊي طرز اڏاوت تي شيخ محمد جي نالي سان هڪ وڏو قبرستان هو.

    لانڍي کان ملير ڏانهن ايندي ملير پل جتي ٿڌو ۽ سڪڙ مين، ملير نئين ۾ شامل ٿي سمنڊ ڏانهن وڃن ٿيون، جي اولهه پاسي گدڙ ڪالوني جو علائقو آهي. اهو علائقو تپي لانڍي ۾ آهي. گدڙ ڪالوني واري علائقي کي ”شيخ واري“ چيو ويندو هو. هن علائقي ۾ جهنگ هجڻ ڪري اتي گدڙ جام هوندا هئا ان ڪري هن علائقي کي گدڙ ڪالوني چوڻ شروع ڪيو ويو، هينئر ان جو سرڪاري نالو مظفر آباد آهي.

    مشين ٽول فيڪٽري لڳ ريلوي ڦاٽڪ آهي. هن ڦاٽڪ کي حمايتن جا در چيو ويندو هو ڇاڪاڻ ته هتي ريلوي ڦاٽل تي در هوندا هئا. جمعا حمايتي پراڻو ڳوٺ هو، ان نسبت اهي حمايتي جا در مشهور هئا.

    جامعه مليه ڪراچي جي جاءِ تي گوڪل داس اسڪول هوندو هو جتي آس پاس جي ڳوٺن جا ماڻهو اچي تعليم حاصل ڪندا هئا ۽ پوءِ گوڪل داس کي جامعه مليه ۾ تبديل ڪيو ويو.

    ملير کان ايئر پورٽ ڏانهن وائرليس گيٽ جي سامهون هن وقت ڇوٽا گيٽ جو اسٽاپ آهي. ڪنهن زماني ۾ هن کي موريو ڳوٺ اسٽاپ چيو ويندو هو. اهو ”موريو ڳوٺ“ هاڻي ”ڇوٽا گيٽ“ ٿي ويا آهي.

    ناٿا خان پل جي ڏکڻ پاسي وارو علائقو ناٿا خان پنهور جو ڳوٺ هوندو هو. ناٿا خان مالوند ماڻهو هو.

    لي مارڪيٽ کان سٽي ڪورٽ ڏانهن ويندي نگار سينيما کان پوءِ نانڪ واڙي جو علائقو آهي هتي به واڙو هو ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ حوض هوندو هو. اڄ به اهو علائقو عام ماڻهن وٽ نانڪ واڙو آهي پر هن علائقي کي بعد ۾ ايندڙ ماڻهن هري مسجد جو نالو ڏنو.

    سول اسپتال جي پوئين پاسي راجا مينشن جو علائقو آهي جتي راجا مينشن بلڊنگ ۾ پوليس ٿاڻو به انهيءَ نالي سان هوندو هو پر هن علائقي جو نالو تبديل ڪري عيد گاهه رکيو ويو ۽ ٿاڻي جو نالو به عيد گاهه پوليس اسٽيشن رکيو ويو آهي.

    ريڊيو پاڪستان کان وٺي اردو بازار ۽ هاڻوڪي رتن تلاءُ وارو پورو علائقو رتن تلاءُ هو پر هن جي اڌ حصي کي اردو بازار ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ رتن تلاءُ هڪ ننڍي علائقي تائين سوڙهو ٿي ويو آهي.

    رام باغ جو علائقو جتي ڪنهن زماني ۾ تيرت آستان ۽ باغ هوندو هو. هن علائقي لاءِ اهو به چيو وڃي ٿو ته لنڪا کان هنگلاج ويندي رام، سيتا ۽ رام جو ڀاءُ لڪشمڻ هتي ترسيا هئا جنهن ڪري اهو علائقو رام باغ جي نالي سان مشهور ٿي ويو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هن علائقي جو نالو آرام باغ ۾ تبديل ڪيو ويو.

    1850ع ۾ مسٽر بارٽل فريئر ڪمشنر مقرر ٿيو. هن جي نالي سان ميٽرو پول هوٽل جي سامهون هڪ باغ جنهن ۾ فريئر هال ۽ لائبريري به ٺهرائي وئي. ان هال جو نالو بدلائي صادقين گيلري ۽ لائبريري جو نالو لياقت لائبريري رکيو ويو ۽ ان باغ جو نالو بدلائي باغ جناح رکيو ويو.

    انهن کان سواءِ هيٺِن رستن ۽ جاين جا به نالا تبديل ڪيا ويا جيڪي مختصر طور هيٺ ڏجن ٿا:

    بندر روڊ (مهاتما گانڌي روڊ) جنهن جو هاڻوڪو نالو ايم اي جناح روڊ آهي۔ برنس روڊ هاڻوڪو نالو محمد بن قاسم روڊ، هيو لاڪ روڊ هاڻوڪو نالو ايوان صدر روڊ، انگل روڊ هاڻوڪو نالو سرور شهيد روڊ، ڪچهري روڊ هاڻوڪو نالو ڊاڪٽر ضياءُالدين روڊ، فريئر روڊ هاڻوڪو نالو شارع لياقت، مشن روڊ هاڻوڪو نالو بابائي اردو روڊ، لارينس روڊ هاڻوڪو نالو نشتر روڊ، ڊرگ روڊ هاڻوڪو نالو شارع فيصل روڊ، وڪٽوريا روڊ هاڻوڪو نالو عبدالله هارون روڊ، رام باغ روڊ هاڻوڪو نالو آرام باغ روڊ، هيرس روڊ هاڻوڪو نالو آغا خان روڊ، ميڪلوڊ روڊ هاڻوڪو نالو آءِ آءِ چندريگر روڊ، پرنس اسٽريٽ هاڻوڪو نالو چاند بي بي اسٽريٽ، نيپيئرس بيرڪس هاڻوڪو نالو لياقت بيرڪس، نيپيئر روڊ هاڻوڪو نالو مير ڪرم علي ٽالپر روڊ، واڌو مل اوڌا رام روڊ هاڻوڪو نالو طاهر يوسف الدين روڊ، نيو ڪوئنز روڊ هاڻوڪو نالو مولوي تميدالدين روڊ، انور ائٽري روڊ هاڻوڪو نالو آر ڪياني روڊ، سمرٽ اسٽريٽ هاڻوڪو نالو راجا عضنفر علي خان روڊ، سائوٿ نيپيئر روڊ هاڻوڪو نالو الطاف حسين روڊ، بارنيس اسٽريٽ هاڻوڪو نالو جميله اسٽريٽ، الفنسٽن اسٽريٽ هاڻوڪو نالو زيب النسا اسٽريٽ، ڪناٽ روڊ هاڻوڪو نالو چوڌري محمد علي روڊ، گرانن روڊ هاڻوڪو نالو حسرت موهاڻي روڊ، ڪنٽري ڪلب روڊ هاڻوڪو نالو يونيورسٽي روڊ، پيريڊي اسٽريٽ هاڻوڪو نالو علامه درس اسٽريٽ، پٽيل پارڪ هاڻوڪو نالو نشتر پارڪ، ٽڪنڊو پارڪ هاڻوڪو نالو عالمگير روڊ وغيره وغيره.

    (گل حسن ڪلمتي جي ڪتاب ”ڪراچي : سنڌ جي ماروي“ جي هڪ مضمون تان ورتل چونڊ ٽڪرا)
    [/JUSTIFY]
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪراچي جا اهي علائقا ۽ اهي روڊ جن جا نالا تبديل ڪيا ويا

    ادا تمام بهترين معلومات آهي ۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪراچي جا اهي علائقا ۽ اهي روڊ جن جا نالا تبديل ڪيا ويا

    مهرباني

    ليک کي پسند ڪرڻ جي
     
  4. محسن علي

    محسن علي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 آگسٽ 2010
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڪراچي جا اهي علائقا ۽ اهي روڊ جن جا نالا تبديل ڪيا ويا

    معلومات سٺي آهي ڀاء پر پڙهندي پڙهندي اهڪ خيال آيو سنڌي پهريان انگريزن نالن جي روڊن تي هلندا هو ۽ اڃ ڌارين جي نالن تي
    آزادي مان ڪهڙ فائدو ٿيو۔۔۔
     
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: ڪراچي جا اهي علائقا ۽ اهي روڊ جن جا نالا تبديل ڪيا ويا

    ڇو ته پهرين اسان انگريزن جا غلام هئاسين ۽ هاڻي لاهور جا جنهن جو نالو پاڪستان آهي۔
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪراچي جا اهي علائقا ۽ اهي روڊ جن جا نالا تبديل ڪيا ويا

    ادا سليمان معلومات لاءِ ٿورا۔۔۔ سائين گل حسن جو بهترين ليک۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو