اُٺو رِندو پيئو جامِ قلندر (راڳي جانب علي بلاولي)

'سنڌ سلامت شوڀز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏15 جولائي 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    [JUSTIFY]دوستو اسان جي پاڙي ۾ حاجي سڀاڳو فقير جو آستانو آهي اتي اٺين شعبان تي ٻن ڏينهن واري عرس مُبارڪ جو تقريبون ٿيون، جيئن ته پاڙي جي ڪري انهي عرس مُبارڪ ۾ شريڪ ٿيڻ جي مونکي به دعوت به هُئي جيئن ته مقامي فنڪارن جي تنظيم الفقرا وارن انهي عرس واري تقريب ۾ صوفيانه ڪلامن جي محفل به منعقد ڪئي ، اسان جي سنڌ سلامت جي راڳِي جانب علي بلاولي جيڪو موجوده ڏينهن ۾ ڪي ٽي اين ۽ وزرات سنڌ ثقافت جي تعاون سان راڳ رنگ جي سنڌ سپر اسٽار جي مقابلي جي چٽاڀيٽي ۾ تمام شاندار نموني سان اڃان تائين مقابلو کٽيندو اچي به هن صوفيانه رنگ واري محفل ۾ شريڪ ٿيو، سو مناسب موقعو ڄاڻي سندس صوفيانه رنگ وارو هي گيت اُٺو رِندو پيئو جام قلندر سنڌ سلامت واسطي رڪارڊ ڪري ورتم، دوستو مونکي خبر آهي ته هن رڪارڊنگ ۾ کوڙ ساريون ٽيڪنيڪلي خاميون ضرور هونديون پر ان هوندي به منهنجي لا اها فخر جي ڳالهه آهي ته هي رڪارڊنگ خالص سنڌ سلامت واسطي آهي ۽ هي وڊيو سئو فيصد سنڌ سلامت جي پنهنجي فخريه ڪاوش آهي ، دوستو جيڪڏهن توهان سنڌ سلامت جي راڳي جانب علي بلاولي کي پنهنجي ايس ايم ذريعي ووٽ ڪرڻ چاهيو ته ٽي دفعا s s s لکي اسپيس ڏيئي جانب علي بلاولي جو ڪوڊ نمبر 09 لکي 6969 تي ايس ايم ايس ڪري ڇڏيو ته جيئن سنڌ ۽ سنڌ سلامت جو هي راڳي توهان جي اوپن ووٽ ذريعي به پنهنجا پوائنٽ وڌائي سگهي ۽ ڪي ٽي اين ۽ سنڌ وزرات ۽ ثقافت پاران ڪرايل موسيقي جي بنياد تي سنڌ سپر اسٽار جو مقابلو کٽي سگهي۔ هاڻي پيش آهي سنڌ سلامت جي خالص پنهنجي پيشڪش[/JUSTIFY]

    اُٺو رِندو پيئو جامِ مُحبت​


     
  2. سيد بشارت حسين

    سيد بشارت حسين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2011
    تحريرون:
    53
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: اُٺو رِندو پيئو جامِ قلندر (راڳي جانب علي بلاولي)

    سائين نثار صاحب اوهان تمام بهترين ويڊيو ونڊ ڪيو آهي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي اوهان جا لک ٿورا۔
    اسان جون دعائون ۽ اسان جا ووٽ اسان جي سنڌ سلامت جي نوجوان راڳي جانب علي بلاولي سان آهن۔
    انشاءَالله ڪي ٽي اين ۽ سنڌ وزرات ۽ ثقافت پاران ڪرايل موسيقي جي بنياد تي سنڌ سپر اسٽار جو مقابلو به جانب علي بلاولي کٽيندو۔
    ونڊ ڪرڻ جي مهرباني۔
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: اُٺو رِندو پيئو جامِ قلندر (راڳي جانب علي بلاولي)

    محترم سائين موٽي اچڻ تي اسان اوھان کي ڀلي ڪار ٿا چئون۔
    اوھان جون خدمتون سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم جي لا تمام گهڻيون آھن۔۔۔ڪڏھن ڪڏھن ائين لڳندو آھي ته اوھان هر فن مولا سنڌي آھيون۔
    هي ڪلام مان ڊائونلوڊ تي لڳايو آھي۔۔۔تمام سھڻو ۽ سٺو ڪلا آھي۔۔۔۔لک لائق ٿورا۔
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: اُٺو رِندو پيئو جامِ قلندر (راڳي جانب علي بلاولي)

    هميشه وانگر سنڌ سلامت جي سر پرست اعلي ۽ اسان جي محترم نثآر احمد ناز جييڪو سنڌ سلامت جي سر پرست هئڻ سان گڏوگڏ سنڌ سلامت شوبز سيڪشن جو تمام گهڻو فعال ڪارڪن پڻ آهي اڃ به تمام سٺي پيش ڪش کڻي اسان سامهون پيش ڪئي اٿائون سنڌ سلامت جي هن پياري ۽ هر دل عزيز ميمبر جانب علي صاحب جو هي صوفياڻو ڪلام يقينن انهن جي طرفان سنڌ سلامت لاء اسپيشلي طور تي ۽ پهنجي ٻڌندڙن لاء عمومي طور تي تمام بهترين گفٽ آهي اسان سنڌ سلامت جي انتظاميه طرفان بلاول علي کي اهڙي پييش ڪش پيش ڪرڻ تي مبارڪ باد ۽ کوڙ ساريون دعائون پيش ڪيون ٿا ۽ انهن جي ڪاميابي لاء دعاگو آهيون ته هو ڪي ٽي اين جي مقابلي ۾ ڪاميابي ماڻين ۔ سائين نثآر اوهان جا لک ٿورا جو هميشه وانگر اوهان محنت ڪري وري وڏي ڳاله ته ايتري محنت سان ويڊيو اپلوڊ ڪئي آهي جيڪا تمام گهڻو ٽآيم وٺندي آهي اوهان جي ان محنت مان ظاهر آهي ته اوهان کي سنڌ سلامت ۽ انهن جي ميمبرن سان ڪيتري محبت ۽ عقيدت آهي ۔۔۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اُٺو رِندو پيئو جامِ قلندر (راڳي جانب علي بلاولي)

    محترم سيد بشارت حُسين شاهه جون مهربانيون جو کين سنڌ سلامت جي پنهنجي پيشڪش بهترين لڳي دوست توهان جون همت افزايون مون پوڙهي ۽ جهوني لا تمام گهڻي پاٻوهه جو پيغام آهن، توهان جون نيڪ تمنائون ۽ دُعائون ٽنڊو محمد خان جي راڳي جانب علي بلاولي تائين پهچايون ويون آهن منهنجو ايمان آهي ته سيد جون دعائون ضرور رب پاڪ جي در اگهامنديون آهن راڳي جانب علي بلاولي هاڻي يقينن سنڌ سپر اسٽار وارو مقابلو کٽيندو لک لائق ادا۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اُٺو رِندو پيئو جامِ قلندر (راڳي جانب علي بلاولي)

    سائين نثار ناز سلام

    گهنن ڏينهن کانپوء اوهان جي لاجواب سرگرمين ۽ لازوال شيئرنگ ڏسي اوهان لاء دعائون نڪتيون ۽ اوهان کي سلام ڪرڻ تي دل چيو۔ بلاولي سٺي آواز جو مالڪ آهي۔ سندس ڪلام ڳائڻ جو انداز به وڻيو۔ اسان جون دعائون ۽ اسان جو ووٽ بلاولي لاء آهي۔

    يقينن اوهان کي گهڻي محنت ڪرڻي پئي هوندي هن وڊيو کي اپلوڊ ڪرڻ ۾۔ بجلي جي صورتحال هتي به ساڳي آهي۔ اميد ته سنڌ سلامت جو اسٽوڊيو وارو سيڪشن وري پنهنجي اوج تي هوندو ۽ سنڌ سلامت جي مقبوليت ۾ پڻ اضافو ٿيندو۔

    لک ٿورا
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: اُٺو رِندو پيئو جامِ قلندر (راڳي جانب علي بلاولي)

    سائين نثار ناز
    اسلام عليڪم
    ادا توهان جي هر دفعي وانگر هي ونڊ به ناياب آهي
    وڏي مهرباني اوهان جي ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو