نثارناز
سينيئر رڪن
دوستو اسان جي پاڙي ۾ حاجي سڀاڳو فقير جو آستانو آهي اتي اٺين شعبان تي ٻن ڏينهن واري عرس مُبارڪ جو تقريبون ٿيون، جيئن ته پاڙي جي ڪري انهي عرس مُبارڪ ۾ شريڪ ٿيڻ جي مونکي به دعوت به هُئي جيئن ته مقامي فنڪارن جي تنظيم الفقرا وارن انهي عرس واري تقريب ۾ صوفيانه ڪلامن جي محفل به منعقد ڪئي ، اسان جي سنڌ سلامت جي راڳِي جانب علي بلاولي جيڪو موجوده ڏينهن ۾ ڪي ٽي اين ۽ وزرات سنڌ ثقافت جي تعاون سان راڳ رنگ جي سنڌ سپر اسٽار جي مقابلي جي چٽاڀيٽي ۾ تمام شاندار نموني سان اڃان تائين مقابلو کٽيندو اچي به هن صوفيانه رنگ واري محفل ۾ شريڪ ٿيو، سو مناسب موقعو ڄاڻي سندس صوفيانه رنگ وارو هي گيت اُٺو رِندو پيئو جام قلندر سنڌ سلامت واسطي رڪارڊ ڪري ورتم، دوستو مونکي خبر آهي ته هن رڪارڊنگ ۾ کوڙ ساريون ٽيڪنيڪلي خاميون ضرور هونديون پر ان هوندي به منهنجي لا اها فخر جي ڳالهه آهي ته هي رڪارڊنگ خالص سنڌ سلامت واسطي آهي ۽ هي وڊيو سئو فيصد سنڌ سلامت جي پنهنجي فخريه ڪاوش آهي ، دوستو جيڪڏهن توهان سنڌ سلامت جي راڳي جانب علي بلاولي کي پنهنجي ايس ايم ذريعي ووٽ ڪرڻ چاهيو ته ٽي دفعا s s s لکي اسپيس ڏيئي جانب علي بلاولي جو ڪوڊ نمبر 09 لکي 6969 تي ايس ايم ايس ڪري ڇڏيو ته جيئن سنڌ ۽ سنڌ سلامت جو هي راڳي توهان جي اوپن ووٽ ذريعي به پنهنجا پوائنٽ وڌائي سگهي ۽ ڪي ٽي اين ۽ سنڌ وزرات ۽ ثقافت پاران ڪرايل موسيقي جي بنياد تي سنڌ سپر اسٽار جو مقابلو کٽي سگهي۔ هاڻي پيش آهي سنڌ سلامت جي خالص پنهنجي پيشڪش
اُٺو رِندو پيئو جامِ مُحبت