• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽڪر ٿيو اچانڪ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!!

[CENTER]
غزل​
[/CENTER]
شاعر: علي چوهاڻ کيبرائي​

نظر جو نظرَ سان ٽڪرُ ٿيو اچانڪ،
الائي ته ڪهڙوچڪر ٿيو اچانڪ.

اسان جي صبُرَ جا ٽُٽا بند سارا،
جڏهن تنهنجي ڀرِ مان گذر ٿيو اچانڪ.

جتي آستانو جنن جو اڳي هو،
اهويار منهنجو به گھر ٿيو اچانڪ.

اسان اڻسهو ۽ اڻ موٽ ماڻهو،
اسان تي حُسِنَ جو اثر ٿيو اچانڪ.

سڄي رات پنهنجي،غريبيِ ۽ سوچون
خبر ڪانه پئي ڪا،صحر ٿيو اچانڪ.

”عـــــلــي“ مون به جنهن کي هو پوڄيو ۽ چاهيو،
اُهو شخص دل جو پٿر ٿيو اچانڪ...​
 
Back
Top