• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چين ۾ ڏهه لک ويب سائيٽس بند ڪرڻ جي ڪارروائي

گل حسن لاکو

سينيئر رڪن
چين ۾ اختيارين فحش ويب سائيٽس خلاف ڪارروائي ڪري گذريل سال ڏهه لک ويب سائيٽس بند ڪري ڇڏيون، هڪ سرڪاري ٿنڪ ٽئنڪ چائنيز اڪيڊمي آف سوشل سائنسز جو چوڻ آهي ته سال 2010ع جي آخر تائين ان کان گذريل سال جي مقابلي ۾ ملڪ ۾ ايڪيتاليهه سيڪڙو ويب سائيٽس رهجي ويون هيون.
چين ۾ اختيارين چند سالن ۾ انٽرنيٽ تي قاعدن ضابطن کي سخت ڪيو آهي ۽ انهن سن 2009ع ۾ فحش ويب سائيٽس خلاف سخت ڪارروائي شروع ڪئي هئي.
اڪيڊمي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته اهڙي ڪا لنڪ ناهي جيڪا اهو ٻڌائي ته چين ۾ انٽرنيٽ تي اظهار جي تمام گهڻي آزادي آهي. ان جو مطلب آهي ته اسان جي نگراني سخت ۽ قانونن کي سختيءَ سان لاڳو ڪرڻ جو حڪمرانن جو رويو وڌي ويو آهي.
ليوريو شينگ جو چوڻ آهي ته ويب سائيٽس جي انگ ۾ گهٽتائي ٿيڻ باوجود انٽرنيٽ جي صفحن ۾ اضافو ٿيو آهي جيڪو 2010ع ۾ 60 ارب تائين پهچي ويو هو، سندن چوڻ موجب اهو اضافو ان کان گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 79 سيڪڙو وڌيڪ آهي.
شهري انساني حقن جا علمبردار چين ۾ ويب سائيٽس جي سينسر اختيارين تي تنقيد ڪن ٿا، جيڪي انٽرنيٽ تي چين جي گريٽ فائر وال جي نالي سان پنهنجو تسلط برقرار رکن ٿا.
چين ۾ ڪيتريون ئي ويب سائيٽس اهڙيون آهن جن تائين پهچ عام طور ناممڪن ڪئي وڃي ٿي، جيئن چيني ٻوليءَ ۾ بي بي سي سروس جي ويب سائيٽ ۽ سوشل ويب سائيٽس جن ۾ فيس بوڪ، يو ٽيوب ۽ ٽيوٽر شامل آهن
 
جواب: چين ۾ ڏهه لک ويب سائيٽس بند ڪرڻ جي ڪارروائي

تامام سٺي ڳاله آهي برائي کي روڪڻ گهرجي بابا
 
Back
Top