• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ منهنجي امڙ

مظهر شاه

سينيئر رڪن
.
سنڌ منهنجي امڙ
سنڌ منهنجي امڙ
اوپياري امڙ
مان ڇو نه روئان
مان ڇو نه روئان
توتي وار ٿيندا رهن
ڌاريا تو کي لٽيندا رهن
مان ڏسندو رهان
بس لڇندو رهان
نه دانهن ڪيان
نه چُپ رهان
بس لڇندو رهان
مان ڇو نه روئان
مان ڇو نه روئان
ڪري دانهون الا مان ڇاتي پٽيان
تو کي پنهنجو ڀلا هاڻي ڪئين ڪيان
توکي اکڙين ۾ پنهنجي واري ڍڪيان
سنڌ منهنجي امڙ
اوپياري امڙ
مان ڇو نه روئان
مان ڇو نه روئان.

مظهرشاه
 
جواب: سنڌ منهنجي امڙ

سائين مٺڙا مظهر شاه صاحب، رب اوهانکي پنهنجي پناهه ۾ رکي، جيتوڻيڪ حالتون ته روئڻ پٽڻ واريون آهن ۔۔۔ پر وري به اسانکي پاڻ سنڀالڻو پوندو ۽ سنڌيت جي خاطر ڏک برداشت ڪري سنڌين کي سمجهائڻ وارو ڪم، سنڌين کي صحي راهه ڏيکارڻ وارو ڪم جاري رکڻو پوندو؛ ڪجهه آءُ به اڳڀري ٿيان، جي مصداق اسان سڀني کي اڳتي وڌي سنڌيت کي بچائڻو آهي ۔۔۔ سنڌين ۾ موجوده خرابيون ڏور ڪرڻيون آهن ۔۔۔

اوهانجي هي دانهن حب الوطنيءَ جي دانهن آهي ۔۔۔ رڙ آهي، اسان سڀني کي ننڊ مان اٿارڻ جو سڏ آهي ۔۔۔ سڏ ڪندا رهو من ڪو سڏر ورنائجي پوي ۔۔۔

لک ٿورا ۔۔۔۔
 
جواب: سنڌ منهنجي امڙ

توکي اکڙين ۾ پنهنجي واري ڍڪيان
سنڌ منهنجي امڙ
اوپياري امڙ
مان ڇو نه روئان
مان ڇو نه روئان.


هن وقت جي حالتن کي ڏسي ۽، تمام سهڻيون سٽون

حب الوطني ۽ ڌرتي سان پيار جو اظهار
 
جواب: سنڌ منهنجي امڙ

اوهان دوتن جون مهربانيون هن وقت جي حالتن کي ڏسي سچ ت هاڻي رئڻ ٿو اچي الله اسانجي سنڌ درتي کي بچائيندو


افسوس اهيو اهي ت پنهنجا ب ساٿ ن ٿا ڏين
 
Back
Top