• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شبِ برائت اعلانِ بيزاري مگر ڪنهن کان

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن

شبِ برائت اعلانِ بيزاري مگر ڪنهن کان
شب برائت جي لفظي معنى شب معنيٰ رات برائت معنى ڇوٽڪارو يعني ڇوٽڪاري واري رات. هي ڇوٽڪارو ڇا کان آهي اهو موضوع ته بعد ۾ ڇيڙيندا سين پهريان هن رات جي حوالي سان اسان جي معاشري ۾ ملهائيجندڙ خوشيون ۽ ان جي پٺيان ڪجھ ڳالهيون جي اسان وٽ جابجاءِ هونديون آهن. ننڍا هوندا ها سين ته هي ڏينهن عيد جي طور ملهايو ويندو هو. جنهن کي ڄياٽين واري عيد سڏيو ويندو هو. ۽ اڄ به اسان جي ٻهراڙين ۾ ان کي عيد جي طور ملهايو ويندو آهي . وڏيون خوشيون ڪيون وينديون آهن . گهرن ۾ ختم درود وغيره جا پروگرام ڪيا ويندا آهن وغيره. قطعي نظر ان جي ته اهو غلط اهي يا صحيح جڏهن هتي آيا سون يا چئجي ته پڙهي لکي ماحول ۾ آيا سين ته هتي هن رات کي بطور عيدنه پر هي رات اعمال جي رنيوئل جي رات آهي ان ڏينهن انسانن جي مقدرن جو فيصولو ڪيو ويندو آهي . لهٰذا اڄ موبائيل و ميڊيا جو زمانو آهي ميسيجن جي ڀرمار آهي مثال
Sorry this is a special sorry to u from meplz excuse my all mistakesbefore 15 shabanon 14 shaban before maghribprayer . our aamal nama is going to be changed .
اب آگي اردو انگريزي ۾ لکي جاتي هي جاني انجاني ۾ ميري ذات سي آپ ڪي باري ۾ آپ ڪي ذات ڪو ڪوئي تڪليف پنهنچي هو تو يا ڪبهي آپ ڪي غيبت ڪي هو تو مجهي معاف ڪردين.
(ترجمو معزرت هي خاص معزرت آهي توهان کان براءِ مهرباني ڪري مونکي 15 شعبان جي رات کان پهريان يعني 14 شعبان جي مغرب نماز کان پهريان معاف ڪندا ڇو جو ان رات اسان جا اعمال نامه تبديل ٿيڻ وارا آهن منهنجي ذات کا اوهان جي ذات کي ڪو اڻڄاڻائي ۾ اهنج پهتو هجي عا توهان جي باري ۾ ڪا غيبت ٿي هجي ته معاف ڪجو. وسلام.) جڏهن هتي ڪراچي جهڙي شهر يا چئجي ڳوٺ مان نڪري شهر ۾ آيا سون ته هن رات جي افاديت هن طور سامهون آئي ان ڪري هي رات عبادت ڪري گذاري وڃي ٿي خيراتون ڪيون وڃن ٿيون ۽ الائي ڪيتريون رسمون آهن جيڪي هن رات سان جڙيل نظر اچن ٿيون.. گو ڪه ڪجھ اهڙا خيال رکندڙ ماڻهون به آهن ته هن رات جي حقيقت قرآن و احاديث کان ظاهر ناهي . منهنجو موضوع اهو ناهي ته آءُ ان بحث ۾ پوان هي قرآن و سنت يا احاديث کان ظاهر آهي يا ناهي. ليڪن انهن کان سوال هڪ ضرور آهي جيڪو شخص ڪنهن حوالي سان پنهنجي گناهن جي معافي ٿو وٺي ته ان ۾ حرج ڪهڙو آهي . اسان وٽ جتي ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تان خونريزي ، سالها سال جون رنجشون نه ختم ٿيندڙ دشمنيون انتهائي قتل غارت گيري جا واقعات آهن آءُ ٻن قومن جي جهيڙي جن جو قومن جو نالو کڻڻ آءُ مناسب نه ٿو سمجهان ۾ ان ڳالھ تان جهيڙو ٿيو، ٻه همراه مخالف سمتن تان هڪ ٻَنَي تان اچي رهيا ها هڪ چيو تون ٻَنو ڇڏ ٻئي چيو تون ٻَنو ڇڏ ان ڳالھ تان منهن ماري ٿي اڄ کان ٽي سال پهريان تائين انهن ٻنهي قومن جا 19 ماڻهون قتل ٿي چُڪا هيا. جنهن معاشري جا اسان رهواسي آهيون ان معاشري جي هي حالت آهي. جي ڪي ماڻهون يا شخص هن معاشري ۾ پنهنجي گناهن تي نادم ٿي هڪٻئي کان رضاءِ الاهي جي خاطر درگذر ٿا ڪن ته ان ۾ آخر نقصان ڪهڙو آهي . هي اسلامي تهوار يقينن پنهنجي دامن م عالمگير معنيٰ رکندڙ تهوار آهن. انهن تهوارن مان اها روح حقيقي نڪري وئي آهي انهن تهوارن جي نفي ڪرڻ جي بجاءِ اسان جي علماءِ اڪرام و پڙهيل طبقي کي انهن ۾ روح وجهڻ جي ضرورت آهي هڪ شي جا ٻه رُخ آهن هڪ ان جي شڪل ٻي ان جي شڪل جي حقيقت. هي انسان جيڪو شڪل و صورت ۾ انسان آهي جي ان جي حقيقت ان مان نڪري ٿي وڃي ته جانورن کان به بدتر ٿيو وڃي ٿو. جنهنجون ڪئي مثالون اڄوڪي دور ۾ پرنٽ ميڊيا و اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صورت ۾ اوهان ۽ اسان سامهون آهن. ڪراچي جا ڪالهوڪا حالات ڪنهن کان لڪل ڪونهن ڇا جيڪو ڪجھ ٿيو اهو انساني معاشري جو ڏيک هو يا گهڻي عرصي کان اهو ٿيندو پيو اچي ڇا اسان ان کي انساني معاشرو چئي سگهون ٿا آءُ اسلامي معاشري جي ڳالھ نه ٿو ڪريان صرف انساني معاشري جي ڳالھ ٿو ڪريان. اسلام انساني جان جي قيمت ڪُل قائنات آهي. قانون الاهي ۾ بلڪل واضع آهي ته جنهن هڪ انسان کي بچايو تنهن پوري انسانيت کي بچايو ڪنهن مسلمان جي بچائڻ جي ڳالھ ناهي انسان جي بچائڻ جي ڳالھ آهي . جنهنه هڪ انسان کي قتل ڪيو ان تمام انسانيت کي قتل ڪيو. جي ان جي تشريح کي اڳتي وڌائجي ته جنهن هڪ انسان کي اهنج پهچايو تنهن پوري انسانيت کي اهنج پهچايو جنهن هڪ انسان کي اهنج پهچائڻ کان بچايو تنهن پوري انسانيت کي اهنج پهچائڻ کان بچايو. جديد سائنس جو دور آهي جديد بيماريون معاشرن ۾ جنم وٺن پيون . انهن جديد بيمارين تي تحقيقي يا انهن بيمارين جي تشخيص و علاج تي جا تحقيق آهي اڄ اها تحقيق ڪير ٿو ڪري. اسان جنهن معاشري ۾ رهون پيا اسان بس اسلام کي اهو سمجهيو آهي ته عربي پڙهو لکو عربي ۾ قرآن جو وڏو ثواب آهي . آءُ مڃان ٿو ته بابا قرآن کي عربي ۾ پڙهڻ وڏو ثواب آهي پر سائين هڪ ڳالھ اسان جي نظر کان اوجهل آهي ته قرآن جنهن کي ڏسڻ زيارت آهي جنهن کي پڙهڻ عبادت آهي ليڪن ان قرآن کي سمجهڻ ۾ نجات آهي.جي اسان جي طالبعم کي اهو درس ڏنو وڃي ها ته انساني فلاح و بهبود جي طرف سائنس و ٽيڪنالوجي جو علم حاصل ڪريو اهو عين قرآن جو حڪم آهي ته جيڪو ٻار قرآن حفظ ڪري ٿو اهو ٻار مقصدِ قرآن انسان ۽ ان جي ڀلائي تي ڪيترو ڪم ڪري ها ليڪن اسان اڄ مڃون يا نه مڃون اها حقيقت آحي ته اسان قرآن مان جنهن جهاد کي کنيو ان جهاد اسان جي اسلامي تشخص کي مسخ ڪري ڇڏيو آهي. جيڪو ويهن سالن جو ٻار پنهنجي جان تي کيڏي خودڪش ڌماڪو ڪري رهيو آهي جي ان ٻار کي ٻڌايو وڃي يا سمجهايو وڃي ته اسلامي وقار هي آهي اوهان انسانيت جي خدمت ڪريو ته اڄوڪي ريسرچ جو باني مسلمان هجي ها نه ڪي غير مسلم . شڪر ڪيو ته هي بجلي هي گاڏيون هي سائنسي ترقي مسلامنن ۾ ناهي ٿي مان اهو ان لاءِ ٿو چيون ته اسلام علمگير مذهب آهي ان کان ڪو اختلاف ناهي ليڪن اسلامي تشخص اسان کان وڃائجي ويو آهي اسلام جي حقيقت تي ڪنهن انگريز محقق جو هي جملو ئي گهڻو آهي . ته اسالم دنيا جو نفيس ترين دين آهي ان ۾ ڪو شق ناهي ليڪن مسلامان دنيا جي بد ترين قوم آهي اها به حقيقت آهي .جي اهي تحقيقون مسلامن ڪن ها ته انهن جي تقسيم فرقه بندي جي بنياد تي ڪن ها سني شيعه کي محروم رکي ها شيعه سُني کي محروم رکي ها الغرض جيڪو ڪنهن فڪر سان وابسطه هجي اهو ڪنهن ٻئي کي ان مان فائدو نه ڏئي ها ڪنهن جي گهر ۾ اونده ته ڪنهنجي گهر ۾ سوجهرو هي هجي ها مسلمانن جي بستي هاڻي جڏهن اهي ريسرچون انگيرز ڪيون آهن ته ان انسانيت جي خدمت ۾ ته ڪثر ناهي ڇڏي ليڪن بي ديني جي ڪري هنن معاشري ۾ ضلالت جون پڻ تاريخون رقم ڪيون آهن . ان جو سبب هڪ هي به آهي ته جڏهن ڪا صحيح شي ڪنهن غلط ماڻهون جي هٿ لڳندي آهي ته ان جو غلط استعمال ٿي ويندو آهي. ڪڏهن ڪو نظريعو ان بنياد تي جنم وٺندو آهي ته هي تحقيق انسان جي فاعدي ۾ وييندي ليڪن اها غلط هٿن اچي انسانيت کي انتهائي قرب ۾ مبتلا ڪندي آهي جيئن ايٽم جو باني آئن اسٽائن. جڏهن ٻي مهاڀاري لڙائي کان پوءِ آمريڪا هن شخص کي سڀ کان وڏو آمريڪي ايوارڊ ڏنو ته هن روئي ڏنو هن کان صحافي سوال ڪيو ته روئڻ جو سبب ته هن چيو جنهن شي تي مون تحقيق انساني ڀلائي لاء ِ ڪئي هئي سا شي غلط هٿن ۾ لڳي وئي ۽ انسايت لاءِ انتهائي قرب جي تاريخ لکجي وئي . بحرحال منهنجو جيڪو موضوع هو سو هو پندرنهن شعبان جنهن تان آياسون ته هڪ طبقو اهو به آهي جيڪو ان رات جي نفي ڪري ٿو محض ان جي ڪري يا گهٽ ڄاڻ رکندڙن کي ته هن جي قرآن و احاديث ۾ فضيلت جو ذڪر ڪونهي تن کي سوچڻ گهرجي ته اسان انسانيت جي خدمت ٿا ڪريون يا دشمني.
مڃون ٿا ته اسان وٽ اها حقيقت جا 15 شعبان جي حوالي سان رائج آهي سا فقط تهوار جي طور تي ملهائي وڃي ٿي اسان جا معاشره ان ڏينهن جي روح کان ناواقف آهن . جي ڪو ڪنهن کان معافي به وٺي ٿو ته بس اها فرضي ئي آهي ( رات ڪو پي لي دن ڪو توبه ڪرلي ، رند ڪي رند رهي هاٿ سي نه ڪمبخت گئي ) ان حوالي سان محنت و جدوجهد ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته جيئن ان ڏينهن جي افاديت کان فائدو وٺي سگهجي اسان جي معاشرن ۾ خانداني دشمنيون الائي ڪڏهن کان پلجن پيون. ڪئي جانيون اهي دشمنيون ڳڙڪائي ويون آهن ان ڏينهن جو صحيح استعمال ڪري انهن جهيڙن کان معاشري کي برائت وٺڻ يا ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي ته سمجھ ۾ اچي ٿو اسان وٽ اسلامي تهوار ته آهن ليڪن بي روح
( يه قوم وه قوم هي جو عظمت ڪي متوالي هي
بي روح دل ڪي عبادت نهين بد اعمالي هي

اسان وٽ زماني کان هلندڙ جهالتون آهن اسان جي پڙهيل لکيل طبقي کي ان جي نفي ڪرڻ جي بجاءِ اڳتي وڌي هن عمل کي اڳتي وڌائڻ گهرجي ته جيئن اسان جي مغفرت ٿي سگهي. اسان هنن ظلمتن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهون . سالها سال کان هلندڙ بي اعتنايون ختم ٿي سگهن. هن ڏينهن جي توسل سان اسان تي عذاب اسان جا سياستدانن کان ڇوٽڪارو وٺي سگهون اهو عزم ڪجي ته هي گناه جيڪي اسان جي مٿان عذاب بڻجي ( اسان جا سياستدان)بيٺا آهن هنن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهون .
شبِ برائت جي ٻي معنيٰ جا اسان جي معاشري ۾ رائج آهي اها آهي مغفرت جي رات. گناهن جي مغفرت جي رات گناهن کان بيزاري جي رات. پهريان ته مغفرت جي ڪا گهڙي ڪنهن ڏينهن سان منصوب ناهي اسان جي 15 شعبان جو انتظار ڪندا رهون ليڪن ان کان پهريان حضرت ازرائيل مهمان ٿئي ته ان کي ڪير ٿو روڪي سگهي. نبي ڪريم صلعم جي حديث مبارڪ آهي جنهن اچڻ واري صبح کي پنهنجي زندگي جو حصو سمجهيو تنهن پاڻ سان خيانت ڪئي. جنهن ساھ جو ڪو ڀروسو ناهي ان ساھ جي آسري تي سال ڀر جو ڀروسو پاڻ سان ڌوڪو خام خيالي آهي. جي اها حقيقت آهي ته پوءِ هن ڏينهن مان مراد ڇا آهي؟ ته هي ڇوٽڪاري جي رات ڇو سڏي ٿي وڃي؟. دراصل اسلامي جا ڪئي تهوار آهن جن جو مقصد انسان کي عمل جي ترغيب ڏيارڻ آهي. جيئن اسان جي معاشري ۾ يا پوري دنيا ۾ ڪجھ ڏينهن ڪنهن واقعي سان منصوب هوندا آهن ڪنهن حقوق سان وابسطه هوندا آهن. انهن جو مطلب انسان جيڪو زماني جي دگرگون مصروفيات ۾ مشغول رهي ٿو تنهن ڏانهن هن جي توجه ڪرائي وڃي. جيئن اهو ٻين مصروفيات ۾ گم هن ڳالھ يا واقعي ڏانهن متوجه ٿي سگهي. ان ريت اسلامي تهوار هوندا آهن جن جو مطلب و مقصد مسلمانن کي متوجه ڪرڻ . جي هن سوره برائت جي حوالي سان ڳالھ ڪجي ته ڳالھ منهنجي موضوع کان پري هلي ويندي فقط اشاري سان ڳالھ ڪندس ته جڏهن هي سوره نازل ٿي ته حضور اڪرم صلعم جي توسل سان هڪ علائقي ۾ هڪ اصحابي جي زريعي هن جي تبليغ جو ڪم ڏنو ويو جنهن ۾ ڪفار کان اظهارِ بيزاري جو درس آهي . بعد ۾ ڇا ٿيو ان تي ڳالھ ناهي ليڪن اڄ جي ان مقصد لاءِ ان ڏينهن جو استعمال ڪري مسلمانن کي آمريڪا و برطانيا و استعماري قوتن کان اظهارِ بيزاري جو اعلان ڪيو وڃي ۽ سڀ مسلمان ان تي متفق ٿي وڃن ته يقينن هي وڏو ڪم هوندو ليڪن اسان وٽ اسان جي تهوارن جي مثال ان ريت جيان آهي انساني چهري م انسانيت ناهي دلين ڌڙڪن ٿيون مگر بي روح آهن . جنهن جسم ۾ روح انساني ناهي هوندي اهي جسم يقينن جانورن کان وڌيڪ نقصان رسان هوندا اهن ۽ اسان وٽ اهوٿي رهيو اسان وٽ تمام اديان مان بهترين دين اسلام جي هوندي جنهن مرده قومن ۾ زندگي جي نه فقط رمق وڌي بلڪه حقيقي زندگي بخشي اڄ ان جو پيروڪار زماني ۾ ذليل و خوار نظر پيو اچي ان جي وجه پڻ اسان وٽ اسلامي حقيقتن جا مسخ شده چهرا آهن اسان کي سوچڻ گهرجي ته ڪنهن کان بيزاري ڪريون ڪنهن کان ڇوٽڪارو پايون۔بس ان کان وڌيڪ قلم کي لکڻ جي اجازت ناهي . وسلام
 
Back
Top