شمشير الحيدري : دبنگ صحافي، اڙٻنگ ايڊيٽر ۽ آزاد نظم جو بنيادڪار

'شمشير الحيدري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 جولائي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [JUSTIFY]سائين شمشيرالحيدري جي طبيعت ڏينهون ڏينهن ڪمزور ۽ ناساز ٿيندي پئي وڃي ۽ اخبارن ۾ به روز اهي خبرون پيون هلن. شروع ۾ ئي منهنجي ساڻن فون تي ڳالهه ٿي ته پاڻ چيائون ته مان تندرست آهيان بس بخار جي ڪري ڪمزوري آهي. مان ۽ ادا ذوالفقار بهڻ روز سائين سان ملڻ جو سوچي رهيا هئاسون پر ڪڏهن پنهنجي ڪاهلي ته ڪڏهن آفيس جي مصروفيت ته وري ڪڏهن ڪراچي جا خراب حالات. بحر حال 13 جولاء 2011 تي ذوالفقار بهڻ ۽ مان سائين سان ملڻ سندس گهر پاڪستاني ڪوارٽرس لاء وياسين. پهريان سائين هدايت بلوچ جي گهر وياسين ۽ اتان پوء سائين هدايت سان گڏ شمشير صاحب جي گهر وياسين. سائين گهڻو ڪمزور لڳي رهيو هو ۽ خاص ڪري سندس نظر گهڻو ڪمزور ٿي چڪي آهي. حال احوالن ۾ پاڻ گهڻو مزاحيه لڳي رهيا هئا ۽ حوصلامند هئا. پاڻ زندگي مان خوش ۽ مطمئن لڳي رهيا هئا ۽ ڪنهن به موقعي تي ڪنهن کان ڪا شڪايت ڪونه ڪيائون. ان دوران ذوالفقار بهڻ ۽ مان نئين ڪتاب ڪراچي جا حال حيات سرجڻهار ۽ سنڌ سلامت لاء سائين کان هڪ ننڍڙو انٽرويو به ڪيو.

    هڪ موقعي تي سائين سيريس ٿي چيو ته منهنجي مرڻ جي سازش سليمان وساڻ، نثار ابڙي ۽ سنڌ سلامت وارن ئي سٽي آهي. مان پريشان ٿي سائين کان پڇيو ته اهو ڪيئن؟ پاڻ کِلي ۽ مزاحيه انداز ۾ چيائون ته بابا سنڌ سلامت جي ڪيلينڊر ۾ سڀني مئلن سان گڏ هڪڙي جيئري شمشير جو ڦوٽو لڳايو اٿن ۽ پوء سڀ کلڻ لڳا.

    هڪ ڳالهه نوٽ ڪيم ته سائين جي سگريٽ پيئڻ جي رفتار اڃان ساڳي لڳي ۽ ان سان گڏ سائين جي اهائي اڌ چمچو کير، باقي پاڻي ۽ تيز پتي واري چانهه به ساڳي پئي هلي. سائين سان ڪيل ڳالهيون ۽ سندس حوالي سان ڪجهه بايو ڊيٽا هيٺين مضمون ۾ پيش ڪجي ٿي.
    [/JUSTIFY]

    شمشير الحيدري : دبنگ صحافي، اڙٻنگ ايڊيٽر ۽ آزاد نظم جو بنيادڪار

    تحرير : سليمان وساڻ

    [JUSTIFY]شمشير الحيدري جو تعارف ڪهڙن لفظن سان ڪجي، هو دبنگ صحافي، اڙٻنگ ايڊيٽر، آزاد نظم جو بنيادڪار، منفرد گيتڪار، با شعور ناٽڪ نگار، باوقار اسٽيج سيڪريٽري خود دار انسان، سماجي ورڪر ۽ ان سان گڏ حڪيم پڻ آهي. هو هر فن مولا آهي، هو مست آهي، ملنگ آهي، ڀوڳائي آهي. اين جي وي ۽ نور محمد ھائي اسڪول ۾ داخلا نه ڏيڻ وارن کي ھي خبر نه ھئي ته هي ٻار اڳتي هلي وقت جو وڏو شاعر ٿيندو ۽ سنڌي ادب جو هڪ روشن منارو ثابت ٿيندو.

    شمشير علي ولد رسول بخش جعفري، 15 سيپٽمبر 1931 ۾ بدين ضلعي جي ڳوٺ ڪڍڻ ۾ پيدا ٿيو. سندس پرورش سندس مامي نذير حسين حيدري ڪئي جيڪو بدين جو تمام گهڻو سماجي ۽سياسي حيثيت رکندڙ ماڻهو هو. جنھن کان متاثر ٿي پاڻ حيدري سڏرائڻ لڳو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول بدين چار درجا پڙھيو ۽ پنجين درجي ۾ سنڌ مدرسه ڪراچي ۾ داخلا ورتي پر اتان تنظيمي سرگرمين ڪري مدرسه ۽ بورڊنگ ھائوس مان بيدخل ڪيو ويو جنھن ڪري ست درجا پاس نه ڪري سگھيو. ھن دوران اين جي وي ۾ داخلا لاءِ پھتو ته کيس داخلا کان جواب ڏنو ويو، نور محمد ھائي اسڪول ۾ به کيس داخلا نه ملي سندس چواڻي ته نور محمد هاء اسڪول ۾ بغير داخله جي ڪجھ ڏينھن ويٺو رھيس، آخر ٽنڊي باگي واري لارينس مدرسي ۾ داخلا ملي جتان ميٽرڪ ۾ فيل ٿيس وري سپليمينٽري امتحان ۾ به فيل ٿيس جنھن ڪري 1950 ۾ پڙھائي کي خيرباد ڪيم اھڙي طرح ميٽرڪ نه ڪري سگھيس. پوء حيدرآباد ۾ نوڪري دوران ئي محمد عثمان ڏيپلائي صاحب سان گڏ اورينٽل ڪاليج حيدرآباد مان پهريان اديب سنڌي ۽ پوء اديب عالم سنڌيء جا امتحان پاس ڪيا بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيء مان سنڌي ادب ۾ بي اي آنرس ۽ ايم اي ڪيائين.

    روزگار جي سلسلي ۾ ڪيترن ئي کاتن ۾ مختلف عھدن تي ڪم ڪندڙ شمشير شروعات منشيء جي حيثيت ۾ 1950 ۾ رائيس مل بدين مان شروعات ڪئي.ھن بعد ۾ ٽيليفون آپريٽر، ريونيو ۾ ڊويزنل ڪلارڪ، ايگريڪلچر ڪوآپريٽوڪريڊٽ بينڪ ۾ مئنيجر جي نوڪري ڪئي. روزانه ھلال پاڪستان کان ادبي لکڻين جي شروعات ڪيائين ۽ اتان ئي ادبي بورڊ ۾ ڪلارڪ جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ لڳو پوء ٽه ماهي مھراڻ رسالي جو اسٽنٽ ايڊيٽر پڻ، نئين زندگي جو 11 سال ايڊيٽر 1977 تائين رھيو،ان بعد يوٿ افيئرس ڊويزن جو پراونشل چيف گريڊ ۾ 19 رھيو ۽ 20 گريڊ جي لاءِ سندس سمري وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو وٽ ويل هئي وئي جيڪا محترمه جي حڪومت ختم ٿيڻ ڪري رولڙي جو شڪار ٿي وئي ۽ ايئن ان عھدي تان 1991 ۾ پاڻ رٽائر ٿيا.

    شمشير سنڌ جي ترقي پسند ادب جو شهسوار آهي. هو نه ڪنهنجي اڳيان جهڪيو آهي نه وري سندس قلم لکڻ کان رڪيو آهي. ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران جڏهن هو مهراڻ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو ته اها اخبار جنهن جو مالڪ آمرن سان گڏ حڪومت ۾ ويٺو هو ان اخبار جي پرچي اچڻ جو ماڻهو انتظار ڪندا هئا ۽ اخبار هٿو هٿ وڪامجي ويندي هئي. اهو اخبار جو نه پر شمشير جو ڪمال هو. 50 پئسن جي اخبار 50 رپين ۾ وڪامبي هئي ۽ اخبار جون ڪاپيون وڪامجڻ بعد فوٽو ڪاپيون ڪرائي هاڪر وڪڻندا هئا. مهراڻ ۾ پاڻ ڦلترو جي عنوان سان ڪالم لکندا هئا ۽ صدر ضياء جي مارشلا خلاف لکندا هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته ستت ئي کيس اخبار ڇڏرائي وئي پر هن اصولن تي سوديبازي ڪانه ڪئي. هو سدائين سنڌ جي خلاف ٿيندڙ سازشن جي خلاف لڙيو آهي ۽ لکندو رهيو آهي ۽ هو اڄ به سچ جو ساٿاري آهي. سنڌي ادبي بورڊ ۾ رهندي هن ٽه ماهي مهراڻ جي اسٽنٽ ايديٽر جا انتطام سنڀاليا ۽ ترقي پسند ليکڪن خاص ڪري شيخ اياز جي شاعري کي تمام سٺي نموني ڇاپيو. انکاسواء پاڻ ادبي سنگت ۾ رهندي ون يونٽ جي خلاف مئوثر تحريڪ جو حصو رهيو خاص ڪري سنڌي بوليء تي لڳايل پابندين خلاف هنن انڊر گرائونڊ تحريڪ هلائي. سنڌي ادبي سنگت کي جياپو ڏيڻ ۾ سندس نالو اڳ کان اڳرو آهي. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي بنيادي ميمبرن مان هجڻ سان گڏ تنظيم جي آئين ۽ ڍانچي کي ٺاهڻ ۾ به سندن وڏو ڪردار رهيو آهي. هو پاڻ کي اڃان به بنيادي طور هڪ ڪارڪن ئي سمجهي ٿو.

    سندس شاعري جي شروعات آزاد نطم سان ٿي ۽ پاڻ کان جڏهن به پڇبو اٿس چوندو آهي ته مان شاعر ناهيان بس ضرورت تحت شاعر ٿي ويو آهيان. هو چوي ٿو ته هن کان شاعري لکرائي وئي آهي. خاص ڪري ٽي وي پروڊيوسر ڪو ٽائٽل گيت يا ڪو نظم جي فرمائش ڪري کيس لکڻ تي مجبور ڪندا رهيا آهن. جڏهن شمشير کان پڇجي ٿو ته سندس پسنديده شاعر ڪهڙو آهي ته سندس جواب عجيب ملي ٿو، هو چوي ٿو ته منهنجو پسند جو شاعر ڪوبه ناهي مان ئي پنهنجو پسنديده شاعر آهيان.[/JUSTIFY]

    شمشير سٺو ڊرامه نگار پڻ آهي. سندس ڊرامه خاص ڪري پي ٽي وي تي گهڻو مقبول ٿيا آهن. شمشير جي ڊرامن ۾ تفريح سان گڏ سنڌي ثقافت ۽ سنڌي روايتن جو عڪس نظر ايندو آهي. ٽيليوزن تي هو سچ ته ڄڻ سنڌي جو بانيڪار آهي، هن ئي سنڌي پروگرامن جي شروعات لاء فنڪار، سازندا، شاعر هٿ ڪري محترم عبدالڪريم بلوچ جي حوالي ڪيا هئا. شمشر ٽي وي جي سنڌي پروگرامن جو پهريون اسڪرپٽ رائيٽر ۽ پهريون ڪمپيئر پڻ آهي.

    حيثيتون:

    1. سيڪريٽري: سنڌي ادبي بورڊ، 3 سال
    2. سيڪريٽري : سنڌي ادبي سنگت، 11 سال
    3. ميمبر : فلم سينسر بورڊ، 3 سال
    4. ميمبر : اردو ڊڪشنري بورڊ، 3 سال
    5. باني ميمبر: سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن
    6. ميمبر : آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان
    7. ميمبر : پريس ڪلب ڪراچي
    8. ميمبر : پاڪستان جي حڪيمن جي ڪائونسل


    ڇپيل ڪتاب :

    1. انسان ڪامل (شخصيتون) 1953ع
    2 . ڪاروان ڪربلا (تاريخ) 1954ع
    3. لاٽ (شاعري) 1962 ع
    4. تنهنجون ڳالهيون سڄڻ (ترتيب) 1961ع
    5. تاريخ سنڌ : ڪلهوڙا دور (ترجمو) 1963ع
    6. سوکڙي (ترتيب) 1964ع
    7. آمريڪا جو سياسي سرشتو (ترجمو) 1963ع
    8. بهترين سنڌي ادب (افسانا) 1669ع
    9. سنڌ ۾ آزاد نظم جي اوسر : 1984ع
    10. سنڌي شاعريء جو اڀياس
    11. تاريخ جو ڪچرو : شاعري 1995ع
    12. سجاڳ سانگهڙ : گزيٽيئر
    13. Sindh Update (انور پيرزادي سان گڏ : انگريزي ۾) 2003ع
    14. Flame & Flute : انگريزي ۾ شاهه بابت سهيڙ
    15. پيار جا نو گيت (جرمن شاعري جو منظوم ترجمو)
    16. ڪاڪ محل (ڊرامو)
    17. Poet for all Time (سهيڙ ۽ ترتيب)
    18. ٻارن جا گيت(روشن تارا پروگرام)
    19. لاٽ : ٻيو حصو (تياريء هيٺ)
    20. ٽيليويزن لاء 150 کان مٿي ڊرامه، اسڪرٽ ، ڊاڪيومينٽريز ۽ گيت لکيا اٿس.

    مليل اوارڊ :

    1. پاڪستان ٽيليوزن ٽي اوارڊ
    2. سنڌي ادبي سنگت سنڌ
    3. سنڌي اڪيڊمي : دهلي
    4. مارئي : دهلي
    5. سمبارا ٽاپ ٽين
    6. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ٽرافي ۽ گولڊ ميڊل
    7. عوامي آواز سٿ
    8. ماهوار نئين زندگي
    9. بزمِ جنگ
    10. پاڪستان جي حڪيمن جي ڪائونسل 2 اوارڊ
    11. صدارتي اوارڊ (پرائڊ آف پرفارمنس)

    شمشير جي ڪجهه شاعري :

    هن وقت جي پيالي ۾ ، مڌ پنهنجي حياتي جو
    باقي ڪو بچيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري
    هن برھ جي بستيء ۾ ، “ شمشير ” جيهو جوڳي
    ڪجه ڏينهن ٽڪيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري
    تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو
    ڄڻ ته سنڌوء جي ٻئي ڪناري ويو
    يا وري
    ابليس کي چئي ڇڏيو ، سجدي جي تياري ڪر
    دنيا تي “ انا الحق ” جا اسرار کُلن شايد !
    سوريء تي سڏڻ وارا ! هڪ ڳاله ته سوچي ڇڏ
    مقتل ۾ اچڻ وارا منصور هجن شايد !
    بلبل جي بيانن تي برهم نه ٿيڻ گهرجي
    آئنده بهارن جا پيغام هجن شايد !
    ’شمشير‘ کي سڏ ڪريو، ’ شمشير‘ ڪٿي آهي؟
    محفل کي مچائيندو، ان جو ئي سخن شايد
    يا وري هي شعر
    شب و روز ’شمشير‘ ڳرندو وڃين،
    لڳي وئي زماني جي توکي نظر
    ڪڏهن ڪڏهن دوستن لاء به ڳاله ڪري ٿو :
    جن گهري ورتي هئي دل، ياد جو تحفو ڪري،
    سي به اڄ ’شمشير‘ جي خاطر خبر ڀلجي ويا
    تنهنجا اي ’شمشير‘ هي نغما،
    ڄڻ ته ڇڄي پيئي ڪا تار!
    ڪٿي آهي ’شمشير‘، جو چنگ چوري،
    زمانو ته ڀلجي ويو ” چارڻ“ جون ڳالهيون.
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شمشير الحيدري : دبنگ صحافي، اڙٻنگ ايڊيٽر ۽ آزاد نظم جو بنيادڪار

    [/color]
    شمشير الحيدري جي ڪجهه چونڊ شاعري :​
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سيد بشارت حسين

    سيد بشارت حسين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2011
    تحريرون:
    53
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: شمشير الحيدري : دبنگ صحافي، اڙٻنگ ايڊيٽر ۽ آزاد نظم جو بنيادڪار

    سائين سلمان صاحب تمام زبردست ونڊ ڪئي اٿوَ۔
    اسان کي حقيقت ۾ سائين شمشير الحيدري صاحب جي زندگي بابت گهڻي ڄاڻ ڪو نه هئي۔ اڄ اوهان حيدري صاحب جي باري ۾ تفصيل سان ونڊ ڪئي ان لاءِ لک ٿورا۔ خاص ڪري توهان حيدري صاحب جي شاعري اهڙي ته ڊزائين ۾ محفوظ ڪئي آهي جو يقين ڪندو ته روح کي وڻي وئي آهي۔
    اسان دعاگو آهيون حيدري صاحب لاءِ الله پاڪ ان کي وڏي ڄمار سان گڏ صحتِ ڪاملا عطا فرمائي۔ آمين۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شمشير الحيدري : دبنگ صحافي، اڙٻنگ ايڊيٽر ۽ آزاد نظم جو بنيادڪار

    سائين بشارت شاهه صاحب مهربانيون

    اوهان حوصلا افزائي ڪئي، ليک کي پسند ڪيو۔ سچ ته حيدري صاهب جي شخصيت کي هڪ مضمون م سهيڙي نه ٿو سگهجي۔ هو گهڻ پاسائي شخصيت آهي۔ سچو ، کرو ۽ ايماندار شخص آهي۔

    دعا آهي ته رب کيس صحتِ ڪامله عطا ڪري ۔۔۔۔۔۔ آمين
     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: شمشير الحيدري : دبنگ صحافي، اڙٻنگ ايڊيٽر ۽ آزاد نظم جو بنيادڪار

    سلام سليمان سلام۔
    محترم شمشير الحيدري جو مڪمل تعارف ڪرائي اوھان اسان تي ٿورا ڪيا آھن۔۔اوھان جي محنت قابل تعريف، قابل فخر آھي۔
    مون محترم شمشير الحيدري جي شاعري پڙھي ھُئي پھريان تمام بهترين ۽ سٺي نموني سان سائين جن لکندا آھن۔
    اڄ اوھان محترم جو تفصيلي تعارف ساڻ تصويرن سان گڏ۔۔۔۔ڪرايو آھي۔۔۔۔۔اھي اوھان جا ٿورا آھن۔
    اوھان کي اُٿي بيھي ٻنھي هٿن سان سلام۔۔۔وقت سر سنڌي شخصيت جو تعارف ڪرائيندا رھندا۔۔۔۔۔مھرباني
     
  6. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: شمشير الحيدري : دبنگ صحافي، اڙٻنگ ايڊيٽر ۽ آزاد نظم جو بنيادڪار

    سائين سلمان صاحب تمام زبردست  ڪارائتي ونڊ ڪئي اٿوَ۔
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شمشير الحيدري : دبنگ صحافي، اڙٻنگ ايڊيٽر ۽ آزاد نظم جو بنيادڪار

    ادا عاشق مهربانيون

    سائين شمشير جي شخصيت ڪنهن به تعارف جي محتاج ناهي۔ پر پوء به انٽر نيٽ تي سائين شمشير جي شخصيت تي ڪو جامع ۽ مفصل مضمون لکيل ڪونه هو۔ تنهنڪري مون هي مضمون لکيو۔ جيتونيڪ سائين اڃان گهڻيون ڳالهيون ڪيون جيڪي وقت سر اوهان سان ونڊ ڪبيون۔

    اوهان دوستن جي قدرداني ۽ حوصلا افزائي لاء اوهان جون مهربانيون۔
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شمشير الحيدري : دبنگ صحافي، اڙٻنگ ايڊيٽر ۽ آزاد نظم جو بنيادڪار

    ڪجهه ڏينهن اڳ ئي جڏهن سليمان وساڻ مونکي اهو ٻڌايو ته هن سائين شمشير جي طرف رخ ڪيو آهي ۽ ساڻس گڏ ذوالفقار بهڻ به آهي، ان وقت ئي آ سمجهي ويو هيس ته پڪ ئي پڪ محترم شمير الحيدري تي هڪ سهڻو ۽ معلوماتي ليک پڙهڻ لا جلد ملندو ۔۔۔۔ ۽ منهنجو خواب پورو ٿيو ۔۔۔

    سائين شمشير الحيدري جي زندگي تي ڪيترائي مضمون لکيل آهن پر سليمان جو هي موجوده ليک سڀني ليکن کي مات ڏئي بيٺو آهي ۔۔۔ هن ليک م مولائي سنڌي ليکڪ جو مفصل احوال ۽ سندس کي دبنگ ۽ اڙٻنگ جهڙا لقب ڏئي ليک کي وڌيڪ جاندار بڻايو ويو آهي ۔۔۔

    محترم شمشير الحيدري جنهنجو معمول آهي جو جڏهن به کيس ڪا تڪليف رسندي آهي يا ڪا کوٽي ٿيندي آهي ته سندس منهن مان لفظ نڪرندو آهي ” مولا تي ننگ آ“ ۔۔۔ مولا تي ننگ جنهنجو هوندو انکي ڀلا ڪهڙي تڪليف ايندي؟ يا وري جنهن جو ايمان مولا ۾ هوندو ته هو ٻين جي آڏو ڪهڙو هٿ جهليندو ؟ عمر ساري اکيون ٻوٽي سنڌ ۽ سنڌيت لا هڪ اداري جي صورت ۾ ڪم ڪندڙ هي سهڻو انسان هميشه کلندو ۽ ڦڙت رهيو آهي، نه شڪايت نه ئي ڪنهنجي برائي ڪندي نظر ايندو ۔۔۔۔

    هر نظر چڱائي ۽ هر فڪر سٺائي طرف هوندو اٿس ۔۔۔۔ هر شئي ۾ حسن ڏسندو آهي ۔۔۔ گل جي خار کي به قبول ڪندڙ هي انسان هن وقت اسانجي وچ ۾ آهي ۽ رب العالمين جا لک شڪر جو هو سنڌي سماج ۾ اهڙا سهڻا انسان پئدا ڪندو رهيو آهي ۔۔۔

    محترم سائين شمشير الحيدري کي ڏسي مونکي لطيف سهڻي جو هو بيت چٽو سمجهه ۾ اچي ويندو آهي

    ماڻهـــون سڀ نه سهڻـــا، پکــي سڀ نـه هنجــه،
    ڪنهن ڪنهن ماڻهون منجه، اچي بو بهار جي۔

    رب العالمين کيس وڏي ۽ ڪامل صحت سان زندگي عطا ڪري ۔۔۔۔ آمين
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شمشير الحيدري : دبنگ صحافي، اڙٻنگ ايڊيٽر ۽ آزاد نظم جو بنيادڪار

    مهرباني ادا

    سائين شمشير جي شخصيت ئي اهڙي آهي
     
  10. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: شمشير الحيدري : دبنگ صحافي، اڙٻنگ ايڊيٽر ۽ آزاد نظم جو بنيادڪار

    سائين توهان محترم شمشير الحيدري جو مڪمل تعارف ڪرائي ان بابت پوري معلومات ڏني جنهجي اڳم ڄاڻ نه هئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔محترم شمشير الحيدري جي ڪتابن جي لنڪ نه ملي ڇا؟؟؟؟؟؟؟؟؟

    جي اها به ملي سگهي ته سوني پي سهاڳ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ امر سنڌين کي نروار رکڻ ئي سليمان جي سڃاڻپ آهي

    تمام خوبصورت معلوماتي ، بهترين لاجواب ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: شمشير الحيدري : دبنگ صحافي، اڙٻنگ ايڊيٽر ۽ آزاد نظم جو بنيادڪار

    هڪ بهترين ۽ جامع ليک جنهن کي پڙهڻ سان محترم شمشيرالحيدري جو مان ۽ قدر وڌي وڃي ٿو۔۔۔ سندن جو سنڌي ادب لاءِ ڪيل ڪم واقعي به شاندار آهي۔۔۔ سنڌ سلامت بابت سندن شڪايت تي مسڪراهٽ تري آئي۔۔ رب پاڪ کان دعا آهي ته کين وڏي ۽ ڪامل صحت سان زندگي عطا ڪري ۔۔۔۔ آمين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شمشير الحيدري : دبنگ صحافي، اڙٻنگ ايڊيٽر ۽ آزاد نظم جو بنيادڪار

    سائين نثار سلام

    انٽرنيٽ تي ڳوليندي مونکي ڪٿي به شمشير صاحب تي لکيل ڪو جامع ليک هٿ نه آيو۔ تنهنڪري سائين سان ملاقات ڪرڻ وقت سائين سان گهڻيون ڳالهيون ٿيون ۽ ڪجهه پراڻن رسالن ۾ سائين شمشير جا انٽرويو ۽ ڪجهه ادي نسيم پاران مليل رسالن مان جيڪي شمشير نمبر هئا هي ليک لکيو اٿم۔

    جيتوڻيڪ سندس شخصيت ايڏي وڏي آهي جو سندس حياتي ۽ سندس ڪم تي ڪتاب لکجي پر پوء به مون لاء ليک کي سهيڙڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو۔ ڇو ته شمشير گهڻ پاسائو شخصيت آهي۔

    ڪچهري دوران جڏهن اسان سائين شمشير سان ٿوري همدردي ڪئي ته پاڻ چيائون ته مان بلڪل خوش آهيان ۽ زندگيء جا هي سال ته بونس وارا آهن جيڪي خوشي سان گذارڻ ٿو چاهيان۔ پاڻ تمام گهڻو مطمئن ۽ حوصلامند نظر آيا۔ سندس پهاڙ جيڏو حوصلو ڏسي هن شخص کي سلام ڪندو رهيس۔
     
  13. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: شمشير الحيدري : دبنگ صحافي، اڙٻنگ ايڊيٽر ۽ آزاد نظم جو بنيادڪار

    سائين شمشير الحيدري اسان جو تمام وڏو اديب، شاعر، ريڊيو ۽ ٽي وي جو ڊراما نويس رهيو آهي، سائين جن جي شخصيت ڪنهن تعارف جي محتاج نه آهي ادا سليمان سائين جي زندگي تي روشني وجهڻ جا لک ٿورا مولا سائين جن کي صحت ڪامله و عاجله عطا فرمائي آمين
     
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شمشير الحيدري : دبنگ صحافي، اڙٻنگ ايڊيٽر ۽ آزاد نظم جو بنيادڪار

    مهرباني ادا عرس

    گهني ڪوششن کانپوء به سائين شمشير تي انٽرنيٽ تي ڪوبه ليک نه مليو۔ سائين نثار جو لکيل هڪ ليک هيو، مولا تي ننگ آ۔ باقي سائين جا ڪتاب ڪٿي به ناهن۔

    اوهان جي همت ڪري ڪو اه ڪتاب به مپوز ڪيو ته واهه واهه ٿي ويندي
     
  15. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: شمشير الحيدري : دبنگ صحافي، اڙٻنگ ايڊيٽر ۽ آزاد نظم جو بنيادڪار

    هي سائين سليمان وساڻ صاحب جا قرب چئبا جنهن سائين شمشير حيدري صاحب بابت اسان سان معلومات ونڊ ڪئي

    سائين حيدري صاحب سنڌ جو سرمايو آهن الله پاڪ کيس وڏي حياتي ۽ صحت ڪاملا عطا ڪري آمين


    سدائين گڏ
     
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شمشير الحيدري : دبنگ صحافي، اڙٻنگ ايڊيٽر ۽ آزاد نظم جو بنيادڪار

    مهرباني ادا رشيد

    سنڌ سلامت جڏهن محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سچل ڳوٺ ۾ پروگرام ڪيو هو ته ان ڏينهن اوهان سان اها ڳالهه ڪئي هئم ته ايندڙ پروگرام محترم امر جليل سان ۽ ان کانپوء سائين شمشير سان سندس جنم ڏينهن تي هڪ رهاڻ رکبي۔

    اسان جي دعا آهي ته سائين شمشير جلد صحتياب ٿين ۽ انشاء الله سندس جنم ڏينهن تي ساڻس رهاڻ رچائبي۔
     
  17. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شمشير الحيدري : دبنگ صحافي، اڙٻنگ ايڊيٽر ۽ آزاد نظم جو بنيادڪار

    مهرباني ادا علي

    سائين سان ڪچهري دوران هن ٻڌايو ته هن ريڊيو سان ايترو ڪونه نڀايو جيترو ٽي وي سان۔ هڪ دور هو جڏهن هو هفتي جا سڀ ڏينهن پي ٽي وي ڪراچي تي ايندو هو۔
     
  18. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شمشير الحيدري : دبنگ صحافي، اڙٻنگ ايڊيٽر ۽ آزاد نظم جو بنيادڪار

    فقير سائين مهربانيون ۔۔۔۔۔

    سائين شمشير جي شخصيت ته ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي، پر انٽرنيٽ تي سندس باري ۾ گهڻي ڄاڻ موجود ڪانه هئي۔ سنڌ سلامت جو اڱڻ سنڌي شخصيتن بابت گهڻي ڄاڻ فراهم ڪندو رهيو آهي۔ هي به ان ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي۔
     
  19. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄ سائين شمشير اسان ۾ ناهي رهيو پر سندس يادون، سندس سنڌ ۽ سنڌي ٻوليء لاء ڪيل ڪم سدائين ياد رهندو ۔۔۔۔۔ اي شمشير سنڌ توکي سدائين ياد رکندي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄ شمشيرالحيدري جي سالگرهه ۽ سندس ياد آئي ۔۔۔ هو حيدري جيڪو يگانو شخص هو، هو جيڪو مولا تي نننگ آ جي صدا هڻندڙ هو، هو جيڪو پئسي ڏوڪڙ کان مٿي صرف سنڌ لاء سوچيندو هو ۔۔۔۔ تنهن شمشير کي سندس جنم ڏينهن تي سلام پيش ڪيون ٿا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو