• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پيار

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مگسي
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مگسي

سينيئر رڪن
”پيار“​

پيارا ساٿيو!موضوعاتي شاعريء ۾ هڪ وڌيڪ عنوان تي موضوع پيش ڪريان پيو۔
اميد ته وڌ کان وڌ حصو وٺندئو ۽ پسند ڪندئو۔
هن موضوع ۾ شاعريء جو عنوان آهي ”پيار“ اوهان ”پيار“ بابت پنهنجي شاعري ۽ سنڌي ڪتابن،رسالن ۽ اخبارن وغيره کان چونڊ شاعري موڪلي سگهو ٿا۔
شرط هيء آهي ته شاعري سنڌيء ۾ هجي ۽ ٿي سگهي ته شعر جي هيٺان شاعر جو نالو لکڻ جي ضرور ڪوشش ڪجو۔

سنڌ سلامت----ساٿ سلامت
 
وڇائي نيڻ ويٺا آهيون ، سدائين پيار جي پنڌ ۾
پرين ٿا ائين تون کي چاهيون ، سدائين پيار جي پنڌ ۾

سامهون صليب هجي يا ڀل وڇايل واٽ تي ڪنڊا
ڪڏهن واپس وريا ناهيون ، سدائين پيار جي پنڌ ۾

اڪيلائيون ڊگهيون راتيون چڪن ٿا گهاو يادن جا
ويٺا واهڙا کئين واهيون ، سدائين پيار جي پنڌ ۾

ڇَتا تو هئا چڏيا ڇوڙي ، ڀنل هو بُت بارش ۾
گھڙيون سي ياد هن آيون ، سدائين پيار جي پنڌ ۾

اُتر جا واه وريا آهن اکين کي تنهنجو اوسيئڙو
ڏيئي وانگر ٻريا آهيون ، سدائين پيار جي پنڌ ۾

پُڇين ٿي پنهنجي ساگر کان جيئان ٿو ڪيئن بنا تنهنجي
ڪڏهن ڊاهيون ڪڏهن ٺاهيون ، سدائين پيار جي پنڌ ۾
 
او ابا اھو ظلم تھ نھ ڪريو ٻئي سايٽ تان کڻي آيا آھيو وري نالو بھ ان سايٽ جو لکيل آھي مھرباني ڪري ان کي ھٽايو.نھ تھ ھي تحرير ڊيليٽ ٿيڻ کپي.
 
Back
Top