پيار

'سنڌي شاعري' فورم ۾ مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏31 آگسٽ 2009۔

  1. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    165
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    ”پيار“​


    پيارا ساٿيو!موضوعاتي شاعريء ۾ هڪ وڌيڪ عنوان تي موضوع پيش ڪريان پيو۔
    اميد ته وڌ کان وڌ حصو وٺندئو ۽ پسند ڪندئو۔
    هن موضوع ۾ شاعريء جو عنوان آهي ”پيار“ اوهان ”پيار“ بابت پنهنجي شاعري ۽ سنڌي ڪتابن،رسالن ۽ اخبارن وغيره کان چونڊ شاعري موڪلي سگهو ٿا۔
    شرط هيء آهي ته شاعري سنڌيء ۾ هجي ۽ ٿي سگهي ته شعر جي هيٺان شاعر جو نالو لکڻ جي ضرور ڪوشش ڪجو۔

    سنڌ سلامت----ساٿ سلامت
     
  2. احسان علي جانوري

    احسان علي جانوري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ميهڙ سنڌ
    وڇائي نيڻ ويٺا آهيون ، سدائين پيار جي پنڌ ۾
    پرين ٿا ائين تون کي چاهيون ، سدائين پيار جي پنڌ ۾

    سامهون صليب هجي يا ڀل وڇايل واٽ تي ڪنڊا
    ڪڏهن واپس وريا ناهيون ، سدائين پيار جي پنڌ ۾

    اڪيلائيون ڊگهيون راتيون چڪن ٿا گهاو يادن جا
    ويٺا واهڙا کئين واهيون ، سدائين پيار جي پنڌ ۾

    ڇَتا تو هئا چڏيا ڇوڙي ، ڀنل هو بُت بارش ۾
    گھڙيون سي ياد هن آيون ، سدائين پيار جي پنڌ ۾

    اُتر جا واه وريا آهن اکين کي تنهنجو اوسيئڙو
    ڏيئي وانگر ٻريا آهيون ، سدائين پيار جي پنڌ ۾

    پُڇين ٿي پنهنجي ساگر کان جيئان ٿو ڪيئن بنا تنهنجي
    ڪڏهن ڊاهيون ڪڏهن ٺاهيون ، سدائين پيار جي پنڌ ۾
     
  3. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    165
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    او ابا اھو ظلم تھ نھ ڪريو ٻئي سايٽ تان کڻي آيا آھيو وري نالو بھ ان سايٽ جو لکيل آھي مھرباني ڪري ان کي ھٽايو.نھ تھ ھي تحرير ڊيليٽ ٿيڻ کپي.
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    لاجواب شيئرنگ آهي ادا احسان علي جانوري توهان جي اهڙي شيئرنگ جو انتظار رهندو
     
  5. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    165
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادا فقير سائٽ جو نالو هٽائڻ لاء توهانجي مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو