• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ھن ستم ظرفيءَ تي ڇا چئجي۔۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
اڄ اخبار ۾ ٻه خبرون پڙهڻ لاءِ مليون۔۔۔
هڪ خبر
”ريلوي جي وفاقي وزير بشير بلور چيو ته ريلوي کاتي وٽ فقط ٻه ڏينهن جو ڊيزل وڃي بچيو آهي، جنهن کان بعد پئسا نه ملڻ جي ڪري ريلوي بند ٿي سگهي ٿي۔“

ٻي خبر
”متحده قومي مومنٽ جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي گورنري تان استعيفى ڏيندڙ عشرت العباد کي گورنر طور واپس مقرر ڪرڻ جو اصولي فيصلو۔ سندس وطن واپسي لاءِ صدر جو طيارو خصوصي طور تي دبئي روانو“

هڪ پاسي عوامي سواري ريلوي کي هلائڻ لاءِ ڊيزل جي کوٽ آهي ته ٻئي پاسي هڪ ڀاڳوڙي ۽ مفرور شخص کي منٿن سان گورنر جي عهدي تي واپس مقرر ڪري وري حڪومت ان جي لاءِ خصوصي طيارو موڪلي ٿي۔ ان طياري تي به ڪجهه خرچ پکو هوندو۔۔ ايئن نه ته اهو طيارو فقط هوا جي زور تي اڏامندو هجي۔۔۔۔ حڪومت کي شابس آهي۔ اسان غريبن جي پئسن مان هڪ ٻئي جا کيسا ڀريندا ٿا وتن سياستدان ۽ باقي عوام ساڳو بکن ۾ پاهه لڳو پيو آهي، جيڪڏهن ريل بند ٿي وئي ته پوءِ اسان جا غريب ماڻهو وري عام ٽرانسپورٽ جي وس هلندا وتندا، جيڪي پنهنجي مرضيءَ جي ڪرائي سان غريب عوام جا کيسا خالي ڪندا۔۔۔۔​
 
جواب: ھن ستم ظرفيءَ تي ڇا چئجي۔۔۔

سائين ريلوي منسٽر پيو چوي ته انشاالله ٻه ڏينهن ۾ ريلون بند ٿئي وينديون

۽ اسٽيمٽمينٽ ڏيندي اکيون به نه پيون کلنس

اهي آهن اسان جا منسٽر


ڀڳوڙن کي گهرائيندا ته اهي خرچ ته برداشت ڪرڻا اٿن نه ادا

ٻيو ته ڪهڙو پنهنجي کيسي مان ٿا پئسا ڀرن

ٻيو ته اسان به ته انهن سان حساب ڪتاب ئي نه پيا ڪريون نه

سدائين گڏ
 
جواب: ھن ستم ظرفيءَ تي ڇا چئجي۔۔۔

جيڪڏھن ريلون ھلڻ بند ٿي ويو ته۔۔۔۔۔عام ٽرانسپوٽ وارا پنهنجي مرضي سان غريبن کي قھندا۔
ڪرايا ايترا مهانگا ٿي ويا آھن جو ماڻھون ڪاڏي ونڃي به نه ٿو سگھي۔
باقي پاڪستاني سياست دانن کان الله پچائي۔۔۔۔اھي زور ظالم آھن۔
 
جواب: ھن ستم ظرفيءَ تي ڇا چئجي۔۔۔

اسان جا سياسي اڳواڻ ذاتي مفادن کي ڏسن ٿا نه ڪي ملڪي ۽ عوامي مفادن کي۔

ان تي اڳ به بحث ڪيو هو ته موجوده سياسي سرشتي ۾ ڪابه انقلابي پارٽي نطر ڪانه پئي اچي۔ انهن جا منشور ته لاجواب آهن پر ان منشور تي عمل ڪرڻ لاء يا سوچ لاء شايد هنن وٽ وقت به ناهي۔ تنهنڪري عوام هاڻي انهن ڳالهين جو عادي ٿيندو وڃي۔
 
Back
Top