گل حسن لاکو
سينيئر رڪن

اڱارو 19 جولاءِ 2011ع - 16 شعبان 1432 هه
چڪ (رپورٽ: عزيزالله) چڪ لڳ ڪچي واري علائقي سکر ضلعي جي قادر آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ گاهي جتوئي ۾ غازي عرف ملنگ جتوئي پنهنجي گڏههِ سان اڌڙوٽ همراهه 40 ورهين جي سڪندر علي پٽ محمد حيات ديدو کي ڪارو قرار ڏئي ڇڏيو. بندوق جا فائر ڪري گڏههِ ماري ڇڏي ۽ بندوق کڻي قتل جي ارادي سان اڌڙوٽ همراهه سڪندر علي ديدو کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن ڀڄي جان بچائي، جنهن بعد اتان جي رهواسي شير مصراڻي جتوئي وٽ پناهه ورتي، جنهن رات دير سان ٻنهي ڌرين جي ماڻهن کي گهرائي جرڳو ڪيو، جنهن ۾ همراهه سڪندر علي ديدو کي گڏههِ سان ڪارو قرار ڏنو ويو ۽ همراهه مٿان هڪ لک 10 هزار رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو، جنهن مان ڪارنهن الزام هيٺ آيل نوجوان جي وارٿن غريب هئڻ ڪري الزام ڏيندڙ ڌر جي غازي ملنگ مصراڻي جتوئي کي 50 هزار رپيا ادا ڪيا ۽ باقي ڏنڊ جي رقم ٻن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي، جڏهن ته الزام هيٺ آيل همراهه دانهيندي ٻڌايو ته ڳوٺ گاهي جتوئي ڀرسان گذري رهيوهوس ته اتي بيٺل جوابدارن عازي جتوئي ۽ سندس پٽن مون سان گڏههِ کي ڪارو ڪري بندوق جا فائر ڪري ماريو ۽ مون کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مون سان ناانصافي ٿي آهي.