TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
سائين محمد مراد هاليجوي
شان وارو مان وارو _ سائين محمد مراد
نيڪ صالح ۽ ڀلارو _ سائين محمد مراد
گفتگو جنهن جي سدائين مَنَ کي موهيندڙ هئي
پيار ڏيندڙ هو پيارو _ سائين محمد مراد
مرڪزي اڳواڻ جي يو آءِ جو هر دم رهيو
صاف سياست ۾ نيارو _ سائين محمد مراد
چئني صوبن جي اندر شاگرد جنهن جا ٿا رهن
علم جو روشن ستارو _ سائين محمد مراد
ڊيم ناجائز هجڻ جي شرعي جنهن فتوي ڏني
سنڌ وارن جو سهارو _ سائين محمد مراد
ڪنهن به باطل جي اڳيان جهڪيو نه هو وڪيو نه هو
حق جو هڻندو هو نعرو _ سائين محمد مراد
سهڻو مفتي سهڻو عالم سهڻو هو شيخ الحديث
۽ مدرس ناميارو _ سائين محمد مراد
ڇپر هو ڇانوَ هو (گلزار چنا) سڀني لئه
ڇنتي سهڻو سونهارو _ سائين محمد مراد
شان وارو مان وارو _ سائين محمد مراد
نيڪ صالح ۽ ڀلارو _ سائين محمد مراد
گفتگو جنهن جي سدائين مَنَ کي موهيندڙ هئي
پيار ڏيندڙ هو پيارو _ سائين محمد مراد
مرڪزي اڳواڻ جي يو آءِ جو هر دم رهيو
صاف سياست ۾ نيارو _ سائين محمد مراد
چئني صوبن جي اندر شاگرد جنهن جا ٿا رهن
علم جو روشن ستارو _ سائين محمد مراد
ڊيم ناجائز هجڻ جي شرعي جنهن فتوي ڏني
سنڌ وارن جو سهارو _ سائين محمد مراد
ڪنهن به باطل جي اڳيان جهڪيو نه هو وڪيو نه هو
حق جو هڻندو هو نعرو _ سائين محمد مراد
سهڻو مفتي سهڻو عالم سهڻو هو شيخ الحديث
۽ مدرس ناميارو _ سائين محمد مراد
ڇپر هو ڇانوَ هو (گلزار چنا) سڀني لئه
ڇنتي سهڻو سونهارو _ سائين محمد مراد
گلزار چنا