• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ پياري دوست عبدالحفيظ لغاري کي جنم ڏڻ جون واڌايون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
207950_2250419298193_1179567033_32818581_6604401_n.jpg


سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ پياري دوست عبدالحفيظ لغاري کي سندس جنم ڏڻ جون واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔ عبدالحفيظ لغاري سنڌ جي انهن نوجوانن مان آهي جيڪو پنهنجي قابليت سان ڪراچي ۾ اچي ملڪ جي وڏي اداري پي سي ايس آء آر ليبارٽري ۾ آفيسر ٿيو ۽ اڃان به جستجو ۾ آهي ۽ پنهنجي نوڪري سان گڏ ريسرچ جو ڪم ڪري رهيو آهي۔

حفيظ سان پهريون دفعو ملاقات تڏهن ٿي جڏهن هو سچل ڳوٺ ۾ ٻه ٽي سال اڳ آيو هو ۽ اسان جو مهمان ٿيو هو۔ اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن ساڻس دوستي ۽ ڀائري جو اهڙو ته مضبوط رشتو جڙيو جيڪو قائم ۽ دائم آهي۔ سنڌ سلامت جي باشعور دوستن مان هڪ آهي ۽ قيمتي مشورا ۽ رهنمائي پڻ ڪندو رهندو آهي۔

سندس جنم ڏينهن دعا آهي ته پاڻ سدائين خوش رهي ۽ زندگيء جون اڻ ڳڻيون بهارون مسڪرائيندي گذاري۔​
 
جواب: سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ پياري دوست عبدالحفيظ لغاري کي جنم ڏڻ جون واڌايون

لک لائق سليمان صاهب۔ اسان ته بس يار ڇا آهيون!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ اها اوهان جي عظمت آهي جو ايڏي عزت ڪريو ٿا۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ پياري دوست عبدالحفيظ لغاري کي جنم ڏڻ جون واڌايون

عبدالحفيظ لغاري۔ کلندڙ چهرو، کليل دماغ ۽ سنڌ سڄڻ انسان آهي، سندس سنڌ سلامت جي دوستن سان دوستيون گهريون ٿي رهيون آهن ۽ سنڌ سلامت تي سندس ونڊ ڪيل ليک ۽ تبصرا به انتهائي ڪارآمد هوندا آهن ۔۔۔

دوست لغاري! ڄمڻ ته انسان جي وس جي ڳالهه ناهي، پر ڄم کان پوءِ سهڻي سيرت اختيار ڪرڻ، حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيڻ انسان جي هٿ وس ضرور آهي، اوهان کي حق سچ سان ساٿ ڏيڻ تي واڌايون ۽ سنڌ جي سڄڻائپ جون لک لک واڌايون ۔۔۔

سنڌ ۽ سنڌيت لاءِ اسان سڀني کي سڄي ڄمار ڪم ڪرڻو آهي انڪري اڃان منزل اڳتي آهي، اڃان گهڻو ڪجهه ڪرڻ لاءِ آهي ۽ مليل هن زندگيءَ جي هر گهڙيءَ کي وزنائتو ڪرڻ جو موقعو اسان وٽ آهي ۔۔۔ انڪري اي دوست! هلندا رهو، پاڻ سان گڏ قوم کي سنواريندا رهو ۔۔۔

رب العالمين اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي ۔۔۔ آمين
 
Back
Top