سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ پياري دوست عبدالحفيظ لغاري کي جنم ڏڻ جون واڌايون

'جنم مبارڪ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 جولائي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [JUSTIFY]سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ پياري دوست عبدالحفيظ لغاري کي سندس جنم ڏڻ جون واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔ عبدالحفيظ لغاري سنڌ جي انهن نوجوانن مان آهي جيڪو پنهنجي قابليت سان ڪراچي ۾ اچي ملڪ جي وڏي اداري پي سي ايس آء آر ليبارٽري ۾ آفيسر ٿيو ۽ اڃان به جستجو ۾ آهي ۽ پنهنجي نوڪري سان گڏ ريسرچ جو ڪم ڪري رهيو آهي۔

    حفيظ سان پهريون دفعو ملاقات تڏهن ٿي جڏهن هو سچل ڳوٺ ۾ ٻه ٽي سال اڳ آيو هو ۽ اسان جو مهمان ٿيو هو۔ اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن ساڻس دوستي ۽ ڀائري جو اهڙو ته مضبوط رشتو جڙيو جيڪو قائم ۽ دائم آهي۔ سنڌ سلامت جي باشعور دوستن مان هڪ آهي ۽ قيمتي مشورا ۽ رهنمائي پڻ ڪندو رهندو آهي۔

    سندس جنم ڏينهن دعا آهي ته پاڻ سدائين خوش رهي ۽ زندگيء جون اڻ ڳڻيون بهارون مسڪرائيندي گذاري۔[/JUSTIFY]
     
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ پياري دوست عبدالحفيظ لغاري کي جنم ڏڻ جون واڌايون

    لک لائق سليمان صاهب۔ اسان ته بس يار ڇا آهيون!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ اها اوهان جي عظمت آهي جو ايڏي عزت ڪريو ٿا۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ پياري دوست عبدالحفيظ لغاري کي جنم ڏڻ جون واڌايون

    عبدالحفيظ لغاري۔ کلندڙ چهرو، کليل دماغ ۽ سنڌ سڄڻ انسان آهي، سندس سنڌ سلامت جي دوستن سان دوستيون گهريون ٿي رهيون آهن ۽ سنڌ سلامت تي سندس ونڊ ڪيل ليک ۽ تبصرا به انتهائي ڪارآمد هوندا آهن ۔۔۔

    دوست لغاري! ڄمڻ ته انسان جي وس جي ڳالهه ناهي، پر ڄم کان پوءِ سهڻي سيرت اختيار ڪرڻ، حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيڻ انسان جي هٿ وس ضرور آهي، اوهان کي حق سچ سان ساٿ ڏيڻ تي واڌايون ۽ سنڌ جي سڄڻائپ جون لک لک واڌايون ۔۔۔

    سنڌ ۽ سنڌيت لاءِ اسان سڀني کي سڄي ڄمار ڪم ڪرڻو آهي انڪري اڃان منزل اڳتي آهي، اڃان گهڻو ڪجهه ڪرڻ لاءِ آهي ۽ مليل هن زندگيءَ جي هر گهڙيءَ کي وزنائتو ڪرڻ جو موقعو اسان وٽ آهي ۔۔۔ انڪري اي دوست! هلندا رهو، پاڻ سان گڏ قوم کي سنواريندا رهو ۔۔۔

    رب العالمين اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي ۔۔۔ آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو