• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تعلق جي ناهي جسم سان روحاني

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
تعلق جي ناهي جسم سان روحاني
سڀ سڪون بي مقصد بي معني

سمجهايو آزدي جي علمبردارن کي
لذتِ جسم وڌائي روح جي بي سڪوني

تن جي آزادي بدلي من ٿيو مردار
من جي آزادي سان زندگي انساني

ڏسي يورپ جي آزادي نوجوان
اسلام کان ڪري ويٺو بدگماني

امن جي نالي دنيا ۾ هر روز وڌي ٿي
قتل و گارتگيري ڀريل بازار بي ايماني

ڇا ڏسو نه ٿا حال اوهان هتان جو
سامهون صورتحال عراقي و افغاني

انساني قدرن جو ڪير پڙهي جنازو
روبروز جا وڌي ٿي پريشاني

جذبهءِ ايثار ، مروت، عزتو آبرو
لڏي ويا ڪير نه ٿو ڪري قرباني

جيڪو وهي واپري اسان جي سامهون
اسان ڪيون ٿا تنهنجي ترجماني

ڏاڏل معاشرت ختم معاشرن مان
انساني معاشرن ۾ منظر آهن حيواني

 
جواب: تعلق جي ناهي جسم سان روحاني

ڏسي يورپ جي آزادي نوجوان
اسلام کان ڪري ويٺو بدگماني


ڏاڏل جو درد محسوس ڪري سگهجي ٿو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پنهنجي احساسن ۽ جذبن کي سهڻي نموني پيش ڪيو ٿا ۔۔۔۔

بهترين ونڊ
 
جواب: تعلق جي ناهي جسم سان روحاني

ڏسي يورپ جي آزادي نوجوان
اسلام کان ڪري ويٺو بدگماني


ڏاڏل جو درد محسوس ڪري سگهجي ٿو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پنهنجي احساسن ۽ جذبن کي سهڻي نموني پيش ڪيو ٿا ۔۔۔۔

بهترين ونڊ

سائين پسند ڪرڻ جي مهرباني ۔
وسلام
 
Back
Top