مست
سينيئر رڪن
سنڌ جا بزرگ اولياءِ ۽ انهن جا مزارات
اسد علي
اسد علي
سنڌ ڌرتيءَ کي اهو فخر حاصل رهيو اهي ته هتي صوفيت ۽ امن پسنديءَ جو راڄ رهيو آهي ۽ ان ۾ وڏي ۾ وڏو هٿ هتي آرامي ٿيل مختلف هستين جو آهي، جيئن سائين شاهه لطيف رح، سائين عثمان مروندي قلندر رح، سچل سرمست، ۽ ٻيا اهڙا سوين بزرگ اولياءِ آهن جن جي فيض ۽ تعليمات سبب هي ڌرتي هر دور ۾ طالباني سوچ ۽ شدت پسندي کان ڪوهين ڏور رهي آهي ۽ هتي صرف امن پسندي ئي رائج رهي آهي، ايتري قدر جو مختلف مذهبن جي ماڻهن ۾ هڪ ٻئي جي رسمن رواجن، تهوارن، عقيدن جو احترام حد کان وڌيڪ رهيو۔۔ اهو ئي سبب آهي جو انهن مٿي ڄاڻايل سڀني هستين جي مڃڻ وارن ۾ اوهان کي هندو توڙي مسلمان ٻنهي مذهبن جا ماڻهو ملندا۔ انهن بزرگن جي تعليمات جي ڪري سنڌ جي ڌرتي ايتري ته پويتر ۽ ڏوهن کان پاڪ رهي جو هتي ڪنهن دور ۾ گهرن کي چارديواري نه هوندي هئي ڇو جو ڪنهن چوري يا واردات جو ڪو خطرو ئي نه هوندو هو۔ اهڙي عمل ڪرڻ کي وڏي ۾ وڏو گناهه سمجهيو ويندو هو۔۔
انهن پيرن فقيرن جي بنيادي تعليم ۽ مقصد ”امن، پيار ۽ برداشت جو رويو رکڻ“ ئي هو۔ دنيا ۽ دنيا پرستي کان هنن کي ايتري قدر ئي نفرت هوندي هئي جيتري ڪنهن باشعور صحتمند شخص کي بيماريءَ کان نفرت هوندي آهي۔ جڏهن اهي بزرگ پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ پنهنجي پنهنجي طريقي سان امن ۽ آشتي جي تعليم ڏيندا رهيا ته انهن ڪيتريون ئي سختيون پڻ ڏٺيون۔۔ پر توحيد جي ڏنل روحاني طاقت سبب انهن ايترو ته سنڌ کي امن جي رنگ ۾ رنگي ڇڏيو جو ڪئين صدين تائين سنڌ امن جو گهوارو رهي۔
جيئن قلندر لعل شهباز جي قديمي سيوهڻ ۾ آمد کان پهرين اتي بي حيائي ۽ بدڪاريءَ جو وڏو عروج هوندو هو پر خدا جي هن بزرگ هستيءَ جي عملن سبب اتي اهي ڪاروبار بند ٿيندا ويا ۽ اهڙو ته سيوهڻ جو مقدر بدلجيو جو سيوهڻ مان سيوهڻ شريف سڏجڻ لڳو۔۔ قلندريءَ جي رتبي تي فائز ٿيندڙ هن شخصيت جي مزار اڄ به سنڌ جي ڪل بزرگن جي وچ ۾ ايئن آهي ڄڻ ڪنهن گلدستي ۾ گلاب جو گل سڀني کان نمايان هوندو آهي۔
سيوهڻ ۾ اڄ ڏينهن تائين شعبان جي وچين عشري جي آخري ڏينهن ۾ سندس عرس ملهايو ويندو آهي۔ پر ان ڀلاري عرس جي موقعي تي سندس تعليمات جي برخلاف ٿيندڙ عملن جي ڪري ان ميلي يعني عرس مبارڪ جي خلاف هڪ ذهنيت عام ٿيندي پئي وڃي ته اهي ميلا بدڪاري بدحيائيءَ جا مرڪز آهن، روز نيون بدعتون، ڳالهيون نڪرن پيون، انهن پيرن فقيرن جي مزارن کي ڊاهيو وڃي۔ ٻئي لفظن ۾ ماڻهن جي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته قلندر صاحب جي مزار نه هجڻ گهرجي، نه ئي ٻئي ڪنهن پير فقير جي مزار سنڌ ۾ يا پاڪستان ۾ هجڻ گهرجي۔۔ اسلام ان جي منع ڪري ٿو۔۔ مزارن کي ڊاهيو وڃي جيئن مديني منوره ۾ بقيع جي قبرستان ۾ صحابين ۽ اهل بيت جي مزارن مٿان قائم روزن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو ايئن هتي به ڪرڻ گهرجي۔۔۔ نه ته اهي بدعتن جو مرڪز بڻجي وڃن ٿيون۔۔
جيڪڏهن مان غلط ناهيان ته اهڙو ئي ڪجهه عقيدو طالبان جو به آهي ، جيڪي پنهنجي ان ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ وقت بوقت پاڪستان جي مختلف عالمن، بزرگن، پيرن، بارگاهن تي بم ڌماڪي ڪرڻ جي ذريعي انهن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن۔ ڪجهه وقت اڳ ئي بري امام رح جي درگاهه تي ٿيل بم ڌماڪو به ان ئي سلسلي جي ڪڙي هئي۔۔۔
بهرحال ان ڳالهه کي ڏسڻ کان پهرين اهو ڏسون ته سنڌ ۾ ٿيندڙ اهڙن سڀني ميلن ۾ جيڪا بدڪاري بدحيائي لڪيل يا ظاهر طور تي ٿئي ٿي ڇا ان ۾ انهن پيرن فقيرن جو هٿ آهي؟ يا انهن جي مزارن تي اهو لکيل آهي ته هتي اچي اهي عمل ڪريو؟؟ بدڪاري ڪريو بدحيائي ڪريو۔۔ يا انهن جي گادي نشينن طرفان اجازت ڏنل آهي؟؟ يا انهن جي روضي جي حدن ۾ اهڙا عمل يا ڪم ٿين ٿا؟ جيڪڏهن ايئن نه آهي ته پوءِ اسان کي ان عمل جي لاءِ ذميوار انهن پيرن کي نه پر انهن جي عرسن يا ميلن ۾ اهي ڪڍا ڪم ڪرڻ وارن عنصرن کي قرار ڏيڻ گهرجي. جيڪي اهڙين پاڪ هستين کي به نه ٿا بخشين. ناچ گانو فحاشيءَ جي پهرين ڏاڪي جي حيثيت رکي ٿو ، جيڪو ان جو انتظام ڪري ٿو ان کي پهريون ذميوار قرار ڏيڻ گهرجي. ان جو انتظام ڪندڙ گهٽ ۾ گهٽ گادي نشين ته ڪونه هوندا ڇو ته ڀٽ شاهه کان وٺي اهڙن ڪيترن ئي بزرگن جي گادي نشينن کان اسان ڀلي ڀت واقف آهيون جيڪي انهن شين طرف لاڙو نه ٿا رکن. بلڪه سنئون سڌو حڪومت جو ثقافت کاتو يا ان علائقي جا با اثر ماڻهو ان جي پٺيان ٿين ٿا. اهي ساڳيا عناصر هر ميلي يا موقعي تي موجود هجن ٿا. رڳو عرس پاڪ جي ڳالهه نه آهي بلڪه ڪو فيشن شو هجي يا وڏي شادي يا اهڙي ڪا وڏي تقريب، اهي عنصر ان جڳهه جو خانو خراب ڪرڻ لاءِ ۽ ان موقعي جو پورو فائدو وٺڻ لاءِ موجود هجن ٿا.
ٻيو وڏو الزام ته اهڙن موقعن تي نيون رسمون ڪڍيون وڃن ٿيون، نوان مقام پيدا ڪيا وڃن ٿا جيئن ماڻهو انهن جي زيارت ڪن، تاريخ ۾ انهن جو ڪو ثبوت نه آهي، ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ جو سبب آهن. ان سلسلي ۾ عرض آهي ته تاريخ سان هٿ چراند ته جتي ڪٿي ٿي رهي آهي. ماڻهن نبين کي ئي ڪونه بخشيو ته اولياءِ ڪرام ڪهڙي شئي آهن؟ بيشڪ اهڙيون گمراهه ڪن ڳالهيون ٿي رهيون آهن پر انهن جي پٺيان به اتان جا گادي نشين يا بزرگ پير فقير صاحب پاڻ نه ٿا هجن بلڪه پئسا ڪمائڻ جا نوان طريقا ڳوليندڙ اهو ٽولو هجي ٿو جن جي نشاندهي يوٽيوب جي مختلف وڊيو ۾ موجود آهي. اجنهن جي سبب اهي مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن.
ٽيون الزام ته اتي اولياءِ الله جي شان کي وڌايو وڃي ٿو، انهن کي مشڪل ڪشا چيو وڃي ٿو يا وري علي (ع) کي خدا چيو وڃي ٿو، ان سلسلي ۾ جيڪا پروپيگنڊه آهي اها هڪ منظم طريقي سان ٿي رهي آهي ۽ گمراه ڪن ڳالهيون به منظم گروپ ڪري رهيو آهي. ان سلسلي ۾ مان ٻين مقامن جو نه پر صرف سيوهڻ شريف جو مثال اوهان سڀني دوستن جي اڳيان پيش ڪريان جنهن جو پاڻ مان وڏي غور سان روبرو مشاهدو پڻ ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ تحقيق پڻ ڪئي آهي. توهان پاڪستان جي مشهور شخصيت عامر لياقت حسين جو نالو ٻڌو هوندو. جيڪو ايم ڪيو ايم جو سرگرم اڳواڻ ۽ ڪنهن دور ۾ پاڪستان جو مذهبي وزارت جو وزير به رهي چڪو آهي ۽ ان کان علاوه جيو تان هو هڪ پروگرام پڻ هلائيندو هو عالم آن لائن، جنهن ۾ هو پنهنجي مرضيءَ جا عقيدا سڀني جي اڳيان آڻيندو هو، ڏيڍ ڪلاڪ جي ان پروگرام ۾ مهمان ويچارا وڌ ۾ وڌ اڌ ڪلاڪ ڳالهائيندا هئا باقي ڪلاڪ عوام کي هن جي ئي گمراهه ڪن گفتگو ٻڌڻي پوندي هئي. ان تي آمريڪي ايجنڊا جي تحت ڪم ڪرڻ جا الزام پڻ لڳي چڪا آهن.
ان ساڳئي شخصيت جو هڪ ڀاءُ آهي عمران لياقت حسين، جيڪو سيوهڻ ۾ آيت الله عمران لياقت حسين سڏيو وڃي ٿو، توهان سمجهندا هجو ته آيت الله مطلب ته هن ايران مان تعليم حاصل ڪئي هوندي، پر ايئن نه آهي، هي آمريڪا جو ايجنٽ ۽ آمريڪي آيت الله آهي، هن ڪيترائي ڀيرا پنهنجي ڪتابن ۾ ۽ ليکن ۾ آمريڪا کي ايران تي حملي ڪرڻ لاءِ زور ڀريو آهي، اڄ به سيوهڻ ۾ سندس ڪتاب مفت ورهايا وڃن ٿا جن ۾ غلط عقيدا هجن ٿا. هي ظاهري طور تي پاڻ کي اهل تشيع جي مسلڪ سان وابسطه ڏيکاري ٿو پر اصل ۾ سندس تقريرن مان نصيريت جو سبق ملي ٿو. نصيري اهي ماڻهو آهن جيڪي حضرت علي عه کي الله مڃين ٿا ۽ اڄ به جڏهن اوهان قلندر جي ميلي ۾ ويندو ته اتي ڪجهه مخصوص ماڻهو اوهان کي ڪارن ڪپڙن ۽ وڏن ڪارن جهنڊن سان ڏسڻ ۾ ايندا جن تي ”علي الله“ جا نعرا درج آهن، اهي ماڻهو وچ ميلي ۾ وڏي آواز سان علي الله جا نعرا بلند ڪندا آهن پر کين ڪير روڪڻ ٽوڪڻ وارو نه آهي؟؟ ڇو ۽ ڇا جي ڪري؟ اهو سوال مان پاڻ توهان دوستن کان پڇڻ چاهيندس. جتي پاڪستان ۾ ايترا مذهبي ادارا آهن پر ڪو به ادارو سندس متعلق ايڪشن نه ٿو کڻي ڇو؟؟؟ اهو ان ڪري جو کيس آمريڪا جي پٺڀرائي حاصل آهي. جيڪو سندس خلاف آواز کڻي ٿو ان کي يا ته ملڪ نيڪالي ڏني وڃي ٿي يا وري مرڳو ئي ان جو قصو ختم۔۔
مثال طور ڪجهه سال اڳ سيد جان علي شاهه شيرازي ڪراچي جي خميني لائبريري ۾ ان سلسلي ۾ محرم جو هڪ پورو عشرو پڙهيو هو، جنهن ۾ هن ان آيت الله تي سڌي سنئين تنقيد ڪري سندس ڪردار ماڻهن آڏو وائکو ڪيو ، پر نتيجو ڇا نڪتو جو جلد ئي سائين جان علي شاهه کي پاڪستان بدر ڪيو ويو۔ هاڻي سندس پاڪستان اچڻ تي اڃان تائين پابندي آهي۔ ان نقلي آيت الله جي گهر ۾ وڏيون محفلون ٿينديون آهن جتي غريب ۽ لا علم جاهل ماڻهن کي گمراهه ڪن عقيدن ۽ روزي روٽيءَ جي زور سان بهڪائي سندن عقيدو ڦيرائي نصيريت جو ڪيو وڃي ٿو، اهڙي قسم جا ماڻهو اوهان کي قلندر (رح) جي درگاهه کي سجدو ڪندي به نظر ايندا. يوٽيوب جي اهڙين وڊيو ۾ جنهن مسلڪ جي ماڻهن متعلق اشارو ڪيل هو ته اهي اتي غلط ڳالهيون ۽ عقيدا ٿا ڦهلائين .. انهيءَ مسلڪ جي ماڻهن جي باري ۾ ٻڌائيندو هلان ته اهي ويچارا صرف اوهان کي اتي ماتم ڪندي نظر ايندا.. جي ها، اهي ميلي جي دوران به ماتم ڪندا آهن، ڇو ته قلندر جي روضن جي ٻنهي طرفن کان لڳل عَلم پاڪ گواهه آهن ته هو پاڻ وڏو عزادار هو. باقي مشڪل ڪشا ڪير آهي ڪير ناهي؟ ان تي ماڻهو 14 سو سالن کان بحث ڪندا پيا اچن. جي اهو مسئلو مُڪجي وڃي ها ته ايترا اختلاف ڇو ٿين ها.؟
اهڙن بزرگ پير فقيرن جي خلاف ۽ انهن جي مزارن جي خلاف پروپيگنڊه ڪرڻ وارن کان اهو پڇندو هلان ته اهي سڀ مسئلا پاڪستان ۾ ئي ڇو ٿا ٿين؟ ٻين ملڪن ايران، عراق ۾ ڇو نه ٿا ٿين؟ اتي به ته الله جي پيارن جون مزارون آهن، اتي اهي مٿي ڏسايل ٽئي ڳالهيون نٿيون ٿين؟ ڇو ڀلا؟ ان جو جواب اهو آهي جو اُتي جي حڪومت انهن ڪمن ۾ نه ته ملوث آهي نه وري اهڙن ڪمن کي برداشت ڪري يا پٺڀرائي ڪري ٿي. ڪمي آهي ته پاڪستان جي عوام توڙي حڪومت ۾ ڪمي آهي.
باقي جيڪڏهن اسان انهن بزرگن جي مزارن کي ڊاهي پَٽ ڪيوسين ته اسان وٽ روحانيت جا مرڪز ته پوءِ ٻيا آهن ڪونه۔۔۔؟؟ مدرسن ۽ مسجدن ۾ هينئر جيڪو طالبانزم حاوي ٿيندو پيو وڃي اهو اسان جي سنڌ کي ڪهڙي مقام تي پڄائيندو ان جو ڪو صحيح اندازو نه ٿو لڳائي سگهي۔ پر سچ هي آهي ته انهن بزرگن جي انهن مزارات ۾ صوفيت ۽ روحانيت اڃان تائين ملي ٿي۔۔۔ اسان کي گهرجي ته انهن بزرگن جي ميلن ۽ عرسن جي پروگرامن مان ان گند کي صاف ڪريون جيڪو انهن جي خلاف پروپيگنڊه ڪرڻ وارن جا هٿ مضبوط ڪري رهيو آهي۔
نقلي آيت الله عمران لياقت حسين ۽ ان جهڙي ٻين ماڻهن جي وڌيڪ تفصيل ٻڌڻ لاءِ هن يوٽيوب پلي لسٽ ۾ 7 وڊيوز موجود آهن انهن کي ڏسو
http://www.youtube.com/playlist?list=PL07BFB281500C18EC