سنڌ تنهنجي هر ذري ۾

سنڌ تنهنجي هر ذري ۾ ساه پنهنجو
ٿر اتر ڪاڇي سَري ۾ ساه پنهنجو
هر ٻني ۾ ور وني ۾ چٽ چني ۾
پُوک هاري ان کري ۾ ساه پنهنجو
هير گهٽ ۾ مور ڀٽِ ۾ مينهن سَٽَ ۾
هر اَ بَرَ رحمت ڀري ۾ ساه پنهنجو
ٻور ٻيلي ڪانهن پلڙي واڙ وڻ ۾
مال ماهي ٻاڪري ۾ ساه پنهنجو
شاخ واٽر واه دريا سير ڪن ۾
لهر ڇولي وهڪري ۾ساه پنهنجو
شاه سامي گل بخاري ۽ سچل ۾
زيب ۽ ادل سومري ۾ ساه پنهنجو
علي چوهاڻ کيبرائِي
 
جواب: سنڌ تنهنجي هر ذري ۾

ماشاءالله !
سٺن لفظن جي مالا پروئي وري سنڌ ڌرتي جي هن ۾ عڪاسي ڪري اصل چار چنڊ لڳائي ڇڏيا اٿو ،
اوهان جي شاعري سنڌ سان محبت جو ثبوت پيش ڪري رهي آهي ۔
دعا آهي ته اوهان جي قلم ۾ الله تعالى مزيد وسعت ۽ بلندي عطا فرما ، جئين هن ڀلاري زمين لا اوهان وقت سر پنهنجا انمول ٻول لکي اسان سان ونڊ ڪندا رهو ، آمين
 
جواب: سنڌ تنهنجي هر ذري ۾

سهڻا سائين ! شاعري ته ڏاڍي سٺي آهي پر ڪاما ۽ڦل اسٽاپن جو خيال ڪندا ڪريو۔ گرامر جي غلطين ڪري سڄو مزوئي خراب ٿيو وڃي۔
 
جواب: سنڌ تنهنجي هر ذري ۾

واهه

بهترين سٽون ۔۔۔۔۔سنڌ سان عشق۔۔۔ ڌرتي ۽ ڌرتي جي ڏاهن سان عشق

تمام ڀلي شيئرنگ
 
Back
Top