سنڌ جي عظيم سنڌي شاعره زيب نظاماڻي جي شاعري سندس زباني

'سنڌ سلامت شوڀز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏24 جولائي 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    [JUSTIFY]پيارا سنڌ سلامت جا دوستو ۽ ساري دنيا جا سنڌي ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ، دوستو جڏهن به سنڌ ڌرتي جي خاتون شاعرائن جو ذڪر ٿيندو ته ان ۾ سرفهرست ۽ ٽاپ تي نالو سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه جو آهي ۽ هوندو، پاڻ نه صرف شاعره آهن پر تمام سُٺي مضمون نگار، سُٺي تحقيق دان، سُٺي مقرر، سنڌ جي ڪنهن به ٻرندڙ مسئلي تي آواز اٿاريندڙ عملي جدوجهد ڪندڙ شخصيت جي مالڪه آهن، سندس مضمون ، سندس شاعري پوري سنڌ جي اهم ترين رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهندا آهن، جڏهن به سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه سان ڪنهن ادبي مذاڪري ، ڪنهن ادبي ويهڪ يا مشاعري ۾ ملاقات ٿيندي آهي ته سانئڻ اسان جي محبتي اڱڻ سنڌ سلامت جي باري ۾ ضرور پُڇندي آهي ، پاڻ سدائين مسڪرائيندي رهندي آهي، سنڌ ڌرتي سان سندس محبت ازلي آهي، پاڻ ڌرتي جي شاعر شيخ اياز جي فن تي ٿيسس لکي رهي آهي ، پاڻ تعليم کاتي ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جي حيثيت سان ذميواريون سرانجام ڏيئي رهي آهي، دوستو مون سندس شاعري جي اسلوبن مان گهڻو ڪُجهه سکيو آهي ، ڪجهه شاعري جي فني مسئلن تي پريشان ٿيندو آهيان ته سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه کان رهنمائي وٺي پنهنجي شاعري کي سهي سمت طرف گامزن ڪندو آهيان ان حساب سان مان کيس پنهنجي استاد شاعره تسليم ڪريان ٿو۔گُذريل ڏينهن هڪڙي ادبي مذاڪري ۾ سندس اچڻ ٽنڊو محمد خان ٿيو ته مون کيس گُذارش ڪئي ته سانئڻ توهان جي شاعري جا چند اسم توهان جي آواز ۾ صرف سنڌ سلامت لا رڪارڊ ڪرڻ ٿو چاهيان ، پاڻ انڪار ڪري نه سگهي سمپل ۽ سادي ڪئميرا ذريعي سندس آواز ۾ سندس شاعري رڪارڊ ڪري ورتم، دوستو ان رڪارڊ ٿيل شاعري جي ايڊيٽنگ ڪري توهان سان شيئر پيو ڪريان، دوستو سنڌ سلامت اسٽوڊيو پنهنجي ڪافي فني ۽ ٽيڪنيڪي ڏُکيائن جي باوجود تاريخي حيثيت بحال رکڻ ۾ پنهنجي وس آهر ڪامياب آهي ته سنڌ سلامت اسٽوڊيو ۾ فنون لطيفه سان تعلق رکندڙن جا وڊيوز جنهن ۾ سنڌي ڏاهي سنڌي سيلاني الطاف شيخ سان ملهايل شام جي تاريخي وڊيوز کان وٺي سنڌ جي خوبصورت جذبن جي مالڪه شاعره سانئڻ زيب نظاماڻي جي شاعري سندس زباني موجود آهي۔ اميد ته سنڌ جي هن خوبصورت شاعره جي شاعري سندس زباني توهان کي پسند ايندي، توهان جا مفيد راين جو شدت سان منتظر رهندس۔[/JUSTIFY]


    سنڌ جي عظيم شاعره محترما زيب نظاماڻي صاحبه جي شاعري سندس زباني سنڌ سلامت جي خالص پنهنجي پيشڪش

     
  2. مزمل چانڊيو

    مزمل چانڊيو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏15 مئي 2011
    تحريرون:
    149
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ جي عظيم سنڌي شاعره زيب نظاماڻي جي شاعري سندس زباني

    سنڌ جي سريلي شاعره
    محترمه زيب نظاناڻي جو خوبصورت آواز ۽ من کي موهيندڙ سائين نثار احمد جي محنت تمام بهترين سائين
    شال خوش ۽ آباد هجو
    (آمين)
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جي عظيم سنڌي شاعره زيب نظاماڻي جي شاعري سندس زباني

    ادا مزمل توهان مونکي بي لوث دعائون ڪيون توهان جا ٿورا لاهي نه سگهبا باقي سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه جي شاعري سندس زباني وارو وڊيو توهان کي پسند آيو لک لائق ادا، بس يار ايڊيٽنگ وغيره ڪهڙي مڙئي واندڪائي جي وندر ڪريو ويٺا آهيون اسان جو مقصد ۽ اسان جو فرض صرف سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ کي سجائڻ آهي۔ اميد ته توهان به سنڌ سلامت لاءِ سنڌ جي ڏاهن شاعرن شاعرائن، سنڌي اديبن جا ڪجهه وڊيوز اسان سان شيئر ڪندا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو