ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي پنجابي عوام جي عدالت ۾۔۔۔

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏24 جولائي 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌ جيڪا صدين کان سنڌين جي رهي آهي ۽ سنڌي جيڪي صدين کان هتان جا مالڪ رهيا آهن۔۔۔ اڄ جيڪڏهن ڪراچي سميت سموري سنڌ کي نعرو هڻي پنهنجو چون ته ڪجهه ماڻهون کين حيرت مان ڏسندا ته ڪي وري اهڙا به ضرور هوندا جيڪي زور ڏئي ٽهڪ ڏيندا۔۔۔
    هتي آيل غير سنڌي اهڙي طرح آيا ۽ رهيا ۽ وري سنڌ کي پنهنجو دعويدار بڻايو جو اسان سنڌي ڏندن ۾ آڱريون ڏيندي کين ڏسندا رهياسين۔۔۔ اسان انهن کي تڏهن به ائين ڏٺو جڏهن اهي آيا۔۔۔ اسان انهن کي تڏهن به ائين ڏٺو جڏهن اهي هتي اچي اسان جي ملڪيتن تي قبضو ڪري ويا ۽ اسان انهن کي تڏهن به ائين ڏسي رهيا آهيون جو اهي سنڌي کي پنهنجي ملڪيت سمجهي رهيا آهن۔۔۔
    محترم سائين نثار ابڙو گفتگو دوران هڪ ڳالهه ڪئي هئي ته ”اسان سنڌي دريائي ماڻهون آهيون اهو ئي سبب آهي جو ٿڌا آهيون۔۔۔ “
    سندن اهڙن جملن تي گهرائي سان سوچجي ته خبر پوندي ته سنڌ جو دريا ۽ سنڌي صديون پراڻا آهن ۔۔ ان جو مطلب ته اسان صدين کان ٿڌا آهيون۔۔۔ جي ائين آهي ته پٿر دنيا جو اهو دور جنهن ۾ ”ٻين تي حملو ڪيو ۽ سندن مٿان حڪومت ڪيو“ جو قانون هيو ۔۔ اسان ان دور ۾ ئي پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ويهون ها۔۔ پر تاريخ گواه آهي ته سنڌين انهي دور ۾ ڪيترو نه بهادري ڏيکاري۔۔۔ 5000 سال اڳ جو موئن جو دڙو پڙهجي يا عربن کان وٺي انگريزن تائين تاريخ پڙهجي سنڌي اڄ وانگر ٿڌا نه مليا ۔۔
    پر هاڻي دريائي سنڌي ٿڌا آهن ۽ پنهنجي کليل اکين، سڪل چهرن، حيرت زده احساسن سان پنهنجي ملڪيتن کي هڙپ ڪندڙن کي ڏسي به رهيا آهن ۽ ٻڌي به رهيا آهن پر ڪجهه ڪرڻ جي عمل ۾ ٿڌا آهن۔۔۔ ”شايد ڪنهن دلير ۽ بهادر اڳواڻ جي اڳيان اچڻ جي انتظار ۾ آهن ۔۔۔“
    اسان جي ٿڌائپ جو احساس شايد پاڪستاني ميڊيا کي به خوب آهي اهو ئي سبب آهي جو ڌارين جي ظلم جو حساب ڪتاب وٺڻ لاءِ اسان کان پڇڻ بجاءِ پنجاب جو رخ ڪيو اٿن۔۔۔ ۽ پنجاب جي عوام اڳيان انهن غير سنڌين کي آندو آهي جيڪي سنڌي هجڻ ۽ سنڌ جي ملڪيت جا دعويدار آهن۔۔۔
    پنجاب جو عوام به شايد اسان جي ٿڌائپ ۽ اسان جي دلين ۽ ذهنن ۾ دٻيل سوالن کان واقف آهي ۔۔ اهو ئي سبب آهي ته انهن پنهنجي اڳيان آيل اهڙن سنڌ جي ملڪيت جي دعويدارن کان سوال ڪندي پگهر ضرور ڪڍيو آهي۔۔۔

    هتي ايڪسپريس جي پروگرام فرنٽ لائين جون ٻه قسطون اردو هجڻ باوجود ان ڪري ونڊ ڪري رهيو آهيان ته متان پنجاب جي نوجوانن طرفان ڪيل اسان واري سوالن ۽ سنڌ جي ملڪيت جي دعويدارن طرفان ڏنل جوابن سان اسان جي خون کي جوش اچي ۽ سالن کان ٿڌ جي گهيري ۾ آيل اسان سنڌي سجاڳ ٿي پئون۔۔۔ ان کان اڳ جو دشمن اسان جو سڀ ڪجهه کسي وٺن۔۔۔






     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي پنجابي عوام جي عدالت ۾۔۔۔

    مونکي خبر نه هئي ته منهنجو اهو ننڍڙو جملو، سنڌ سلامت جي روح روان، سنڌو درياهه جي ڪپر تي ڄاول، ٿڌي انسان کي ايترو گرمائي وجهندو جو هو ان جملي جي موٽ ۾ مختصر ئي صحي پر ايترو وزنائتو ليک لکي اسانکي حيران ڪري وجهندو، هن ليک ۾ شامل وڊيوز ته ڏسي ٻڌائبو ڇاڪاڻ ڪجهه ڊگهيون اهن ملائي جلائي لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪلاڪ جون وڊيوز آهن۔۔۔

    پر اصل ڳالهه آهي رشيد جي تمهيد، جنهن مان ظاهر ٿيو ته ڪڏهن ڪڏهن ڪي ننڍڙا جملا به انسان جي اندر ۾ بلڪل اهڙو ئي اثر ڪندا آهن جهڙوڪ بيٺل پاڻيءَ ۾ اڇلايل پٿر لهرون پئدا ڪري وجهندا آهن ۔۔۔

    مون اها ڳالهه تاريخدانن جي تحقيق ۽ پنهنجي مطالعي جي آڌار تي چئي هئي ته درياهن جي ڪپرن تي وسندڙ قومون هميشه خوشحال، مهذب، علمي ثقافتي ۽ اصول پسند هجڻ سبب ٿڌيون ۽ پر امن هونديون آهن، انهن کي ٻين قومن تي ڪاهي وڃڻ يا انهن تي قبضي ڪرڻ جي خواهش گهٽ هوندي آهي جو رب تعالا پاران کين سڀ نعمتون عطا ٿيل هونديون آهن ۔۔۔ پر جيڪي قومون سخت جبلن يا ريگستانن ۽ قدرتي طور تي گهٽ زراعتي ملڪن ۾ رهن ٿيون اهي جسماني جاندار ۽ ذهني خونخوار ۽ ٻين قومن جي خوشحالي ڏسي، قابض ذهن سان ڪاهه ڪرڻ جا خيال رکنديون آهن، جيئن تاريخ ۾ ڪيترائي اهڙا مثال ملن ٿا ۔۔۔

    سنڌي قوم تاريخ جي سڀني دورن ۾ پرامن رهي آهي ۽ ڪڏهن به ڪنهن قوم تي اڳرائي نه ڪئي آهي، باقي ها بيشڪ جڏهن ڪنهن قوم سنڌين تي ڪاهيو آهي ته سنڌين پنهنجي وس آهر پنهنجي ملڪ جي بچاءَ ۾ جنگيون ۽ ويڙهون وڙهيون آهن، پوءِ ڪڏهن فتح ته ڪڏهن شڪست سندن مقدر رهي آهي ۔۔۔

    موجوده ۽ گذريل صديءَ دوران سنڌين جي ڪجهه غلط فيصلن سنڌ کي غلامانه حيثيت ۾ اچي پهچايو آهي ۽ سنڌين جي اسلام دوستي ، ٿڌائپ ۽ ايثار واري جذبي سبب ٻيون ڌاريون قومون ڏينهن به ڏينهن سنڌ جي وسيلن ۽ سنڌين جي مال ۽ ملڪيت تي قابض ٿي مورڳو سنڌين جا دشمن ٿي سنڌين کي قتلام ڪري رهيون آهن ۔۔۔

    قوي اميد آهي ته هڪ ڏينهن هيءَ ستل قوم جاڳندي ضرور پر جيترو وقتائتو جاڳندي اوترو نقصان گهٽ ٿيندو، پر جيترو دير ٿيندي اوترو ئي نقصان به وڌيڪ ٿيندو ويندو ۔۔۔۔ چوندا آهن گدڙ جي سئو سال جي زندگيءَ کان شينهن جي هڪ ڏينهن جي زندگي بهتر هوندي آهي، انڪري سنڌين کي اول يا آخر وڙهڻو ئي پوندو ۔۔۔ پوءِ ئي فتح يا شڪست جو فيصلو ٿيندو ۔۔۔

    اسين جن قومن کي پناه ڏئي پنهنجو سمجهي گهرائي پاڻ وٽ آندو آهي اهي قومون ڪو خيرخواه ناهن، اهي قومون سنڌين جي سجاڳيءَ تي آگ بگوله ٿي سنڌين کي مارينديون ۽ اهو لحاظ نه ڪنديون ته سنڌي به مسلمان آهن يا سنڌين کين پناهه ڏني يا سنڌي دنيا جي مهذب قوم آهي انهن کي ناهي مارڻو، اها اسانجي خام خيالي آهي ۔۔۔ اڄ به سنڌين جا ماڻهون ماريا وڃن ٿا ۽ سڀاڻي وڌيڪ ماريا ويندا ۔۔۔

    اهي قومون ختم ٿي وينديون آهن جي پنهنجن ماڻهن جو بچاءُ ڪري نه سگهنديون آهن ۔۔۔ انڪري سنڌ جي ڏاهن اڄ کان لڳ ڀڳ 40 سال اڳ ئي سنڌين کي انتباهه ڪيو هو ته هوشيار ٿيو، ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿا آهيو پاڻ ڇڏايو ۔۔۔؟ پر اڃان قوم کي سجاڳي نه آئي آهي ۔۔۔ شابس آهي سنڌ جي خيرخواهن کي جو هو خطري جا گهنڊ وڄائيندا رهن ٿا ته من سنڌي قوم اٿي پوي پر غلاميءَ جي نشو ۾ چور ٿي ستل قوم ڪڏهن ۔۔۔۔۔؟؟؟؟

    ادا رشيد اوهانجو وڄايل هي گهنڊ پڻ اسانجي ڪنن تائين پهتو ۔۔۔ لک ٿورا ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. محسن علي

    محسن علي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 آگسٽ 2010
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي پنجابي عوام جي عدالت ۾۔۔۔

    ادا سنڌي ته ايترا ته ٿڌا آهن جو ڏهن سالن تائن ايم ڪيو ايم انتظامي طور ڪراچي ۽ حيدر آباد تي قبضو رکيو ،
    جنهن جي سنڌين کي خبر ئي ڪانه پئي!! اگر پي پي پي جي حڪومت نه هجي ها ته انتظامي طور تي ڪراچي صوبو ٺهي چڪو هجي ها۔
    اسان جا" قوم پرست ۽ سنڌي سياستدان" اڃان به ايم ڪيو ايم سان اتحاد جو ڳالهيون ڪري رهيا آهن
    ايم ڪيو ايم ڪڏهن به سنڌ جي مفاد جي ڳاله يا ڪو عملي قدم ڪو ڪيو آهي پوءِ ان سان
    اتحاد سنڌ جي سودي بازي برابر هوندو....
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي پنجابي عوام جي عدالت ۾۔۔۔

    دوستو سلام

    مونکي خوشي ان ڳالهه جي ٿي جو مان جڏهن رشيد کي چوندو آهيان ته ڪجهه لک ته اصل پڙ ڪڍي بيهندو آهي پر لڳي ٿو هاڻوڪي ميڊيا جي پروپيگنڊا کيس هي سڀ لکڻ تي مجبور ڪيو آهي۔ اسان سنڌ جا ماڻهو اڃان ان ڳالهين تي جهيڙا ويٺا ڪيون ته فلاڻي منهنجي گهر کان لنگهندي مُڇن کي وٽ ڏنو هو يا وري ان ڳالهه تي ته فلاڻي ماڻهو منهنجي گهر جي در ڏانهن ڏٺو هو ۔۔۔۔۔۔ وغيرهه وغيرهه

    ۽ وري شهرن ۾ رهندڙ اسان پاڻ کي ايترو ته معتبر سمجهڻ شروع ڪيو جو ڳوٺن وارن کي ڄٽ سڏڻ شروع ڪيو۔۔۔ اسان جا وڏيرا به اهو چاهين ٿا ۽ اسان جا سياستدان ته اهڙا آهن جن مان چڱائي جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي۔ اسان جا اديب پاڻ ۾ ڪونه ٺهن ، اهو ته ڇڏيو پر هت فيسبوڪ ۽ سنڌ سلامت تي ڪونه ٺهون ۔۔۔۔ پوء پنجاب جي عوامي عدالت هجي يا ڪراچي جي اردو ميڊيا اسان جي مخالفت ۾ ئي لکندي۔ اسان گڏ ڪونه ٿينداسون۔ مان حيرت ۾ آهيان ته اسان اڃان ڪنهن جي انتظار ۾ آهيون۔۔۔۔

    بس دعا ئي ڪري سگهون ٿا ۔۔۔۔۔۔۔
     
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي پنجابي عوام جي عدالت ۾۔۔۔

    اهو پروگرام مون ڏٺو هيو ڪامران شاهد پنجاب جي عدالت م سنڌجو ڪيس رکيو هيو۔۔۔۔ متحده وارا انهن جي سوالن جو جواب اهڙي نموني ڏئي رهيا هيا ڄڻ ته اصل سنڌ جا مالڪ اهي هجن۔۔۔۔۔۔۔ ان هوندي به اسان وارن قومپرستن جي مٿي تي ڪا جون ڪان چري جو انهن کي جواب ڏين۔۔۔۔۔۔۔۔اهي وساري ويٺا آهن ته پاڪستان ٺهڻ وقت سنڌين ڪئين سانجو آڌر ڀاء ڪيو هيو، ڪهڙي مهمان نوازيء جو ثبوت ڏنو هيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    وفا ناٿن شاهيء پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته جڏهن هندستان کان ٽرين ڀرجي پنجاب ڏانهن ٿيندي آئي ته پنجاب جي ڪنهن به اسٽيشن تي اسانجي ٽرين کي بيهڻ نه پئي ڏنو ويو اهو چئي اڳتي موڪليو پئي ويو ته هتي هنن کي رهائڻ لاء ڪابه جڳه نه آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔اسانجي ٽرين دادو ضلعي جي شهر سيتا روڊ (رحماني ننگر) ۾ اچي بيٺي جتي سڄي ٽرين خالي ٿي وئي ء اتان جي ماڻهن اسان جو وڏي گرم جوشيء سان استقبال ڪيو۔۔۔۔

    ء اڄ اسان سنڌي پنهنجن ئي شهرن ۾ پرايا لڳا پيا آهيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان جي قوم ڪڏهن سجاڳ ٿيندي جڏهن سڀ لٽجي ويندو (الله نه ڪري)
    ۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  6. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي پنجابي عوام جي عدالت ۾۔۔۔

    ادا اسان سڀ سنڌي ماڻهو ته مهمان نواز آهيون اها ته ڪنهن کي خبر ڪانه هئي ته جيڪي خيمن ۾ رهڻ وارا ملڪيتن جا مالڪ بڻبا ۽ اسان جو رت چوسيندا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو