فيس بوڪ ڪجهه ڏينهن اڳ گوگل پلس جي مقابلي ۾ اچڻ کان پوءِ پنهنجي ڊيٽابيس ۾ نيون تبديليون ڪيون ۔۔۔ جنهن ۾ هڪ ته هن وڊيو چيٽ جو آپشن رليز ڪيو جڏهن ته هاڻي کلندڙ چيٽ سائيڊبار لسٽ ۾ توهان جي انهن دوستن کي ڏيکاريو ويو آهي جنهن لاءِ فيس بوڪ مطابق توهان گهڻو چيٽ ڪندا آهيو۔۔ اهڙا دوست جيڪڏهن آف لائين هوندو تڏهن به توهان جي سائيڊ بار لسٽ ۾ شامل هوندا۔۔۔
فيس بوڪ جو اهڙو آپشن مون سميت ڪافي ماڻهن کي ان لاءِ نه وڻيو ته ان طرح نه چاهيندي به اهڙن دوستن کي پيغام موڪلڻ تي دل چوندي رهي ٿي جيڪو آف لائين هجي۔۔۔ مون کي ته اهڙا دوست به ان سائيڊبار ۾ نظر آيا جن سان ڪڏهن مون چيٽ ڪئي ئي نه آهي۔۔۔ ان طرح فيس بوڪ جو اهو داعوو به غلط ٿيو ته سائيڊ بار ۾ اهي دوست هوندا جن سان وڌيڪ چيٽ ٿيندي رهي ٿي۔۔۔
جيڪڏهن توهان به فيس بوڪ جي هن نئين چيٽ سائيڊ بار کي مون وانگر پسند نه ٿا ڪريو ۽ واپس ساڳي طرح چيٽ لسٽ ڏسڻ گهرو ٿا ته بس Facebook-Chat-enhancer نالي هي اسڪرپٽ پنهنجي برائوزر ۾ انسٽال ڪريو۔۔ توهان جي چيٽ لسٽ پراڻي لسٽ وانگر ظاهر ٿيندي۔۔۔
هن اسڪرپٽ کي استعمال ڪرڻ لاءِ بس هيٺين لنڪس تي وڃو ۽ انسٽال بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔ برائوزر کي ريفريش ڪريو۔۔ تبديلي توهان جي سامهون هوندي۔۔
گوگل ڪروم لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
فائر فاڪس لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔