فيس بوڪ جي نئين چيٽ

'فيس بوڪ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏24 جولائي 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    فيس بوڪ ڪجهه ڏينهن اڳ گوگل پلس جي مقابلي ۾ اچڻ کان پوءِ پنهنجي ڊيٽابيس ۾ نيون تبديليون ڪيون ۔۔۔ جنهن ۾ هڪ ته هن وڊيو چيٽ جو آپشن رليز ڪيو جڏهن ته هاڻي کلندڙ چيٽ سائيڊبار لسٽ ۾ توهان جي انهن دوستن کي ڏيکاريو ويو آهي جنهن لاءِ فيس بوڪ مطابق توهان گهڻو چيٽ ڪندا آهيو۔۔ اهڙا دوست جيڪڏهن آف لائين هوندو تڏهن به توهان جي سائيڊ بار لسٽ ۾ شامل هوندا۔۔۔
    فيس بوڪ جو اهڙو آپشن مون سميت ڪافي ماڻهن کي ان لاءِ نه وڻيو ته ان طرح نه چاهيندي به اهڙن دوستن کي پيغام موڪلڻ تي دل چوندي رهي ٿي جيڪو آف لائين هجي۔۔۔ مون کي ته اهڙا دوست به ان سائيڊبار ۾ نظر آيا جن سان ڪڏهن مون چيٽ ڪئي ئي نه آهي۔۔۔ ان طرح فيس بوڪ جو اهو داعوو به غلط ٿيو ته سائيڊ بار ۾ اهي دوست هوندا جن سان وڌيڪ چيٽ ٿيندي رهي ٿي۔۔۔

    جيڪڏهن توهان به فيس بوڪ جي هن نئين چيٽ سائيڊ بار کي مون وانگر پسند نه ٿا ڪريو ۽ واپس ساڳي طرح چيٽ لسٽ ڏسڻ گهرو ٿا ته بس Facebook-Chat-enhancer نالي هي اسڪرپٽ پنهنجي برائوزر ۾ انسٽال ڪريو۔۔ توهان جي چيٽ لسٽ پراڻي لسٽ وانگر ظاهر ٿيندي۔۔۔

    [​IMG]

    هن اسڪرپٽ کي استعمال ڪرڻ لاءِ بس هيٺين لنڪس تي وڃو ۽ انسٽال بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔ برائوزر کي ريفريش ڪريو۔۔ تبديلي توهان جي سامهون هوندي۔۔

    گوگل ڪروم لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
    فائر فاڪس لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: فيس بوڪ جي نئين چيٽ

    يار چڱو ٿيو جو ٻڌائي ڇڏيو اٿئي ۔۔۔۔ مون سمجهيو ته مونکان ڪو آپشن بدلجي ويو آهي جنهن سبب اها ڊگهي لسٽ اچي ٿي ۔۔۔ مونکي نه فقط ڪاوڙ آئي پر بڇان به ورتو، گهڻي ئي ڪوشش ڪيم ته انجو ڪو آپشن هٿ اچي پر ڪاري وارا ڪک ۔۔۔ خئير هاڻ اوهانجي ڏنل رستي تي هلي لنڪ تي ڪلڪ ڪيم، انسٽال بٽڻ دٻايم ۽ انکان پو ريفريش به ڪيم پر اڃان اها ئي ڊگهي لسٽ جنهن ۾ الائي ڪهڙا ٻوٿ نظر ٿا اچن ۔۔۔

    جان ڇڏائڻي آهي ته ڦٽڪڻو پوندو ۔۔۔ سٺو ونڊ ڪيو اٿوَ ۔۔۔
     
  3. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: فيس بوڪ جي نئين چيٽ

    تمام سٺي ونڊ کڻي آهيان آهيو
    ونڊ ڪرڻ جي مهرباني
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: فيس بوڪ جي نئين چيٽ

    تمام سٺو جو اوهان ٻڌايو ۔۔۔۔۔۔۔۔

    پر مونکي هي نئين لسٽ وڻي جنهن ۾ ڪجهه اهڙا پيارا ماڻهو به اچي ويا جن کي جڏهن آف لائين ميسيج ڪيم ته هنن ٻيهر رابطو ڪيو۔ اوهان وقت سر ونڊ ڪري صحيح ڪيو پر اسان لاء اها نئين لسٽ ئي ڪم واري آهي۔
     
  5. Rashid

    Rashid
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: فيس بوڪ جي نئين چيٽ

    تمام سٺو ادا اسان جي پريشاني دور ٿي وئي
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: فيس بوڪ جي نئين چيٽ

    سائين نثار ابڙا صاحب مان پاڻ وڏي لسٽ ڏسي سوچيم ته يار هي وري ڪهرو چڪر آهي ؟

    پر سائين رشيد صاحب جا قرب جنهن اسان کي اهڙي معلومات وقت سر ڏئي پريشاني کان بچايو

    سدائين گڏ
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: فيس بوڪ جي نئين چيٽ

    مونکي هي نئين لسٽ پسند آئي مونکي ته ان ۾ ڪافي سهولت پئي ٿئي۔
     
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: فيس بوڪ جي نئين چيٽ

    جواب ڏيڻ ۾ دير ان لاءِ ڪيم ته توهان جي فيس بوڪ ڊگهي لسٽ ۾ مان پنهنجو ٻوٿ هٽائڻ نه پيو چاهيان۔۔۔۔ پر وري اهو سوچيم ته متان توهان آئنده منهنجي آندل ڪنهن ٽرڪ کي آزمايو ئي نه ان ڪري جواب موڪلڻ جو سوچيم۔۔۔

    سائين مٿي لنڪس ٻڌائڻ وقت مون کان هڪ ڳالهه ڏسڻ وسري وئي ته جيڪڏهن توهان فائر فاڪس برائوزر استعمال ڪري رهيا آهيو ته اهو اسڪرپٽ انسٽال ڪرڻ کان اڳ Greasemonkey نالي ايڊون جو فائرفاڪس ۾ انسٽال هجڻ ضروري آهي۔۔۔ ان ڪري سڀ کان پهريان هتي ڪلڪ ڪري اهو ايڊون ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو ۽ پوءِ مٿي ٻڌايل لنڪ تي ڪلڪ ڪري اسڪرپٽ ٻيهر انسٽال ڪريو ۔۔۔ هن دفعي توهان کي تبديلي صاف نظر ايندي۔۔۔
     
  9. Doctor

    Doctor
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 جون 2009
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    DOCTOR
    جواب: فيس بوڪ جي نئين چيٽ

    ادا اها لسٽ ته مونکي به وڻي آهي ڇو جو منهنجا ڪافي سارا دوست اهڙا هئا جن کي مان وساري چڪو هيس ان لسٽ ۾ انهن کي ڏسي سڀ ياد اچي ويا۔۔ بهرحال هر ڪنهن جي پهنجي پهنجي پسند آهي۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو