• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حالاتِ حاضره تي اردو سنڌي مڪس

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
نئين دنيا جو نئون عجوبو
همراهه گهرن ٿا نئون صوبو

وساري ويٺا آهيو احسان سنڌين جا
ايئن ڪر (مهاجر صاحبَ) ڪٿي پاڻيءَ ۾ جاڪر ڈوبو

سنڌي آهن ستل شينهن، نه جاڳايو
ڪم خراب نه ڪيو غريبو

اهڙي هر هڪ ڪوشش اڳيان
فولاد جي هر گز ديوار ٿي بيهبو

اڳواڻ جي ڀاڙيا آهن ته پاڻ ته سجاڳ ٿيون
ڀلا مربو ته روپلو ڪولهي ٿي مربو

ڀلا اهو جيئڻ به ڪو جيئڻ آهي؟
ماءُ پئي تڙپي ۽ چپ ٿي رهبو؟

تلوار کڻڻ جي ضرورت نه آهي
قلم کڻو ڪجهه لکو اديبو

مست ڪري ٿو گذارش اي قومپرستو
ملي ويهڻ جو ڪو ڪريو منصوبو

 
جواب: حالاتِ حاضره تي اردو سنڌي مڪس

اڳواڻ جي ڀاڙيا آهن ته پاڻ ته سجاڳ ٿيون
ڀلا مربو ته روپلو ڪولهي ٿي مربو

وقت ۽ حالات کي نظر رکندي مست پنهنجو آواز۔۔۔بُلند ڪيو آھي۔۔۔۔۔نه صرف اھو آواز مست جو آھي۔۔۔۔۔پر ھر سنڌيت سان پيار ڪندڙ سنڌي جو آھي۔۔۔۔مان ڪوشش ڪري اوھان جي شاعري کي تصوير جي شڪل ڏني آھي۔۔۔۔۔جيئن فيس بوڪ ۽ ٻين سوشل نيٽ ورڪ تي شيئر ڪري سگھان۔

283853_206955942689347_100001248279284_590843_1163952_n.jpg
 
جواب: حالاتِ حاضره تي اردو سنڌي مڪس

اوهانجي هن نظم تي ڇا چئجي؟ پنهنجن کي ڏوه ڏجي يا ڌارين کي ۔۔۔ پنهنجين ڪمزورين جو ذڪر ڪجي يا ڌارين جي ڏاڍائي جو، پنهنجن جي بي وفائن جو ذڪر ڪجي يا ڌارين جي هٿ ۾ موجود هٿيارن جو ۔۔۔ قلم سان ويڙهه ته صدين کان آهي جاري پر گولين جو جواب ڪيئن ڏجي؟

چوندا آهن ته ليکڪ ۽ شاعر قوم جا گهنڊ هوندا آهن، حيدربخش جتوئيءَ کان وٺي اسد ميرجت تائين ڪيترائي سڄڻ گهنڊ وڄائيندا رهيا آهن، حالتن جي خرابيءَ جا اعلان ڪندا رهيا آهن پر افسوس جو قوم غلاميءَ جون گوريون کائي گهري ننڊ ۾ ستي پئي آهي ۔۔۔

لک شاباسون اسد مير جت کي جنهن پنهنجي ضمير جي سڏ کي لفظ ڏئي اسانجي سامهون آندا پر قوم جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري ۔۔۔

لک ٿورا تمام ڏکوئيندڙ خيال جي سهڻي پيشڪش

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
Back
Top