طالب کي مدرس ڪري ٿو گمراه

'سنڌي شاعري' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏24 جولائي 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    طالب کي مدرس ڪري ٿو گمراه

    نيٺ ته ايندي تبديلي
    ڀاءُ هٿان مليا ڀاءُ کي گهاءُ

    ڪنهن وٽ ڪجي داد فرياد
    محافظ مقتول جو قاتل جي همراه

    تاريخي عجب دؤر مان گذرون ٿا
    انسايت انسان هٿان آهي تباھ

    ذليل ٿو معزز سڏجي زماني ۾
    سچو ڪوڙ،ڪوڙ کي جاواهواه

    ڪالھ رقيب هو اڄ رفيق
    مطلب لاءِ ٺھيل ٺڳي جا ٺاھ

    ڏاڏل جون ڳالهيون عجيب ناهن
    طالب کي مدرس ڪري ٿو گمراه
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: طالب کي مدرس ڪري ٿو گمراه

    ڏاڏل جون ڳالهيون عجيب ناهن
    طالب کي مدرس ڪري ٿو گمراه

    ڏاڏل جون ڳالهيون واقعي عجيب نه آهن اجي ملن ء مولوين اسانجي دين کي بدنام ڪري ڇڏيو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔ الله اهڙن کان بچائي


     
  3. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: طالب کي مدرس ڪري ٿو گمراه

    سائين همايت غ پسند ڪرڻ جي مهرباني ۔
    وسلام
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: طالب کي مدرس ڪري ٿو گمراه

    ادا پنج آنڱريون هڪ جهڙيون ناهن هونديون، سڀني ملن مولوين دين کي بدنم ناهي ڪيو ادا عرس۔ فرق به ڪرڻ گهرجي۔ ڪجهه ته آهن الله جا بزرگ جو اسان تي رب رحم ڪري پيو۔
     
  5. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: طالب کي مدرس ڪري ٿو گمراه

    سائين طاهر صاحب اوهان بلڪل صحيح پيا چؤ ۔
    اسان جو مقصد هي اڄوڪو خودڪش طالبعلم تيار ڪرڻ آهي نه ڪي اهي هستيون جن دين جي ترويج و تبليغ کي پنهنجو مقصد بڻايو آهي ۔
    وسلام
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: طالب کي مدرس ڪري ٿو گمراه

    وضاحت ڪرڻ جي مهرباني ادا ڏاڏل۔
     
  7. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: طالب کي مدرس ڪري ٿو گمراه

    اهو سڀ انهي ڪري آهي جو علم ۽ تحقيق جو جوش مري چڪو آهي رڳو ان پٺيان اندڙ آسائش جا شارٽ ڪٽ ڳولڻ ۾ پورا آهيون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ٿورو کڻي چئو ته ادا اهو همراه ان سرٽيفڪيٽ لائق ناهي جيڪو کيس ڏيو ٿا ۽ اهو همراه ان سرٽيفڪيٽ جي سهاري سان جنهن مسند تي ويهندو اتي خانو خراب ڪندو ته چون ٿا ڇڏيو يار جهان ايئن پيو هلي۔۔هلڻ ڏيو۔

    ظاهر آهي اسان جو اڄوڪو مدرس به ڪلهوڪو ئي طالب آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۽ نڀاڳ اسان جي ويجهي ماضي مان نڪري ماضي بعيد پيو ٿيئي۔ ۽ جيڪي لڇڻ آهن، الله نه ڪري جو اسان جي تاريخ ٿي وڃي۔

    الله اسان کي پنهنجي امان ۾ رکي۔ آمين۔
     
  8. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: طالب کي مدرس ڪري ٿو گمراه

    سائين اسان حقيقت ۾ دين کي سٺا ذهن ته ڏنا به ناهن اسان مدرسن ۾ هميشه اهي ٻار (تقريبن) ويهاريا آهن جيڪي معاشري جي ڪنهن لائق نه ها جيڪي ڪنهن ٻي سبجيڪٽ ۾ نه ٿي هلي سگهيا يعني ڊسايبل ٻار جڏهن وڏو ٿي اسان جي دين جي اڳواڻِي ڪندو ته اسان تائين اهو حقيقي دين به ته نه پهچندو جنهن ٻار جو ضمير دردر تان پني منگي کائي دين جي تعليم وٺندو ته در در تي پنڻ سان انجو ضمير ئي مرده ٿي ويندو اهو دين جي رهبري ڪيئن ڪري سگهندو۔
    سائين اوهان بلڪل سچ چيو جيڪو جنهن سرٽيفڪيٽ جي لائق نه هو ان کي جي ان مسند تي ويهاريو ويندو ته رزلٽ اهي نڪرندا جيڪا اوهان اسان اڳيان آهن ۔
    وسلام
     
  9. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: طالب کي مدرس ڪري ٿو گمراه

    افسوس صد افسوس!
    جيڪو ڏاڏل پنهنجي شاعري حساسيت ۽ هڪ نيڪ مقصد لا استعمال ڪري پيو ٺيڪ اهوئي ڏاڏل جيڪو پاڻ اقرار ڪندو رهيو آهي ته امريڪا ڪڏهن مسلمانن جو خير خواه ناهي ، اڄ هنن جي نمائندگي پيو ڪري ، عالمي مغريبي ميڊيا جي بڪواسات جيڪي اهي عالمِ اسلام ۾ پروپيگينڊا طور استعمال ڪري رهيا آهن ٺيڪ هن جي نمائيندگي اسان جا مسلمان ڪري رهيا آهن ،
    ڪو وقت اڳ اهي مغربي مستشرقين قرآن ۽ حديث تي جي پنهنجي تشريح ڪري مسلمانن کي گمراه ڪرڻ جي ڪوششون ڪن پيا ته ٺيڪ اسان جي مسلمانن ۾ ئي هنن جا داعين ڪردار ڪيو جيڪو ، پرويزي ۽ منڪرين حديث جي صورت ۾ ظاهر ٿيو هو ، ساڳي تاريخ وري ٻيهر پئي دهرائي وڃي پئي ۔ الامان والحفيظ
     
  10. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: طالب کي مدرس ڪري ٿو گمراه

    سائين اسلام عليڪم اميد ته سلام جو جواب ملندو ۔ بعد از سلام عرض ته اسان ڪالھ به ان جي مخالفت ڪئي هئي ۽ اڄ به ان جي مخالفت ڪريون ٿا جنهن دين جو جهاد اسان مغرب جي چوڻ تي ڪيو اڄ ان مغرب جي خوشي لاءِ آءُ ان کي خوشي نه چوان ته ٻيو ڇا چوان جي اسان جي ملڪ جي اندر ڊس انسٽيبلٽي هوندي ته مغرب ئي خوش ٿيندو ۔ آءُ اڄ به انهن مدرسن جي خلاف ڳالھ پيو ڪريان جن جي مثال بيوقوف دوست جي آهي جيڪي دشمن جي خوشي جو سبب ثابت پيا ٿين سائين ۔ جيڪي نام نهادي جهادي و نام نهادي مُدرس آهن ۔


    سائين آءُ اڄ به پنهنجي هن خيال تي دائم آهيان اوهان منهنجي ڪنهن به جملي جي ڪا به معنى ڪڍي ان جا وارث نه ٿا ٿي سگهو اهو محض اوهان جو خيال ئي هوندو ۔جيڪر اوهان نهن مُدرسن جي حق ۾ آهيو جن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نوجوانن ٻارن پڪن پوڙهن جا لاشا پهچايا آهن ته اهو اوهان جو حق آهي اهان انهن سان سهمت رهو يا انهن جي مخالف باقي آهي مغربي سوچ جي حمايت تها وهان ڏسو ان جي حمايت ۾ ڪير آهي ۔ اسان انهن ماڻهن جي خلاف پيا ڳالهايون جيڪي در پرده آمريڪا و استعمار کي خوش پيا ڪن ۔
    وسلام

     
  11. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: طالب کي مدرس ڪري ٿو گمراه

    وعليڪم السلام
    ادا جيڪر ڳالھ مان ڳالھ ڪڍي ڳالھ کي طول ڏيڻ چاهيو ٿا ته پوءِ بسم الله پر آخر ڳالھ کٽندي ڪٿي ڪون ، پر جيڪڏهن ڳالھ جو حل ۽
    درست سمت جي نشاندگي جي متلاشي هجو ته پوءِ ضرور ڳالھائڻ ۽ پنهنجو موقف بيان ڪرڻ گهرجي ، هڪ ته شاعري اوهان جي مبهم هئي ،
    مونکي اعتراض هو اوهان جي شاعري تي ۽ مون سوچيو ته شايد شاعري جو اسلوب ۾ اسان جي اسلامي فقه ۽ درسي ڪتابن ۾ ، مجمل ، مبهم ، الفاظ استعمال ٿيندا آهن ٺيڪ اهڙي نموني متان شاعري جا به ڪي اسلوب هجن جنهن ۾ منهنجي ناواقفيت هجڻ ڪري شايد مان غلط هجان ، پر جڏهن منهنجو اعتراض ساڳي ادي طاهر فورم تي ونڊ ڪيو ته اوهان پنهنجي غلطي جي معذرت ڪئي ۽ پنهنجي لفظن جي وضاحت ڪري ڇڏي .... بعد ۾ وري اوهان ادي عبالحفيظ صاحب جي تحرير ۾ جواب ڏيندي پنهنجي ٽاپڪ کي ٻيهر اهڙا لفظ استعمال ڪيا جنهن جو هن اصل موضوع سان هٽي هڪ نئي ڳالھ ڇيڙي وڌي ته ، مدرسي ۾ جيڪي پڙهڻ ٿا اهي پنڻ جي سکيا وٺن ٿا اهي معاشري ۾ ڪنهن به لائق نه هئا ۽ اهي ٻار جڏهن وڏا ٿيندا آهن هن جا ضمير مري ويندا آهن وغيره وغيره سو ادا هن ڳالھ کي ڏسون ٿا ته اوهان جو ادي طاهر وارو معذرتي جواب بي معني ٿو لڳي ۽ اوهان اهائي ساڳي روش ٻيهر شروع ڪري ڏني آهي ، يا مان سمجهان ٿو ته اوهان کي ڳالھ بيان ڪرڻ جو ڏاءُ نه آيو جو جزئي ڳالھ کي ڪلي طور تي کڻي ٿا وڃون ۽ هڪ طرفي ڳالھ کي سڀنن متان لاڳو ٿا ڪريو ، ادا جيڪر اوهان کي اهي لولا لنڳڙا ۽ دهرتي ۾ معاشري جي ناقابل ٻار نٿا وڻن ته اوهان جي سوچ جي عڪاسي ته مغربي ميڊيا ۽ انگريز سوچ نه چيو ته ڇا چيون ،
    جڏهن اسلام شروع ٿيو هو ته اهو اجنبين ۽ غريبن کان شروع ٿيو هو اڄ به دين اجنبين ۽ غريبن وٽ آهي جي ها اهي غريب جيڪي هن معاشري ۾ ناقابل قبول هئا ، جنهن معاشري جي معزز ابو جهل جهڙا سڏرائيندا هئا جئين اڄ امريڪا ۽ يورپ وارا پاڻ کي معزز ۽ معاشري جا قابل سمجهن ٿا . هتي اوهان جي جاءِ تي ڪو انگريز هجڻ ته هنن سان مهاڏو اٽڪائڻ جو مزو به اچي پر جڏهن ٻي سمت پنهنجو ئي مسلمان ڀاءُ کي اهڙن جي نمائندگي ڪندي ڏسان ٿو ته دل رت جا ڳوڙا ٿي وهائي ، مان لکان ته ڇا ليان ، جواب ڏيان ته ڇا ڏيان ، مونکي ائين ٿو لڳي جڻ مان پاڻ کي پيو چوان ، ادا ڏاڏل ٻيلي گهٽ مان گهٽ اوهان جهڙي سلجهيل دوست جا اهڙا ڪامينٽس ڏاڍو تڪليف ٿا ڏين ، ٻيلي ڏاهو ٿي ۽ صحيح سمت تي پاڻ کي رک يا وري گهٽ ۾ گهٽ اهڙو بيان بازي نه ڏيو جنهن ۾ ڪنهن ٻئي ڀاءُ کي تڪليف ٿئي .
    الله تعالى اسين سڀنن مسلمان ڀائرن کي پاڻ ۾ محبت سان رهڻ جي توفيق عطا فرماءِ ، والسلام
     
  12. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: طالب کي مدرس ڪري ٿو گمراه

    سائين اوهان جي مطالب اخذ ڪيا آهن اهي مون لاءِ به تڪليف ده آهن ۔ منهنجي تحرير مان اوهان کي تڪليف پهتي ان لاءِ آءُ معزرت خواه آهيان ۔ اوهان ڪجھ شيون اهڙيون به دليل طور ڏنيون آهن جن تي گهڻو بحث ٿي سگهي ٿو۔ ليڪن هتي ته ماڻهن کي ڳالھ مان ڳلهوڙو ٺاهڻ ۾ دير ناهي لڳندي جي اوهان ۽ اسان ڪنهن نازڪ بحث کي ڇيڙيندا سين ته اها بحث بجاءِ تعميري جي تخريبي جو رُخ وٺي ويندي۔ انشاءِ الله هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جو سامهون گڏجي ويهي ان تي تفصيلي گفتگو ڪندا سين۔ آءُ وري به اوهان کان معزرت خواه آهيان جو منهنجي قلم جي نوڪ مان نڪتل الفاظن اوهان کي اهنٍج پهچايو۔
    وسلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو