مست
سينيئر رڪن

ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ بدامنيءَ جي حالت کي ڏسي نيٺ حڪومت طرفان آپريشن ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي۔ ڪراچي جي آءِ جي واجد دراني پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته جن علائقن ۾ هيل تائين وڳوڙ ٿيا آهن انهن ۾ آپريشن ڪيو ويندو، حالتون خراب ڪرڻ ۾ جيڪو به ملوث هوندو انهن خلاف ڪاروائي ٿيندي ۽ خاص طور تي پابندي مڙهيل تنظيمون شهر جي خراب حالتن جون ذميوار آهن۔
آچر جي ڏينهن شام ٿيڻ ساڻ ئي شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇڪتاڻ ۽ بدامني وڌڻ بعد موٽرسائيڪل تي ٻيلهه سواريءَ تي پابندي جو فيصلو لڳايو ويو پر ٽارگيٽ ڪلنگ بند نه ٿي سگهي جنهن ڪري رينجرس جي اضافي نفري کي اسٽينڊ بائي تي پڻ رکيو ويو آهي۔
شروعاتي طور تي ٻن طرحن سان آپريشن تي غور ڪيو ويو آهي۔ هڪ انٽيليجنس جي اطلاعن جي بنياد تي ڇاپا هڻي ڪاروائي ڪرڻ ۽ ٻيو متاثر ٿيل علائقن جو محاصرو ڪري گهر گهر تلاشي وٺڻ جو آپشن۔
اطلاعن مطابق اڄ رات يعني سومر جي رات ئي آپريشن جو آغاز ڪري سگهجي ٿو