• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچيءَ ۾ آپريشن ڪرڻ جو اصولي فيصلو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
Wajid-Durrani1.jpg


ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ بدامنيءَ جي حالت کي ڏسي نيٺ حڪومت طرفان آپريشن ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي۔ ڪراچي جي آءِ جي واجد دراني پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته جن علائقن ۾ هيل تائين وڳوڙ ٿيا آهن انهن ۾ آپريشن ڪيو ويندو، حالتون خراب ڪرڻ ۾ جيڪو به ملوث هوندو انهن خلاف ڪاروائي ٿيندي ۽ خاص طور تي پابندي مڙهيل تنظيمون شهر جي خراب حالتن جون ذميوار آهن۔
آچر جي ڏينهن شام ٿيڻ ساڻ ئي شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇڪتاڻ ۽ بدامني وڌڻ بعد موٽرسائيڪل تي ٻيلهه سواريءَ تي پابندي جو فيصلو لڳايو ويو پر ٽارگيٽ ڪلنگ بند نه ٿي سگهي جنهن ڪري رينجرس جي اضافي نفري کي اسٽينڊ بائي تي پڻ رکيو ويو آهي۔
شروعاتي طور تي ٻن طرحن سان آپريشن تي غور ڪيو ويو آهي۔ هڪ انٽيليجنس جي اطلاعن جي بنياد تي ڇاپا هڻي ڪاروائي ڪرڻ ۽ ٻيو متاثر ٿيل علائقن جو محاصرو ڪري گهر گهر تلاشي وٺڻ جو آپشن۔
اطلاعن مطابق اڄ رات يعني سومر جي رات ئي آپريشن جو آغاز ڪري سگهجي ٿو

 
جواب: ڪراچيءَ ۾ آپريشن ڪرڻ جو اصولي فيصلو

تمام سٺو فيصلو آهي

ايمانداري ۽ سچائي سان آپريشن ڪيو وڃِي ته سٺو نتيجو ملي سگهي ٿو

سدائين گڏ
 
جواب: ڪراچيءَ ۾ آپريشن ڪرڻ جو اصولي فيصلو

سٺو علاج آهي دهشتگردي خلاف اهڙو عمل ڪارآمد ثابت ٿيندو ليڪن ائين نه ٿئي جو رڳو سنڌين جي گهرن جي صفائي ٿي وڃي باقي هنن يارن کي ڪير هٿ ئي نه لائي ته پوء ته نا انصافي ٿيندي۔
 
جواب: ڪراچيءَ ۾ آپريشن ڪرڻ جو اصولي فيصلو

ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي دل کي دعا ئي نه ٿي لڳي ادا ۔
ليڪن دل ڪو بهلاني ڪي ليئي يه خيال اڇا هي
 
جواب: ڪراچيءَ ۾ آپريشن ڪرڻ جو اصولي فيصلو

اڳواٽ هنن کي هوشيار ڪري ڇڏيائين مطلب توهان جلد شهر کان نڪري وڃون، ان آپريشن جا ته واه جي نتائج نڪرندا۔
 
Back
Top