ڪئمپن ۾ دردن ڀري زندگي گذاريندڙ عورتن جي وارتا۔۔!!

'سنڌياڻي' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏25 جولائي 2011۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    امبرين هيسباڻي

    [​IMG]
    اهي سرسبز فصل، اهي ساريون، ڳوٺ جي واهه مان وهندڙ پاڻي جون لهرون ۽ اتان جون ٿڌڙيون هوائون اهي سڀ ڪيئن وساريان، منهنجو ڪکائون گهر، منهنجي ٻچن سان ڀريل اهو آڳر مون کان ڪين ٿو وسري، سچ پڇو ته منهنجو روح ته اڃا به اتي ئي آهي! اهي لفظ هن ٻڍڙي ڪامل خاتون جا آهن، جنهن گذريل سال ايندڙ ٻوڏ ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي اوستا محمد کان حيدرآباد جي هڪ ڪئمپ ۾ اچي پناهه ورتي ۽ هوءَ هاڻي وري پنهنجي وطن واپس وڃڻ جي تيارين ۾ ئي آهي ته کيس اهو چئي روڪيو ويو آهي ته ٻيهر ٻوڏ اچڻ جو خطرو آهي پر هوءَ وري به پنهنجي ڳوٺ وڃڻ جي خواهش رکي ٿي، سندس چوڻ آهي ته اهڙي دربدري واري زندگي گهارڻ کان بهتر هوته مان پنهنجي ڳوٺ ۾ ٻوڏ جي ايندڙ تيز لهرن واري پاڻي ۾ لڙهي وڃان ها، گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ڳوٺ جي مٽيءَ ۾ شامل ٿي وڃان ها پر هتي اسان کي جيئري ڪير به نٿو پڇي ته مرڻ بعد ڪير اسان جي سار لهندو. هڪ سوال جي جواب ۾ ڪامل خاتون چيو ته ٻوڏ اچڻ بعد ڪو ڪٿي ڪو ڪٿي ٿو رهي، سڀ ڇڙوڇڙ ٿي ويا آهيون، هاڻي ته اسان جي زندگي ۾ ڪي خوشيون نه رهيون آهن، سڀ خوشيون الائي ڪيڏانهن گم ٿي ويون آهن، جيڪڏهن ڳولڻ جون هجن ته اڄ به مان پنهنجن جون خوشيون ڳولي اچان پر ڇا ڪريان ڪو رستو ئي نٿو سجهي. گذريل سال ايندڙ ٻوڏ نه صرف ڪيترن ئي خاندانن جا گهر پٽ ڪري ڇڏيا پر انهي سان گڏوگڏ ڪيترن کي پنهنجن کان الڳ ڪري ڇڏيو، انهي ٻوڏ جي تباهي هر گهر جي ڀاتيءَ کي هڪٻئي کان ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو، ڪو ڪنهن پاسي هليو ويو ته ڪو ڪنهن پاسي، جيڪي سال گذرڻ باوجود هڪٻئي سان ملي نه سگهيا آهن. گذريل سال واري عيد به انهن پنهنجن گهرن ۽ مٽن مائٽن کانسواءِ ڪئمپن ۾ گذاري ۽ وري ايندڙ رمضان شريف جي عيد به لڳي ٿو ته هو ڪئمپن ۾ ئي گذاريندا، اها ڳالهه ته اسان جهڙن جي ذهنن ۾ اچي ٿي ته هو هيل عيد به پنهنجن کانسواءِ گذاريندا پر جڏهن انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪجي ٿي ته اهي ٻوڏ متاثر چون ٿا ته هاڻي اسان جون ڪهڙيون عيدون ۽ ڪهڙيون خوشيون. جن وٽ ٻارن کي تن ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو نه آهي، پيٽ ڀرڻ لاءِ ڳڀو نه آهي ته واقعي پوءِ انهن جون ڪهڙيون عيدون گذرنديون، انهن ڪئمپن ۾ لڳ ڀڳ 152 ڪٽنب رهن ٿا، جنهن ۾ 250 عورتون ۽ 700 کان وڌيڪ ٻارڙا شامل آهن، بهرحال انهن ٻوڏ متاثرن جي گذريل زندگي هاڻي صرف ماضيءَ جو قصو بڻجي وئي آهي، هو نه صرف پنهنجي گهر جي موجن مستين کي ياد ڪندي پنهنجي زندگي جا ڏينهڙا گذاري رهيا آهن پر گهر کان بي گهر ٿيڻ واري ڏک آڏو انهن کي پنهنجا پراڻا ڏک تمام گهٽ نظر اچن ٿا، پوءِ به پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائڻ وارو ڏک ته انهن جي ذهنن ۾ هميشه لاءِ چٽي ويو، چاهي اهي ٻوڏ متاثر وري به پنهنجو ڪٿي نه ڪٿي ڪکائون گهر ٺاهي به وٺن پر پنهنجي اصل گهر ڳوٺ جون يادگيريون انهن کان ڪڏهن به نه وسرنديون، انهن ٻوڏ متاثرن نه صرف پنهنجو گهر پر پنهنجو مال متاءُ به وڃائي ڇڏيو، اهي هارپو ڪندڙ هاري ٻنين ۾ هر هلائڻ وارو اڄ مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ پالي ٿو، جيڪڏهن کيس ڪٿان خيرات جي هڪ ماني نصيب ٿئي ٿي ته ان مان به هو هڪ هڪ گرهه ڪري کائين ٿا پر سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته انهي هڪ گرهه سان ڪنهن جي پيٽ جي پورت ٿيندي، انهي سڄي صورتحال جو جائزو وٺجي ته مختلف ڪئمپن ۾ رهندڙ مرد توڙي عورتون اهڙي ڀوڳنائن واري زندگي گذارين پيا پر انهن سان گڏ رهندڙ ننڍڙا معصوم ٻارڙا جن کي اها خبر نه آهي ته انهن جو اصل گهر ڪهڙو آهي. انهن جي ذهنن ۾ ته اهو ئي رهندو ته شايد هميشه کان اسان انهن ڪئمپن جا پلجندڙ ٻارڙا آهيون ۽ سندن اصل گهر به اها ڪئمپ آهي، آخرڪار انهن ٻارڙن کي ڪهڙي ڳالهه جي سزا ملي رهي آهي، انهن معصوم ٻارڙن جي پتڪڙن پيرن ۾ چپل ته ڇا پر تن ڍڪڻ لاءِ مناسب ڪپڙا به ڪين آهن، انهن کي ڪڏهن پنهنجو گهر نصيب ٿيندو يا وري اهي هميشه انهن خيمن ۾ ئي پنهنجي زندگي گذاريندا، جتي ٻارن جو ڪوبه بهتر مستقبل نظر نٿو اچي، اتي ئي ڪئمپ ۾ رهندڙ 12 کان 13 سالن جي اميران شر جنهن کي اسڪول وڃڻ جو ته شوق آهي پر هن جو اهو شوق پورو ڪرڻ وارو ڪوبه نه آهي. هوءَ ٻڌائي ٿي ته پنهنجي گهر جو سک ڪنهن کي ياد نه ايندو، سوچيندي آهيان اهو ئي ته گهر هو ۽ پنهنجي گهر جي بادشاهي پنهنجي هوندي آهي، ڪئمپ ۾ ته بس ڏکيو سکيو وقت گذري ٿو، بس دل ته چوي ٿي ته جلد پنهنجي ڳوٺ واپس وڃان، اميران جو چوڻ هو ته هن وقت ڪئمپ ۾ پنهنجي امڙ سان گڏ ڀرت ڀري ٿي ۽ اها خواهش به اٿس ته ڪير سلائي مشين وٺي ڏئي ته اها هلائي پورهيو ڪري گهر وارن سان هٿ ونڊائي. اميران چيو ته مون کي منهنجون سڀئي ساهيڙيون تمام گهڻو ياد اينديون آهن. اهو ڏينهن منهنجي لاءِ خوشي جو ڏينهن هو. جڏهن منهنجي پياري ساهيڙي گجر مون سان ملڻ لاءِ هتي ڪئمپ آئي هئي، هاڻي ته منهنجي به دل چوندي آهي ته مان به ساڻس ملڻ لاءِ وڃان پر ڇا ڪريان ڪير وٺي ئي نٿو وڃي، هڪ اميران نه پر ان جهڙيون ڪيئي اهڙيون ٻيون ڇوڪريون هونديون، جيڪي ٻوڏ دوران هڪ جيڏين ساهيڙين کان جدا ٿيون هونديون، دوستي جو رشتو به عجيب هوندو آهي، هر ماڻهو پنهنجي دل جي ڳالهه پنهنجي گهر وارن کان وڌيڪ پنهنجن دوستن سان ڪندو آهي، ائين ئي هاڻي اميران به آخر پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪنهن سان ڪري، ڇو ته هن وقت هن وٽ ڪئمپ ۾ ڪابه ساهيڙي نه آهي، هن جي دل دماغ ۾ ته بس هڪ ساهيڙي گجر آهي، اها گجر پنهنجي دوستي جو فرض نڀائيندي اميران سان اچي ڪئمپ ۾ ملي. جڏهن ته ڳڙهي خيرو جي رهواسڻ پروين جو چوڻ آهي ته گذريل سال واري ٻوڏ اسان کي پنهنجي مٽن مائٽن کان ايترو ته ڏور ڪري ڇڏيو آهي جو اسان هڪٻئي جو حال به ڪيئن پڇون، اسان جا ڪجهه مائٽ ڳوٺ واپس ويا آهن ۽ اهي به اتي خيما لڳائي ويٺا آهن ۽ اسان وٽ ايترا پئسا نه آهن جو ڪرايو ڪري واپس پنهنجي ڳوٺ وڃي سگهون، جڏهن ته هت به اسان ڪئمپ ۾ پنهنجي شوق نه پر مجبوري سبب ترسيل آهيون پر حڪومت وارا ته اسان بيوسن کي هتان به اٿاري رهيا آهن، جيڪڏهن ايترو ظلم ڪري اسان کي هتان ڪئمپ مان به ڪڍيو ويو ته ٻچا وٺي ڪيڏانهن وينداسين، حيدرآباد جي نيو سبزي منڊي واري ڪئمپ ۾ رهندڙ شهدادڪوٽ جي رهواسڻ ميرزادي شر ٻڌائي ٿي ته مون کي ست ٻارن جو اولاد آهي، گهر وارو مزدوري ڪندو آهي، پنهنجي گهر جي ڇت هيٺان رهڻ جو جيڪو مزو آهي، اهو هن ڪئمپ ۾ ڪٿي آهي، ٻوڏ اچڻ وقت ته اسان صرف پنهنجو سر بچائي نڪتاسين، ٻارڙن جو لٽو ڪپڙو به نه کنيو پر اڄ هتي هر ڪو اسان جي ٻارڙن کي بنا لٽي جي ڏسي افسوس ته ڪن ٿا پر انهن کي ڪپڙو ڏيڻ وارو ڪوبه نه آهي، اهڙي مٿاڇري همدردي ڪرڻ لاءِ اسان وٽ ڪير به نه اچي ته بهتر آهي.​

    روزاني ڪاوش جي ٿورن سان
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪئمپن ۾ دردن ڀري زندگي گذاريندڙ عورتن جي وارتا۔۔!!

    يقين نه ٿو اچي اڃان به ڪجهه ماروئڙا ڪيمپن ۾ آهن، ڌڻي سندن ڏکڙا لاهي۔
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪئمپن ۾ دردن ڀري زندگي گذاريندڙ عورتن جي وارتا۔۔!!

    بس ادا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو