ساهتي پرڳڻي جي تاريخي شهر ڪنڊياري جي اسٽامپ وينڊر سيد گهراڻي ۾ 1949ع ۾ جنم وٺندڙ شفيع محمد شاهه اڳتي هلي سپر اسٽار ٿيندو، اهو ته ڪنهن سوچيو به نه هو، پرائمري کان مئٽرڪ تائين ڪنڊياري ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ جڏهن هن ڪاليج جي تعليم پوري ڪئي ته هن کي 18 سالن جي عمر ۾ سنڌ مر ڪنٽائل ڪوآپريٽوبئنڪ ۾ 1967ع ۾ ڪلارڪ جي نوڪري حيدرآباد ۾ ملي، نوڪري دوران ئي هن سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽرس جو امتحان پاس ڪيو.
اداڪار انور سولنگي تن ڏينهن ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪم ڪندو هو ۽ 1972ع ڌاري سندس ملاقات ڪراچي هوٽل حيدرآباد ۾ شفيع محمد شاهه سان ٿي ۽ هن سندس آڊيشن ورتو ۽ ائين هن صداڪاري کان پنهنجي فني سفر جي شروعات ڪئي، ان دوران هو ترقي ڪري بئنڪ ۾ مئنيجر ٿي ويو ۽ 1971ع ڌاري کيس جهول ۾ مئنيجر مقرر ڪيو ويو، ايسيائين بئنڪ سنڌ پرائونشل ڪوآپريٽو بئنڪ ۾ ضم ٿي چڪي هئي.
جهول ۾ رهڻ دوران هن صداڪاري جاري رکي ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي سندس ملاقات اداڪار محمد علي سان ٿي، جنهن وسيلي هو لاهور پهچي ويو، اهو سندس ڦوهه جواني وارو دور هو ۽ لاهور ۾ کيس هٿوهٿ ورتو ويو ۽ سندس پهرئين فلم ”بيوي هو تو ايسي“، 1982ع ۾ رليز ٿي ته هر پاسي واهه واهه ٿي وئي ۽ سندس پهرئين فلم ئي ڊائمنڊ جوبلي ڪئي، سندس ٻي فلم ”ايساڀي هوتاهي“ ۽ ٽئين فلم ”نصيبون والي“ 1986ع ۾ سندس فلم ”روبي“ ۽ ”تلاش“ رليز ٿيون.
فلمن ۾ سندس اداڪاري کي بيحد پسند ڪيو ويو پر هن کي اتي مزو نه آيو ۽ هن ٽي وي جو رخ ڪيو ۽ شهزادي خليل کيس ”اڙتا آسمان“ مرڪزي ڪردار ۾ ڪاسٽ ڪيو پر کيس ٽي وي تي شهرت پي ٽي وي ڪراچي جي ڊرامي ”تيسرا ڪنارا“ وسيلي ملي، سنڌ جي ڳوٺاڻي پس منظر ۾ نورالهديٰ شاهه جي لکيل مقبول ڊرامي ”جنگل“ وسيلي شفيع محمد شاهه جي شهرت ۾ واڌارو آيو ۽ هو ڊرامن جي ضرورت بڻجي ويو. سندس بهترين اداڪاري کي ڏسندي 1985ع ۾ کيس پي ٽي وي ايوارڊ ۽ بعد ۾ صدارتي ايوارڊ براءِ حسن ڪارڪردگي جي اعزاز سان نوازيو ويو.
شفيع محمد شاهه صرف هڪ سنڌي فلم ”محب شيدي“ 1992ع ۾ ڪم ڪيو، هن 1993ع ۾ ٻيهر لاهور وڃي فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ سندس فلم ”انداز“ 1993ع، ”مسڪراهٽ“ 1995ع ۾ ۽ آخري فلم ”سلاخين“ 2004ع ۾ رليز ٿيون.
شفيع محمد شاهه کي خانگي ٽي وي چئنل جي ڊرامي ”چاند گرهن“ مان جيڪا شهرت ملي، اها شايد ڪنهن اداڪار کي ملي هجي. هن 500 کان وڌيڪ سنڌي اردو ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. سندس مشهور ڊرامن ۾ ”آنچ“، ”مٽي جا ماڻهو“، ”ايمرجنسي وارڊ“، ”بنگ گلاب“، ”دائري“، ”تپش“، ”محبت خواب ڪي صورت“ ۽ ٻيا شامل آهن.
ذاتي زندگي ۾ شفيع محمد شاهه تمام کلڻو ملڻو ماڻهو هو، تمام وڏو اداڪار هئڻ جي باوجود هن ۾ وڏائي نه هئي. هو نوجوانن کي همٿائڻ وارو هو، قيصر خان نظاماڻي سميت کوڙ نوجوان سندس وسيلي ٽي وي تي آيا.
هن پنهنجي اباڻن ڪکن کي ڪڏهن به نه وساريو ۽ عيدالاضحيٰ هو پنهنجي اباڻي شهر ڪنڊياري ۾ ڪندو هو، نظرياتي طور هو پاڪستان پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل هو ۽ 2002ع وارين چونڊن ۾ گلشن اقبال واري قومي تڪ اين اي 202 تان چونڊ وڙهيو پر ڪامياب نه ٿي سگهيو.
لکين دلين تي راڄ ڪندڙ شفيع محمد شاهه 17 نومبر 2007ع تي وفات ڪئي، سندس ويجها دوست، پي ٽي وي، سندس پارٽي ۽ حڪومت ته کيس وساري چڪي آهي پر سندس پٽن ورسي تي سندس لکين پرستار سندس نياڻين علينا، ارسلانا، زينب، شهربانو ۽ پٽ علي اصغر سان گڏ کيس ضرور ياد رکندا.
عوامي آواز سنڊي ميگزين جي ٿورن سان
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: