سيد شفيع محمد شاهه : فن جو ديوتا

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 جولائي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
    فن جو ديوتا : سيد شفيع محمد شاهه


    ساهتي پرڳڻي جي تاريخي شهر ڪنڊياري جي اسٽامپ وينڊر سيد گهراڻي ۾ 1949ع ۾ جنم وٺندڙ شفيع محمد شاهه اڳتي هلي سپر اسٽار ٿيندو، اهو ته ڪنهن سوچيو به نه هو، پرائمري کان مئٽرڪ تائين ڪنڊياري ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ جڏهن هن ڪاليج جي تعليم پوري ڪئي ته هن کي 18 سالن جي عمر ۾ سنڌ مر ڪنٽائل ڪوآپريٽوبئنڪ ۾ 1967ع ۾ ڪلارڪ جي نوڪري حيدرآباد ۾ ملي، نوڪري دوران ئي هن سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽرس جو امتحان پاس ڪيو.

    اداڪار انور سولنگي تن ڏينهن ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪم ڪندو هو ۽ 1972ع ڌاري سندس ملاقات ڪراچي هوٽل حيدرآباد ۾ شفيع محمد شاهه سان ٿي ۽ هن سندس آڊيشن ورتو ۽ ائين هن صداڪاري کان پنهنجي فني سفر جي شروعات ڪئي، ان دوران هو ترقي ڪري بئنڪ ۾ مئنيجر ٿي ويو ۽ 1971ع ڌاري کيس جهول ۾ مئنيجر مقرر ڪيو ويو، ايسيائين بئنڪ سنڌ پرائونشل ڪوآپريٽو بئنڪ ۾ ضم ٿي چڪي هئي.

    جهول ۾ رهڻ دوران هن صداڪاري جاري رکي ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي سندس ملاقات اداڪار محمد علي سان ٿي، جنهن وسيلي هو لاهور پهچي ويو، اهو سندس ڦوهه جواني وارو دور هو ۽ لاهور ۾ کيس هٿوهٿ ورتو ويو ۽ سندس پهرئين فلم ”بيوي هو تو ايسي“، 1982ع ۾ رليز ٿي ته هر پاسي واهه واهه ٿي وئي ۽ سندس پهرئين فلم ئي ڊائمنڊ جوبلي ڪئي، سندس ٻي فلم ”ايساڀي هوتاهي“ ۽ ٽئين فلم ”نصيبون والي“ 1986ع ۾ سندس فلم ”روبي“ ۽ ”تلاش“ رليز ٿيون.

    فلمن ۾ سندس اداڪاري کي بيحد پسند ڪيو ويو پر هن کي اتي مزو نه آيو ۽ هن ٽي وي جو رخ ڪيو ۽ شهزادي خليل کيس ”اڙتا آسمان“ مرڪزي ڪردار ۾ ڪاسٽ ڪيو پر کيس ٽي وي تي شهرت پي ٽي وي ڪراچي جي ڊرامي ”تيسرا ڪنارا“ وسيلي ملي، سنڌ جي ڳوٺاڻي پس منظر ۾ نورالهديٰ شاهه جي لکيل مقبول ڊرامي ”جنگل“ وسيلي شفيع محمد شاهه جي شهرت ۾ واڌارو آيو ۽ هو ڊرامن جي ضرورت بڻجي ويو. سندس بهترين اداڪاري کي ڏسندي 1985ع ۾ کيس پي ٽي وي ايوارڊ ۽ بعد ۾ صدارتي ايوارڊ براءِ حسن ڪارڪردگي جي اعزاز سان نوازيو ويو.

    شفيع محمد شاهه صرف هڪ سنڌي فلم ”محب شيدي“ 1992ع ۾ ڪم ڪيو، هن 1993ع ۾ ٻيهر لاهور وڃي فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ سندس فلم ”انداز“ 1993ع، ”مسڪراهٽ“ 1995ع ۾ ۽ آخري فلم ”سلاخين“ 2004ع ۾ رليز ٿيون.

    شفيع محمد شاهه کي خانگي ٽي وي چئنل جي ڊرامي ”چاند گرهن“ مان جيڪا شهرت ملي، اها شايد ڪنهن اداڪار کي ملي هجي. هن 500 کان وڌيڪ سنڌي اردو ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. سندس مشهور ڊرامن ۾ ”آنچ“، ”مٽي جا ماڻهو“، ”ايمرجنسي وارڊ“، ”بنگ گلاب“، ”دائري“، ”تپش“، ”محبت خواب ڪي صورت“ ۽ ٻيا شامل آهن.

    ذاتي زندگي ۾ شفيع محمد شاهه تمام کلڻو ملڻو ماڻهو هو، تمام وڏو اداڪار هئڻ جي باوجود هن ۾ وڏائي نه هئي. هو نوجوانن کي همٿائڻ وارو هو، قيصر خان نظاماڻي سميت کوڙ نوجوان سندس وسيلي ٽي وي تي آيا.

    هن پنهنجي اباڻن ڪکن کي ڪڏهن به نه وساريو ۽ عيدالاضحيٰ هو پنهنجي اباڻي شهر ڪنڊياري ۾ ڪندو هو، نظرياتي طور هو پاڪستان پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل هو ۽ 2002ع وارين چونڊن ۾ گلشن اقبال واري قومي تڪ اين اي 202 تان چونڊ وڙهيو پر ڪامياب نه ٿي سگهيو.

    لکين دلين تي راڄ ڪندڙ شفيع محمد شاهه 17 نومبر 2007ع تي وفات ڪئي، سندس ويجها دوست، پي ٽي وي، سندس پارٽي ۽ حڪومت ته کيس وساري چڪي آهي پر سندس پٽن ورسي تي سندس لکين پرستار سندس نياڻين علينا، ارسلانا، زينب، شهربانو ۽ پٽ علي اصغر سان گڏ کيس ضرور ياد رکندا.

    عوامي آواز سنڊي ميگزين جي ٿورن سان
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏17 نومبر 2014
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سيد شفيع محمد شاهه : فن جو ديوتا

    سهڻا سليمان ۔۔۔ لک ٿورا مرحوم سيد شفيع محمد جي ياد ڏياري ،

    هي سهڻو فنڪار، اداڪار ۽ سنڌ جو سڄڻ جنهن پنهنجي نالي سان گڏ سنڌ کي به ڏيهان ڏيهه شهرت ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۔۔۔ سندس اداڪاري ايتري ته وڻندڙ ۽ موهيندڙ هوندي هئي جو کيس ڏسندي ئي ٽي ويءَ آڏو ويهجي ويندا هياسون ۔۔۔ ڪمال جو انسان ۽ سندس ڪمال جو فن ۔۔۔ کيس لطيف جي هن بيت جي ڀيٽا ڏجيس ته ٺهڪي ٿي ۔۔۔

    اڄ نـــه اوطـــاقن ۾، دونــهيــــن، ڌنــــڌُ، نه لاٽ،
    ويــــــا ويـــــراڳي نڪـــري، چت چکائي چــاٽ،
    آئون ماريس تنهين ماٽَ، جيجان! جوڳيڙن جي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سيد شفيع محمد شاهه : فن جو ديوتا

    مونکي ياد ٿو اچي ته 2002 ع ۾ ٽنڊو محمد خان جي جهوني شاعر تاج ٽکڙائي جي ڪتاب “طوفانن ۾ ٻيڙو ترندو” جي مهورت ۾ مرحوم اداڪار شفيع محمد سان منهنجي ملاقات جي آس پوري ٿِي هُئي، ان ڪتاب جي مهورت حيدرآباد جي مشهور سنڌ ميوزم جي تاريخي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ٿِي هُئي، مون سان مرحوم سان جيڪا ملاقات ٿِي هُئي ان جي تصويري به مون پنهنجي رڪارڊ لاءِ رَکي هُئي ڳولهي ڳولهي ٿڪي پيو آهيان پر لڳي ٿوشايد ماسات سڳوري اهو سمورو فائل ردي وارن کي ڏيئي مگا يا الائي پيالا وٺي ڇڏيا آهن ۔ نه ته اها تصوير به هتي لڳائي ادا محمد سليمان وساڻ جي عوامي آواز جي ٿورن واري هن مضمون جي سُونهن کي اڃان به وڌائي ڇڏيان ها، منهنجي پسنديده فنڪارن مان شفيع محمد شاهه مرحوم به هڪ هو، ادا محمد سليمان وساڻ کي شاباسون آهن جو وقت سر هر انهي سنڌي کي ضرور ياد ڪري ٿو جيڪي هاڻي هن دنيا ۾ ناهن رهيا، ۽ ائين هو اسان جي سنڌي شخصيات کي محبتن جي ڀيٽا ڏئي انهن کي پاڻ سميت ساري دنيا جي سنڌين جي ياد جي ڌارا سان شامل ڪري هلي ٿو۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لازوال ڪردار ڪندڙ عظيم اداڪار شفيع محمد شاهه


    طارق عزيز شيخ

    شفيع محمد شاهه سنڌي ۽ اردو ڊرامن جو وڏو اداڪار هو، هن جو جنم 1949ع ۾ ڪنڊياري تعلقي ۾ ٿيو، تعليم پرائڻ بعد اداڪاريءَ جو شوق هن کي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد وٺي آيو، جتي کيس ميزبان طور پروگرام ملي ويو، سندس آواز ۾ Base (وزن، ڳرائپ) ريڊيو پاڪستان تي ڪاميابيءَ جي ڪنجي جيان کيس اڳتي وڌايو. هو سنڌ يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس ڪري چڪو هو، ريڊيو هر اداڪار لاءِ پرائمري اسڪول جيان اهو مرڪز آهي، جتان پيڙهه پڪي ٿيندي آهي، شفيع محمد شاهه جي به پيڙهه پڪي ريڊيو حيدرآباد ڪئي ۽ پوءِ هو ڪراچيءَ ڏانهن لڙيو.

    ڪراچي ٽي وي تان انهن ڏينهن ۾ هڪڙو ڪلاڪ سنڌي پروگرامن لاءِ مخصوص هو، شام جو 5 کان 6 تائين هفتي ۾ هڪڙو ڏينهن ڊرامي لاءِ مقرر هو، باقي سڄو هفتو مختلف نوعيت جا پروگرام هلندا هئا، شفيع محمد شاهه جڏهن ٽي وي ڊرامن ۾ پير رکيو، تڏهن محمود صديقي، منصور بلوچ ۽ يوسف علي جهڙا اداڪار هر سنڌي ڊرامي تي ڇانيل هئا، جڏهن ته ساقي، نور محمد لاشاري ۽ شهباز دراني باقي ڪردارن لاءِ جڳهه والاري وٺندا هئا، شفيع محمد شاهه پنهنجي فن جي آڌار تي اڳتي وڌيو، محمد بخش سميجو، هارون رند ۽ فيض ٻگهيو اهي ماهر هدايتڪار ۽ پروڊيوسر هئا، جيڪي هڪ نظر ۾ اداڪار جي فن کي ائين پرکي وٺندا هئا جيئن سونارو اصلي سون کي ڪسوٽيءَ تي پرکيندو آهي، هن کي موقعو مليو ۽ ڪاميابي ماڻيائين، نور الهديٰ شاهه ۽ عبدالقادر جوڻيجي جهڙن ڊرامه نويسن جالکيل ڊراما هن ڪيا، ڪجهه عرصو ڪراچيءَ ۾ رهڻ بعد کيس لاهور وڃڻ جو شوق ٿيو، کيس اردو فلمن ۾ پازيٽو ۽ نيگيٽو رول مليا، شفيع محمد شاهه ٻئي سٺي طرح نڀايا پر پوءِ به فلمي دنيا ۾ رهي ڪو نه سگهيو، هن کي سٺو نه ويو يا پنهنجي دل ڀرجي ويس اها خبر نه پئجي سگهي، هو لاهور ٽي وي جي ڪجهه ڊرامن ۾ به ان دوران ڪم ڪري چڪو هو، شفيع محمد شاهه هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي موٽي آيو ۽ هتان ئي سنڌي اردو ڊراما ڪرڻ لڳي ويو، هن کي سنڌي ڊرامن مان تمام گهڻي پذيرائي ملي. 1989ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت آئي تڏهن پرائيويٽ ٽي وي چينلز ۽ ايف ايم ريڊيو جو پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو لائيسنس جاري ڪيو ويو، انهن ڏينهن ۾ ايس ٽي اين نالي هڪڙو پرائيويٽ چينل اردو ٻوليءَ جو شروع ٿيو، جنهن تان اصغر نديم سيد جو لکيل ”چاند گرهن“ ڏاڍو مقبول ڊرامو هليو، هن ڊرامي جي ڪاميابي هندستان ۾ به وڌي وئي، جو دبئي جي هڪڙي شو ۾ اميتاڀ بچن اعتراف ڪيو هو ته انڊيا ۾ چاند گرهن جهڙا ڊراما نٿا ٺهن، هن شو ۾ ٻنهي ملڪن جا اداڪار شامل هئا.

    شفيع محمد شاهه پنهنجي ٽيهن ورهين واري فني زندگيءَ ۾ پنجاهه ڊرامه سيريلز، هڪ سئو سولو پلي ۽ ڏهه فلمون ڪيون، هو عملي زندگيءَ ۾ بئنڪ آفيسر هو پر پوءِ سرڪاري نوڪري ڇڏي سڄو وقت اداڪاريءَ کي ڏنائين، هن جي آواز ۽ ڊائيلاگن جي ادائيگي ريڊيو، اسٽيج، ٽي وي ۽ فلمن ۾ برابر مقبول هئي، هن جو انداز سمورن اداڪارن کان منفرد هو، سندس ذاتي زندگيءَ ۾ به ڪا بناوٽ نه هئي، جيتوڻيڪ ذات جو سيد سڳورو هو، اداڪارن ۾ وڏي نالي وارو هو پر وڏائي نالي جي ڪا شيءِ هن جي ذات ۾ نظر ڪو نه ايندي هئي، شفيع محمد شاهه هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو هو ته اداڪاريءَ ڏانهن اچڻ جو شوق منجهنس محمد علي جي اداڪاري کان متاثر ٿي پيدا ٿيو. پي ٽي وي تان اشفاق احمد جي مقبول سلسلي ”ايڪ محبت سئو افساني“ نورالهديٰ شاهه جو ”جنگل“ عبدالقادر جوڻيجو جو ”ديوارين“ ۽ ايس ٽي اين تان اصغر نديم سيد جو ”چاند گرهن“ هن جا يادگار ڊراما رهيا، سنڌي ڊرامو ”غلام“ جيڪو نورالهديٰ شاهه جو لکيل هو، شفيع محمد شاهه جو انهيءَ ۾ مرڪزي ڪردار هو، جيڪو هميشه ياد رهڻ جهڙو هو، 1992ع ۾ هن ”محب شيدي“ سنڌي فلم ۾ به ڪم ڪيو.

    هن کي ڪيترائي ايوارڊ مليا جن ۾ ٽي وي، فلم ايوارڊن کان علاوه پرائيڊ آف پرفارمنس جو ايوارڊ اهم آهي، سندس مداحن جو تعداد اڻ ڳڻيو هو، جيڪو به ماڻهو راهه ويندي يا ڪنهن دعوت ۾ ملندو هئس ته ان کي فضليت سان موٽ ڏيندو هو، نوڙت ۽ نهٺائي سان پيش ايندو هو، عام طور تي اداڪارن ۾ مڳي ۽ تڪبر اچي ويندو آهي، پر شفيع محمد شاهه ان جي ابتڙ هو. هن کي جنهن به ڊرامي ۾ ڪاسٽ ڪيو ويندو هو، اهو ڪاميابيءَ جي ضمانت بڻجي ويندو هو. شفيع محمد شاهه سياست جو به شوق رکندو هو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هن جي پسنديده سياسي شخصيت هئي، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ هن پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ 2002ع واري اليڪشن ۾ ڪراچيءَ مان قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي بيٺو پر هارائي ويو، محترمه بينظير پڻ شفيع محمد جي ڊرامن کي پسند ڪندي هئي ۽ ”چاند گرهن“ ۾ سياستدان واري ڪردار کي ساراهيو هئائين، جڏهن محترمه جلا وطنيءَ بعد 18 آڪٽوبر 2007 تي ڪراچي پهتي هئي ته شفيع محمد شاهه به آجيان ڪندڙن ۾ شامل هو. شفيع محمد شاهه 17 نومبر 2007 تي هارٽ اٽيڪ ٿيڻ سبب انتقال ڪيو، ان وقت سندس ڄمار 57 ورهيه هئي، سندس جنازي نماز ڊفينس جي امام بارگاهه ۾ پڙهي وئي ۽ تدفين به ڪراچي جي ڊفينس واري قبرستان ۾ ٿي، مرحوم پنهنجو يادگار وقت گذاريو، پر ڪشش شخصيت جو مالڪ هو، سندس وفات تي ڪيترائي مداح غمگين ٿي ويا، هو ذاتي زندگيءَ ۾ هڪ نيڪ انسان هو. پنهنجي گهر ۽ ٻارن جو وڏو سهارو بڻيل هو، اڄ شفيع محمد شاهه جي وڇڙي کي پنجون ورهيه آهي، پر هو نه وسري سگهيو آهي نه دلين کان وڇڙي سگهيو آهي.

    عوامي آواز جي ٿورن سان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. جاويد حسين

    جاويد حسين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    546
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    Manager I.T & Finance - Bawany Group Of Companies
    ماڳ:
    حيدرآباد
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏17 نومبر 2014
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شفيع محمد شاهه جي ياد ۾…

    حميد ڀٽو

    سنڌ ۾ سوين خوبصورت ۽ مڻيادار، موتين جهڙا اداڪار موجود آهن. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اداڪاري جي شوق ۾ شفيع محمد شاهه لاهور ويو جتي اداڪار محمد علي وٽ رهڻ لڳو. شفيع محمد شاهه لاهور ۾ محمد علي جي آفيس ۾ ستو پيو هوندوهو جنهن کانپوءِ سندس والد اصغر شاهه هن کي لاهور مان واپس نوابشاهه وٺي آيو ۽ سندس والد جي ريٽائر ٿيڻ بعد شفيع محمد شاهه ٽائيپ رائيٽر طور ڪم ڪيو، ان کانپوءِ ٽنڊي آدم ۾ هڪ بينڪ ۾ ڪيشئر جي نوڪري 1969 واري دور ۾ کيس ملي ۽ ٽنڊي آدم کان حيدرآباد ٽرانسفر ٿيڻ کانپوءِ هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي فني شوق سبب آڊيشن ڏنو جنهن ۾ هو پاس ٿي ويو ۽ ريڊيو حيدرآباد تي ”پٽ جمهورا“ پرگرام ۾ نالي واري اداڪار انور سولنگي سان گڏجي ڪم ڪيائين، ٽي وي تي کيس نالي واري ليکڪ موسي ڪليم ان وقت جي پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ سان سندس تعارف ڪرايو جنهن بعد قربان جيلاني ۽ غزالا رفيق سان هڪ ننڍو ڪردار ناٽڪ ۾ عبدالڪريم بلوچ کيس ڏنو. شفيع محمد شاهه جو پهريون سنڌي ناٽڪ ” موتي جهڙو منُ“ هو جيڪو 1972 ڌاري پيش ڪيو ويو. شفيع محمد شاهه 1972ع ڌاري وري بينڪ جي نوڪري ڇڏي لاهور فلمسٽار محمد علي وٽ اچي رهيو جتي پروديوسر نصرت ٺاڪر ”ايڪ محبت سوافسانه“ ۾ کيس ڪم ڏنو، ان کانپوءِ پروڊيوسر طاهر رضوي پنجابي ڊرامن ۾ ايڪسٽرا ڪردار ڏئي کيس سپورٽ ڪئي سندس وڏي مدد نصرت ٺاڪر ڪئي ۽ قنبر علي شاهه جي هڪ ڊرامي ۾ قوي ۽ روحي بانو سان گڏيل ڪردار ڪري مشهوري ماڻي. شفيع محمد شاهه اسلام آباد ٽي وي تي تيسرا ڪنارا سميت 22 کان وڌيڪ ڊراما سيريل /ناٽڪن ۾ ڪم ڪيو ۽ اتي اقبال سعيد انصاري سان دوستي ٿيڻ جي نتيجي ۾ سندس اسلام آباد واري گهر ۾ وڃي ترسيو، جنهن کانپوءِ وري ڪراچي اچي ويو ۽ بعد ۾ ڪراچي پي ٽي وي سينٽر تي هن پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريا، هن هڪ هزار کان وڌيڪ ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي. شفيع محمد شاهه پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ سميت پي ٽي وي ايوارڊ ۽ ٻيا کوڙ ايوارڊ حاصل ڪيا. سندس اداڪاري مصنوعي ايڪٽنگ بجاءِ تاثرن تي ٻڌل اداڪاري هوندي هئي، هن ڊرامن ۾ سفارش بجاءِ پنهنجي همت تحت اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. سندس پيش ڪيل ڊرامن ۾ ”غلام“ ، ”جهنگل“، ”چاند گرهن“ سميت ٻيا ڊاما شامل آهن. شفيع محمد شاهه پنهنجي ڊرامن ۾ ڪيل ڪردارن سان پنهنجي اولاد جيان سندس عشق هوندو هو. شفيع محمد شاهه شادي ڪراچي مان بتول شفيع سان اپريل 1984ع دوران ڪئي، سندس اولاد مان ٽي نياڻيون، هڪ فرزند ۽ هڪ سالي جي نياڻي هنج ۾ ورتل آهي. سندس پهرئين نياڻي علينا 1985ع دوران جنم ورتو. شفيع محمد شاهه ڪنڊيارو کان شروع ڪيل فني سفر کي دنيا تائين پهچايو ۽ شفيع محمد شاهه جي پنهنجي گهر واري سان وفات کان اڳ هڪڙي آخري خواهش ڪئي هئي ته سندس گهر واري لان ۾ کيس دفن ڪيو وڃي پر سندس ان آخري خواهش کي پورو نه ڪيو ويو.
    اهڙي طرح سنڌ جي نالي واري فنڪارشفيع محمد شاهه 17 نومبر 2007ع تي رات جو 10 وڳي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو، ۽ گذري قبرستان ۾ کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. شفيع محمد شاهه جي لاڏاڻي کان پوءِ کيس مڃتا طور صدارتي ايوارڊ سندس گهرواري کي ڏنو ويو.


     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄ نامياري اداڪار شفيع محمد شاھ جي 12 ورسي آهي

    ♡ پهرين ملاقات کان آخري سفر تائين...! ♡ (يادگيريون)

    زیب سنڌي

    هو سپر اسٽار هو ۽ مان سندس پرستار. مون هن کي ڪڏهن به روبرو نه ڏٺو هو پر جڏهن به ٽي وي اسڪرين تي ايندو هو ته وڻندو هو. خاص طور تي سندس مُرڪ من موهي وجهندي هئي. انهيءَ من موهيندڙ اداڪار شفيع محمد شاھ سان منهنجي پهرين ملاقات تڏهن ٿي هئي، جڏهن 1986 ۾ هو Ptv تي منهنجي ڊرامي "خالي گهر" ۾ ڪم ڪري چڪو هو. "خالي گهر" جو اسڪرپٽ پي ٽي وي تي پروڊيوسر محمد بخش سميجي کي ڏيڻ کان اڳ ۾ ئي، اسڪرپٽ جي فيس شيٽ تي هڪ ڪردار لاءِ مون شفيع محمد شاھ جو نالو لکي ڇڏيو هو. سميجي صاحب مرڪي پڇيو هو، "اسڪرپٽ مٿان اڳواٽ شفيع صاحب جو نالو ڇو لکي ڇڏيو اَٿوَ؟"
    وراڻيو ھئم، "ان ڪري ته لکڻ وقت انهيءَ ڪردار لاءِ شفيع صاحب جو چهرو ئي مون کي پنهنجي اسڪرپٽ ۾ نظر ايندو رهيو آهي."
    سميجي صاحب ٻيو سوال ڪيو هو، "ڇا ضروري آهي ته اهو ڪردار شفيع محمد شاھ ئي ڪري؟"
    وراڻيو ھئم، "هن ڊرامي جي ليکڪ جي حيثيت سان منهنجي راءِ اها آهي ته، اهو ڪردار شفيع صاحب کان بهتر ٻيو ڪوبه اداڪار نه ڪري سگهندو."
    سميجو صاحب ٿوري دير لاءِ سوچ ۾ پئجي ويو هو ۽ پوءِ چيو هئائين، "شفيع محمد شاھ هن وقت هڪ اردو سيريل ۾ ڪم پيو ڪري. پي ٽي وي جي پاليسي مطابق ڪو فنڪار هڪ ئي وقت ٻن ڊرامن ۾ ڪم نٿو ڪري سگهي!"
    مون چيو هو، "اهو منهنجو مسئلو ناهي."
    مان اسڪرپٽ ڏئي هليو ويو هئس، جنهن کان پوءِ سميجي صاحب پي ٽي وي انتظاميا کان شفيع محمد شاھ لاءِ خصوصي اجازت وٺي اهو ڊرامو رڪارڊ ڪيو هو. جڏھن مون اهو ڊرامو پنهنجي لاڙڪاڻي واري گهر ۾ ويهي ڏٺو هو ته، منهنجيون اکيون آليون ٿي ويون هيون!
    ڪجهه عرصي کان پوءِ مان پي ٽي وي تي محمد بخش سميجي جي ڪمري ۾ داخل ٿيو هئس ته، سميجي صاحب مون ڏانهن هٿ جو اشارو ڪري هڪدم رڙ ڪري چيو هو، "شفيع، اهو اٿئي زيب سنڌي!"
    جيسين مون کي ڪا ڳالھ سمجھ ۾ اچي، انهيءَ کان اڳ ئي شفيع محمد شاھ اٿي مون کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو هو. انهيءَ پهرين ملاقات جي پهرين ڀاڪر ۾ هو ڪيتري دير تائين مون جهلي بيٺو رهيو هو ۽ ڀاڪر ۾ ئي چيو هئائين، "توهان ليکڪ ڏاڍا ظالم ٿيندا آهيو. شوٽنگ ۾ تنهنجي اسڪرپٽ ڏاڍو رئاريو هو مون کي!"
    شفيع صاحب جي ڊگهي ڀاڪر کان پوءِ سميجي صاحب مون ڏانهن ڏسي چيو هو، "رڪارڊنگ دوران پرفارم ڪندي شفيع ڪيترائي ڀيرا ڏاڍو رنو هو، جنهن ڪري رڪارڊنگ روڪي مان هن کي ٻاهر وٺي ويو هئس. کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئم ته، ڪردار کي پاڻ تي ايترو حاوي نه ڪيو پر پوءِ به ڊرامي ۾ توهان پاڻ محسوس ڪيو هوندو ته شفيع اهو ڪردار پاڻ تي طاري ڪري ڇڏيو هو!"
    "خالي گهر" کان پوءِ شفيع صاحب منهنجي لکيل ٻين سنڌي توڙي اردو ڊرامن به ڪم ڪيو. اها منهنجي خوشقسمتي ۽ هن جي محبت هئي جو، ڪنهن چينل تان هن کي منهنجي لکيل ڪنهن ڊرامي ۾ ڪم ڪرڻ جي آفر ٿيندي هئي ته، نه فقط هو بنا اسڪرپٽ ڏسڻ جي پر معاوضو طئي ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي اها آفر قبول ڪري وٺندو هو.
    پهرين ڀاڪر سان، پنهنجي فيورٽ سپر اسٽار سان دوستيءَ جي ابتدا ٿي ته، هڪ ٻئي سان طبيعتون ۽ دليون ايئن مليون جو ڪڏهن ڪو ويڇو ئي نه پيو. شايد ته انهيءَ ۾ ستارن جي گردش به شامل هئي، جو اسان ٻنھي جي جنم جي تاريخ 7 سيپٽمبر هئي، فرق اهو هيو ته عمر ۾ هو مون کان اَٺ سال وڏو هو. انهيءَ پهرين ملاقات کان پوءِ مان جڏهن به ڪراچيءَ ويندو هئس ته، هو رابطي ۾ رهندو هو. پڇندو هو، "ڪٿي آهين، ڪنهن مهل واندو ٿيندين؟" ۽ پوءِ اها شام هن سان گذرندي هئي. اڪثر اها شام رات ۾ بدلجي ويندي هئي، ڪڏهن ته وري محفل ۾ رات جو آخري پهر به ٿي ويندو هو....!
    هن جي وفات کان ڪجهه عرصو اڳ، هڪ ڀيري مان ڪنهن ٽي وي چينل جي آفيس ۾ ويٺو هئس ۽ ڪنهن ڊراما سيريل تي ڊسڪس ڪري رهيو هئس. ڊگهي ميٽنگ دوران هن ٻه ٽي ڀيرا مون کي موبائيل فون تي ڪال ڪري پڇيو، "ڪنهن مهل واندو ٿيندين؟"
    ميٽنگ منجهان واندو ٿي کيس فون ڪري چيم، "ڪٿي اچان؟"
    پڇيائين، "صلاح الدين تنيي جو گهر ڏٺو اٿئي؟"
    وراڻيم، "نه."
    چيائين، "يونيورسٽي روڊ تي اردو ڪاليج وٽ اچ."
    مان اتي پهتس ته هو پنهنجي گاڏيءَ جي ڀرسان بيٺو منهنجو انتظار ڪري رهيو هو. هو مون کي صلاح الدين تنيي جي گهر وٺي ويو، جتي ڪنهن ڊرامي جي شوٽنگ هلي رهي هئي. ڪنهن مهل هو ڪو سين رڪارڊ ڪرائڻ پئي ويو ته وري موٽي اچي مون سان ڪچهري پئي ڪيائين. مون کي واپس حيدرآباد وڃڻو هو، تنھن ڪري ٻن اڍائي ڪلاڪن کان پوءِ مون هن کان موڪلايو ته، هو مون کي منهنجي گاڏيءَ تائين ڇڏڻ آيو. ڪار جو دروازو کوليم ته، فرنٽ سيٽ تي پيل منهنجي هڪ لانگ پلي جو اسڪرپٽ هن کڻي ڏٺو ۽ چيائين، "هي ڪنهن جي لاءِ لکيو اٿئي؟"
    مون هن کي هڪ ٽي چينل بابت ٻڌايو ۽ چيم، "هي اسڪرپٽ اتي ڏئي حيدرآباد هليو ويندس."
    چيائين، "اسڪرپٽ مان پهچائي ڇڏيندس."
    مون سندس مهرباني مڃي ۽ حيدرآباد هليو ويس.
    رات جو هن فون ڪري چيو، "مون اهو اسڪرپٽ پڙهيو آهي. هاڻي اهو اسڪرپٽ منهنجو ٿيو، مان توکي پيمنٽ ڪري ڇڏيندس."
    شفيع صاحب لاءِ مون وٽ انڪار جو لفظ ته هيو ئي ڪونه. ٻئي ڀيري ڪراچيءَ ويس ته هن پنهنجي پينٽ جي کيسي مان نوٽ ڪڍي منهنجي شرٽ جي کيسي کي ڀري ڇڏيو.
    هن اهو اسڪرپٽ ڪنهن اردو چينل تان ايپروو به ڪرايو هو. شفيع محمد شاھ منهنجي انهيءَ لانگ پلي کي بهتر کان بهتر ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه سوچيو هو پر اها سوچ، سوچ ئي رهجي وئي ۽ هو 17 نومبر 2007 ۾ سدائين لاءِ وڇڙي ويو! هن جي وفات جي خبر پئي ته مون سندس جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ وقت سر حيدرآباد کان ڪراچيءَ پهچڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٽريفڪ ۾ ڦاسي پوڻ سبب، شفيع صاحب جيان سندس ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ جو وقت به هٿن منجهان نڪري ويو. جڏهن مان قبرستان ۾ پهتس ته سندس لاش قبر ۾ لاهجي چڪو هو. منهنجي گذارش تي شفيع صاحب جي چهري تان ڪفن کي ٿورو هٽائي مون کي سندس آخري ديدار ڪرايو ويو هو ته، منهنجي اکين منجهان نڪتل لڙڪ مٽيءَ ۾ جذب ٿي ويا هئا ۽ هن جي آخري سفر وقت، مان هن کي الوداعي نظر سان ڏسي، پنهنجي وات تي هٿ رکي پوئتي هٽي ويو هئس...!

    (ذڪر ڪيل منهنجي لانگ پلي جو اسڪرپٽ شفيع محمد شاھ جي پونئيرن وٽ آهي ۽ سندن ئي ملڪيت آهي.)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو