مزمل چانڊيو
سينيئر رڪن
رات آڪاش جي ارمانن تي
ڪاڪ مٿي
ڪي ماڪ ڦڙا پيا ها
۽ هن روئي ڏنو هو
پنهنجي قسمت تي
ڪنهن مومل
من ته هيو
صدين کان
اڃايو ڪاڪ جو
پر نه ٿي پياس پوري
ڀل کڻي ٿي آڪاش
ڀڃايو ڪاڪ کي
روح هيو
پياسو ۽ پياسو ئي رهيو
شاعري ؛ سنڌي نور