نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا سنڌي ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ، مونکي ڍول فقير مرحوم جي ڳايل ڪافي عمر مون نه وڻن تنهنجيون ماڙيون الا ، ڀڃي ڀور ٿين ڪنجيون ڪُلف تالا ۽ مرحوم فقير عبدالغفور جي ڳايل ڌرتي جي شاعر شيخ اياز جي وائي سنڌڙي کي سر ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير ميار او يار تمام گهڻيون وڻنديون هيون شاعري ته خوبصورت آهي ئي آهي پر ٻنهي فقيرن ڍول فقير ۽ فقير عبدالغفور مرحوم جي انداز ڳائڪي تمام اعلى لاجواب هوندا هُئا، نه صرف مان پر هر ڪو سنڌي جڏهن اهي ڪافيون ٻُڌندو هو ته اهو جهومڻ کان سواءِ رهي ڪونه سگهندهو هو، جنهن نئين راڳي جي وڊيو کي توهان سان ونڊ ڪري رهيو آهيان اهو راڳي ٿي سگهي ٿو اڄڪلهه جي هن دور ۾ ٻُڌندڙن ۽ ڏسندڙن جي اميدن تي پورو لهي نه سگهي پر هي صوفيانه ڪلام ڳائيندڙ منهنجي من کي ڀانئي ويو آهي بلڪل ڍول فقير ۽ فقير عبدالغفور جهڙو نه پر انهن جي انداز ڳائيڪيءَ جون سڪون پيو لاهي اهو نئون راڳي گذريل ڏينهن اسان جي پاڙي جي هڪڙي درويش حاجي سڀاڳو فقير جي عرس مُبارڪ ۾ منققد ڪيل صوفيانه راڳ رنگ جي محفل ۾ شريڪ ٿيو هو مون سنڌ سلامت جي ڪئميرا جي اک ۾ ان راڳي کي محفوظ ڪري ڇڏيو ايڊيٽنگ ۽ اپ لوڊ ڪرڻ کان پوءِ توهان سڀني دوستن سان ونڊ پيو ڪريان ان راڳي جو نالو سيد اصغر علي شاهه آهي ٽنڊو محمد خان شهر جو آهي ٻُڍل شاهه جي ڪافي ڳائي اٿس خالص سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي پيشڪش آهي
اچ لاهي سر لاهي عشق اڻانگو آهي(راڳي سيد اصغر علي شاهه) سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي پنهنجي پيشڪش