مست
سينيئر رڪن
ڪنهن جو ڳڀرو جوان ڪسجي ويو
ڪنهن جو سرمايو سارو لٽجي ويو
آل اولاد هئي اُن جي آسري ويٺي
جيڪو گولين جو کاڄ بڻجي ويو
گهر ته شاديءَ جي لاءِ سجايل هو
غم سان ماتم سان گهر دهلجي ويو
مهندي هٿڙن ۾ ماءُ لڳائي ها
چهرو رت سان مگر آ ڀرجي ويو۔
روز رت سان سجن پيون ٿيون گليون
شهر مقتل ۾ آ بدلجي ويو
ساڳيا قاتل پيا آزاد گهمن
ڪوئي بي ڏوهي آهي جهلجي ويو
خون جي راند پئي ٿي روز ٿئي
شهر کان ڇو امن آ رُسجي ويو۔
مون ته سارو لکيو آ سچ جو اکر،
ڪو متان چئي ته مست ڀلجي ويو
ڪنهن جو سرمايو سارو لٽجي ويو
آل اولاد هئي اُن جي آسري ويٺي
جيڪو گولين جو کاڄ بڻجي ويو
گهر ته شاديءَ جي لاءِ سجايل هو
غم سان ماتم سان گهر دهلجي ويو
مهندي هٿڙن ۾ ماءُ لڳائي ها
چهرو رت سان مگر آ ڀرجي ويو۔
روز رت سان سجن پيون ٿيون گليون
شهر مقتل ۾ آ بدلجي ويو
ساڳيا قاتل پيا آزاد گهمن
ڪوئي بي ڏوهي آهي جهلجي ويو
خون جي راند پئي ٿي روز ٿئي
شهر کان ڇو امن آ رُسجي ويو۔
مون ته سارو لکيو آ سچ جو اکر،
ڪو متان چئي ته مست ڀلجي ويو