امداد شاه راشدي آن لائين سرٽيفڪيٽ ايوارد 2011ع

'راءِ شماري' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏29 جولائي 2011۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ووٽ ڪريو ۽ نه ڏئي پنهنجي را کان ڪنهن فنڪار جي صلاحيتن کي نه وڃايو۔
    سنڌي ميڊيا (ساليوُوڊ) ، سنڌي آرٽسٽس ويلفيئير ايسو سيئيشن (ساوا) گُلستان جوهر برانچ ڪراچي ۽ ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ريسرچ سينٽر نيوسعيدآباد ضلع حيدرآباد سنڌ (هيڊ آفيس) هر سال پنهنجي محبوب دوست ۽ساٿي ۽ ڪي ٽي اين جي بهترين سيريلس ( اوکا پنڌ، اڌورا ارمان ۽ دردونديءَ جو ديس) جي ڊائريڪٽر مرحوم امداد شاه راشدي آف پير جهنڊو نيوسعيد آباد جي ياد ۾ هر سال آن لائين سرٽيفڪيٽ ايوارڊ، پنهنجي ساٿي فنڪارن جيڪي سنڌي ميڊيا جي سنڌي پروگرامن بشمول اسٽيج جي اداڪارن ۽ اداڪارائن، ليکڪ، ڊائريڪٽرس ۽ هر آرٽ شعبي۽چئنلن (پي ٽي وي، ڪي ٽي اين ، سنڌ ٽي وي، ڪشش، ڌرتي، مهراڻ ۽ آواز) سان وابستا آهن کي ڏيندي آهي.

    ڪي ٽي اين جي بهترين ڊائريڪٽر مرحوم امداد شاه راشديءَ جي ياد ۾ سالانا آن لائين سرٽيفڪيٽ ايوارڊ ڏيڻ جو سلسلو اڃا به جاري آهي ۽ هن سال به هن سلسلي جي ايوارڊ دسٽريبيوشن سيريمني، ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيش ريسرچ سينٽر نيوسعيد آباد جي ساليوُوڊ آڊيٽوريم ۾ آگسٽ کان روزانه شام جو 4 بجي کان 5 بجي تائين ٿيندي، جنهن ۾ سنڌ جي هر فني شعبي خاص طور سنڌي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا، سنڌي اسٽيج سان وابسطا فنڪارن جي مڃتا لاءِ، خالص ميرٽ جي بُنياد تي ساليوُوڊ سرٽيفڪيٽ ايوارڊ 2011ع ڏيڻ لاءِ نامينيشن ٿيندي. جيوري هر شعبي جي هڪ نمائندي تي مُشتمل آهي، جيڪي ايوارڊ ڏيڻ جي رڪمنڊيشن۽ سليڪشن، پهرين آگسٽ کان پوءِ مليل اي. ميلس ، خطن، ايس.ايم.ايس، ٽيليفون ڪال ۽ چئنلن جي خاص ڊرامن جي سينن کي پري ويو ڪندي جنهن ۾ هر لحاط کان ميرٽ جو خيال رکيو ويندو

    . انساني غلطيءَ جي فيڪٽر کي مد نظر رکندي ، اوهان کي کُي راءِ ۽ تنقيد جو حق ڏجي ٿو. ايوارڊ انائونس ٿيڻ کان پوءِ به پبلڪ جي راءِ جي وڏي اهميت آهي . جي پبلڪ سمجھي ٿي ته ايوارڊ ميرٽ تي ناهي ڏنو ويو ته اعتراض جو حق پبلڪ کي ۽ ووٽن کي اهي. اهڙي صورت ۾ پيرلل ايوارڊ اسڪيم به مُتعارف ٿيل اهي. اهو سلسلو مُسلسل رهندو. توهان جو محبوب فنڪار ان حق کان رهجي نه وڄي اُن لاءِ توهان اسان سان هن فيس بوڪ، وال تي ڏنل انفوسيل فون ۽ اي ميل ذريعي ڪري سگهو ٿا. ايوارڊ حاصل ڪندڙ فنڪار هي ڪلر فُل ۽ خوبصورت سرٽيفڪيٽ ايوارڊ پنهنجي يو ايس بي يا ڪمپيوٽر ۾ ڊائريڪٽ ڪاپي ڪري پرنٽ ڪري يا ڪرائي حاصل ڪري سگهندا. .
    ادارو.
    http://www.facebook.com/sindhi.media ; http://www.youtube.com/mysollywood
    E-Mail: sindhi_media@yahoo.com ; newsaidabad@hotmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو