سنڌ جو عاشق ۽ قومپرست شاعر ابراهيم منشي (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 جولائي 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    سنڌ جو عاشق ۽ قومپرست شاعر ابراهيم منشي
    بيشڪ هڪ سچو سنڌ جو عاشق هو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ابراهيم منشيءَ جي ورسيءَ جي موقعي تي ڀيٽا

    رفيق جعفري

    ڪي ڪي ماڻهو جوڳي بڻجي پنهنجو پاڻ رُلائي ويا
    دَر دَر تي هو بِينَ وڄائي من جو راڳ ٻُڌائي ويا

    گيتن ۾ جِن رَنگ رَچايا آزاديءَ جي نَعرن جا
    نَغما نِينهَن جا ساز نئين تي ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڳائي ويا

    چاهي تِن کي جيل مليو يا باغيءَ جو الزام مليو
    پوءِ به پنهنجي مَن جي اندر ساڳي جوت جلائي ويا

    سُوريءَ جا حقدار سڏائي سَچ چوڻ کان ڪِين مُڙيا
    سچ جي خاطر سختيون سَهندي پنهنجو پاڻ ملهائي ويا

    ”رفيق“ هميشه حامي آهيون اهڙن ئي سرويچن جا
    ساهَه جو سانگو لاهي جيڪي ڌرتيءَ سان لنئون لائي ويا

    [​IMG]
     
  3. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    سنڌ جو اڏول شاعر منشي ابراهيم جي ورسي جي مناسبت سان
    [​IMG]

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    سنڌ ڌرتي اوائلي دور کان وٺي امن ،محبت واري ڌرتي رهي آهي هن سرزمين وقت به وقت ڪيترن ئي اديبن ، شاعرن ،عالمن ءَ ولين کي پنهنجي هنجهه ۾ جاءِ ڏني آهي جن پنهنجي پنهنجي زندگي واري زماني ۾ پنهنجو پنهنجي ڌرتي جو نالو نروار ڪرائڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي اهڙي ريت هن ڌرتي تي شاعرن جي ڪا ڪمي نظر نٿي اچي 15 جنوري سال 1934ع سومر ڏينهن محمد اسحاق سومري جي گهر کان هڪ ننڍڙي نينگر ابراهيم منشي ( محمد ابراهيم سومري ) پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو ته گهر وارا خوشي ۾ نه پئي ماپيا ، محمد ابراهيم سومرو پنهنجي زندگي جي ابتدا ڪڙمي ءَ شاعر واري صفت واري انسان جي هنجه منجهان ڪئي ننڍي هوندي والدين پنهنجي اباڻي ڳوٺ جنهاڻ سومرو جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتي هن محنت سان چار درجا مس پاس ڪيا ته والد جي شفقت کان مارچ 1945 ع کان محروم ٿي ويو ،هن مانجهي مڙس همت نه هاري تڪليف ڪري پنج درجا پاس ڪيا ، والد جي لاڏاڻي بعد گهر جون سموريون ذميواريون سندس جي ڪلهن تي اچي ڪڙڪيو زندگي جي گاڏي کي گهلڻ ۽ گذر سفر لاءِ جئيڻ جا جتن ڪرڻ لڳو ، ابراهيم منشي زماني کي منهن ڏيڻ لاءِ طرح طرح جا پيشا اختيار ڪرڻ لڳو ڪڏهن پلا وڪندو هو ته ڪڏهن گڏهه تي چڙهي ڳوٺ ڳوٺ وڃي گهور ڪري ڀاڃيون وڪڻي پيٽ پاليندو هو ڪڏهن وڃي منشي گيري ڪري جو ڌندو ڪندي نظر آيو ، منشي گيري ڪرڻ ڪري ابراهيم سومرو هميشه لاءِ (ابراهيم منشي ) سڏجڻ لڳو ،هن زندگي جا ڏک ڏولاوان واري زندگي منجهان متاثر ٿي سال 1949 ع ڌاري پنهنجي دل جو آواز شاعري وسيلي عام عوام تائين زندگي جي آخري گهڙي تائين ڳائيندو پهچائيندو رهيو ابراهيم منشي شاعري واري آواز ۾ چوي ٿو

    ڪنهن جي ٿي هت ذات وڪامي ،

    ڪنهن جي ٿي هت ڏات وڪامي ،

    ڪنهن جي ٿي هت بات وڪامي ،

    ڪنهن جي ٿي هت رات وڪامي ،

    هيڏي وهڪري ۾ جو نه وڪاڻو ،

    تنهن کي مليو جيل ۽ ٿاڻو

    جهڙو ماڻهو تهڙوناڻو ،

    هر ڪو پنهنجي اگهه وڪاڻو ،

    جيڪو ماڻهو ڪو نه وڪاڻو ،

    سو ئي ماڻهو موتي داڻو .

    ابراهيم منشي هڪ بهترين شاعر سياسي ورڪر پڻ ٿي گذريو هن شروع شروع ۾ مولود ، ڪافيون ، غزل جهجي انداز ۾ پڻ چيا سندس شاعري جو استاد والد جو محمد اسحاق جو دوست علي محمد (سپاهي ) هو ابراهيم منشي 13 سالن جي ڄمار ۾ شاعري ڪرڻ جي تربيت حاصل ڪري شاعري جو آواز ڪڍي پاڻ کي نروار ڪرايائين . آهستي آهستي ابراهيم منشي جو لاڙو قومي شاعري ڏانهن ٿيو اهڙي طرح پنهنجي زندگي واري زماني ۾ هن مختلف ۽ منفرد ۽ سهڻي انداز سان نظمن ، ڪافين ، واين ۽ بيتن جي مٺڙن ٻولن سان سنڌ جي ماڻهن جي شاعري وسيلي ترجماني ڪرڻ ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏي سندس شاعري عوامي شاعري جو رنگ نمايا نظر اچي ٿو ابراهيم منشي جي شاعري ٺيٺ سنڌي لفظن سان ٽم ٽار لڳي پئي آهي سندس شاعري ۾ اڳوڻا ماحول ، عوامي نماندگي جي ماحول جي ڀرپور عڪاسي ڪندي نظر اچي ٿي ابراهيم منشي پنهنجي دل جي آواز سان ٻڌائي ٿو ته

    جڏهن ڏينهن تپندا ، مٿان مينهن وسندا ،

    گسن گاهه ڦٽندا ۽ چوپايا مال چرندا ،

    نوان ساز سرندا، نوان چنگ چرندا ،

    مارو مال مچندا ۽ ٻيلا به ٻرندا ،

    نوان نينهن لڳندا ، ڪيئن رنگ رچندا ،

    نئين ڪاڪ اڏبي ، نوان ايندا راڻا ،

    مان هوندس نه هوندس سو پاڻ نه ڄاڻان

    ابراهيم منشي جي شاعري پهريان پهريان ماهوار رسالي روح رهاڻ ۾ سال 1965 يا 1966 ع ڌاري ڇپجي رسالي جي زينت بڻي سندس پهريو شاعري جو مجموعو (پيغام مظلوم سال 1970ع ڇپجي پڌرو ٿيو ابراهيم منشي سنڌي ادب کي ڪافي ڪتاب سان نوازيو جنهن ۾ وڳهه جا وريام 1971ع گوندر ويندا گذري ، ڌرتي ،دين ، ڌرم ، ڌونئري ڏينهن ڌار ، اکر اکر اک جهڙا شهڪار مجموعا ڏئي پنهنجي نالو روشن ڪيو ابراهيم منشي هڪ بهادر سياسي ورڪر طور پاڻ نڀايو پاڻ ايوب ضاحب واري زماني ۾ سياست ۾ داخل ٿيو هو پيپلز پارٽي جو تمام گهڻو همايتي رهيو مڱر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب واري زماني ۾ 42 مهينا جيل جي سلاکن ۾ بند رهيو . جنهن بعد هو قومپرست واري راهه اختيار ڪيائين سائين جي ايم سيد صاحب کيس (عوامي شاعر ) جو خطاب سان سڏيندو هو ابراهيم منشي ايترو ته غريبت واري زندگي گذاري جو ست ست ، اٺ اٺ ڏينهن هڪ ساڳي ئي وڳي ۾ زندگي جا پل گذاريندو ۽ سياسي جلسن ۾ جوشيلا شعر پڙهي عوامي داد پيو حاصل ڪندو هو سنڌ جو هي اڏول شاعر زندگي جي آخري ڏنيهن ۾ اڪثر بيمار رهندو پئي آيو کيس زندگي ۾ ٻه بير دل جي شديد تڪليف پڻ ٿي ۽ اٽيڪ پڻ ٿيا جتان بچي ويو مڱر دل جي بيمار سندس جان نه ڇڏي آخر ڪار ديوان مشتاق اسپتال حيدرآباد ۾ داخل ٿيو جتان سندس به ڪا شفا نه ملي آخر ڪار سنڌ جو هي شاعري زندگي جا 77سال 6مهينا 16 ڏينهن جا پل گذاري 31 جولاءِ 2011 آچر ڏينهن سمورا سياسي سماجي ادبي پروگرام ڇڏي هميشه هميشه لاءِ راهه رباني ٿي ويو سندس جي اڄ 6 ڇهين ورسي ملهائي ويندي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو