• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ها ٻي به دنيا آهي ممڪن

Rasoolbux Daudpota
ها ٻي به دنيا آهي ممڪن
جت سک هجي سارو چمن
ٿي جي سوچون سڀ جي لئه
بارود هي پو ڪنهن جي لئه
ڪين گهرجي جنگ جاجڪ
پر گهران ٿو هڪ امن .......
ها ٻي به دنيا آهي ممڪن......
دنيا ته هڪڙو ڳوٺ آ
ميٺ محبت موٽ آ
انسان عزمت آ وڏي
وجھ نه تنهن کي منجه غمن..
ها ٻي به دنيا آهي ممڪن....
کيت سارا سبز هوندا
بک وگهي نه جيءَ جهرندا
ڪون هيڻو هت هجي
خوشين جا دورا هجن
ها ٻي به دنيا آهي ممڪن...
هٽلر هلاڪو ويو هليو
ترخان دورا ڀي رليو
انسان سان جنهن ڪيس ڪيا
انسان تن ڦٽڪار ڪن...
ها ٻي به دنيا آهي ممڪن...
اقتصادي طور تي
سڀ هجون هڪ تور تي
گهر ٿو گهرجي ان اٽو
ليڙون لٽا نه ٿي بدن...
ها ٻي ب دنيا آهي ممڪن
انسان ٿي جي سوچيون
سڀ جي لئه پو لوچيون
ڪو مسئلو ڪين رهندو
بارود توپون ڪر دفن...
ها ٻي به دنيا آهي ممڪن...·
 
Back
Top