سنڌ جو عظيم انقلابي شاعر مرحوم مُنشي محمد ابراهيم سومرو(ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي)

'مُنشي ابراهيم' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏31 جولائي 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    743
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    [JUSTIFY]پيارا سنڌ واسيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ اڄ سنڌ جي جاکوڙي شاعر مرحوم مُنشي ابراهيم جي اٺين ورسي آهي اڄ 31 جولائي 2011 آهي اڄ کان اٺ سال پهرين 31جولائي 2003 ع خميس جي ڏينهن تي سنڌي ماڻهن ۾ انقلابي روح ڦوڪڻ واري شاعري جو خالق منشي ابراهيم اسان کان موڪلائي هميشهه هميشهه هليو ويو الله کيس جوار رحمت ۾ جڳه ڏي، آمين دوستو جيئن ته سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن شاعر جي شاعري سندس زباني جا 10 وڊيوز ڊاڪٽر انور عالماڻي صاحب جي ٿورن سان ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ڪيا، ان کانپو گذريل آچر تي ڪي ٽي اين وارن سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي دستوري گڏجاڻي جي هلندي دوران مون سميت سنڌي ادبي سنگت جي سرڪرده ميمبرن کان مُنشي ابراهيم جي باري ۾ انٽرويو ورتا، اهي انٽرويو به ڪالهه کان وٺي ڪي ٽي اين تان نشر ٿين پيا آئون ڪوشش ۾ آهيان ته اهي انٽرويو رڪارڊ ٿيل هٿ ڪري سنڌ سلامت جي مُنشي ابراهيم واري سيڪشن ۾ لڳايان ان کان علاوه آئون سنڌ جي هن کاهوڙي شاعر جي زندگي جي باري ۾ لکيل بلڪل نڪور مقالي جي تلاش ۾ هُئس جيڪو اڄ تائين ڪٿي ڇپيو نه هُجي ۽ ان مقالي ۾ مرحوم شاعر منشي ابراهيم جي باري ۾ ڪافي ساريون ساروڻيون هُجن ۽ جامع هُجي، سو موبائل تي اسان جي شهر ٽنڊو محمد خان جي شهر بُلڙي شاهه ڪريم ۾ رهندڙ پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي سمون صاحب سان رابطو ڪيم ان کي گُذارش ڪيم ته سائين توهان سان مرحوم مُنشي ابراهيم گهڻو وقت ساٿ ساٿ رهيو توهان مرحوم مُنشي جي هن اٺين ورسي جي موقعي تي ضرور ڪجهه نه ڪُجهه لکيو هوندو ، پليز جيڪڏهن توهان اهو مقالو لکيو آهي ته سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ واسطي مونکي ڏيو آئون توهان جو اهو مقالو توهان جي نالي توهان جي تصوير سميت ضرور ساري دنيا جي سنڌي دوستن سان ونڊ ڪندس، پاڻ چيائين ته ناز ڪلاڪ جي اندر ۾ توهان تائين بلڪل نئون مقالومرحوم مُنشي ابراهيم جي باري توهان کي پهچي ويندو پر ادا ناز منهنجو اهو مقالو 10 ڏهن پيجن جو آهي ڇا تون اهو ڪمپوز ڪري سگهندين مون جواب ڏنو مانس ته سائين اهو منهنجو مسئلو آهي ، توهان يقين ڪندا ته مون اهي ڏهه پيج صرف هڪ ڪلاڪ جي اندر ڪمپوز ڪري ڇڏيا ۔ هاڻي پيش آهي اڄوڪي ڏينهن مرحوم مُنشي ابراهيم جي ورسي جي حوالي سان ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي سمون جو مقالو. سائين ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي سمون جي ٿورن سان.
    نثاراحمدناز[/JUSTIFY]


    [​IMG]

    سنڌ جو عظيم انقلابي شاعر مرحوم مُنشي محمد ابراهيم سومرو
    از: ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي سمون بُلڙي شاهه ڪريم​


    مُنشي ابراهيم جي سُڃاڻپ

    نالو: محمد ابراهيم

    ادبي سُڃاڻپ: مُنشي ابراهيم

    والد جو نالو: محمد اسحاق

    ذات : سومرو

    ڄم جو هنڌ : ڳوٺ جنهاڻ سومرو ٽنڊو محمد خان

    جنم جي تاريخ: 15 جنوري 1934ع

    تعليم: پنج درجا سنڌي

    شاعريءَ جِي شروعات : 1949ع کان جيڪا اڳتي هلي قومي سُڃاڻپ رهي

    شاعري جا ڪتاب ڇپيل: 1 پيغام مظلوم 2. وڳهه جا وريام 3. گوندر ويندا گُذرِي 4. ڌرتي دين ڌرم 5. ڌؤنري ڏينهن ڌارا 6 . اکر اکر اک باقي اڻ ڇپيل مواد ۾ سندس شاعري جو ڪافي اهم ذخيرو موجود آهي جن ۾ مولود ، عشقيه غزل ۽ ڪافيون پڻ آهن.

    وفات جي تاريخ: 31 جولائي 2003ع

    آخري آرام گاهه : اباڻو قبرستان ڳوٺ جنهاڻ سومرو ٽنڊو محمد خان

    اولاد: ٻه پُٽ : 1 طارق ابراهيم 2. عارف ابراهيم

    31 جولائي 2011 ع بروز آچر تي سندس اٺين ورسي آهي.


    مون سي ڏٺا ماءِ ، جني ڏٺو پرينءَ کي ،
    رهي اچجي راتڙي ، تن جُنگن سندي جاءِ
    جني جي ساڃاءِ تُرهوٿئي تار ۾​


    [JUSTIFY]مُنهنجي به مُنشي مرحوم سان ، جڏهن کان ساڃاءِ ٿئي تڏهن کان وٺي سندس رهاڻيون هيرن کاڻيون ۽ قرب ڀريون ڪچهريون مون لاءِ وڏِي وِٿ ٿيون ، اسان جون ڪچهريون گسين ، پنڌين، هلندي، ڦرندي، ٿينديون هيون ، ڪڏهن مون وٽ ڪڏهن وٽس ته وري ڪڏهن ڪنهن ميڙاڪن ۾ گڏ هوندا هُئاسين. هڪڙي خميس تاريخ 24 جولائي 2003 شام جو آئون ۽ سندم مان وارو استاد نياز مند بُلڙائي گڏجي ڳوٺ جنهاڻ سومرو ۾ ابراهيم مُنشي صاحب وٽ رهاڻ ڪرڻ وياسين .
    هونءَ به روز يا ٻئي ڏينهن ٽئي ڏينهن پيا ملنداهُئاسين، پر لاڳيتوبرساتن جي ڪري ڪجهه وٿي پئجي ويئي ته خواب ۾ ڏوراپو ڏنائين ته اچين ڪونه ، سُجاڳي ٿي ته دل ۾ پيم صُبح ضرور ويندس پر برسات پئجي ويئي ۽ نيهن ۾ نهار پئجِي ويئي. [/JUSTIFY]

    ڳورا ٻئي پارَ هيون هِيُون حيرت ۾ پئو،
    وهَان تان ويرمَ ٿيِي ، نيہ ۾ پوءِ نِهار،
    وڃان تان واڪو ٿيِي ، پاڙي پوءِ پچار
    هُتي وَعدي وار، هت سوٽون ڏينَم سرتيون​


    [JUSTIFY]مون لاءِ به ڏاڍي مشڪلات ٿي پئي ته ڇا ڪريان ڪيئن مُنشي سان ملاقات ڪريان انهي فڪر ۾ اهو ڏينهن اربع 30 جولائي 2003ع وارو گُذريو پڪو ارادو ڪيم ته خميس 31 جولائي ضرور ويندس، جو مُنشي پيو خوابن ۾ ڏوراپا ڏي. مينهن جي برسات واري گهميل موسم ۾ طبيعت ٺيڪ نه هُئي کنگهه ، کُڙڪو ۽ دم دڙڪو وغيره هلڪو ڦلڪو هو ٻارڙا به ٺيڪ نه هُئا سڄو لڏو ئي لٺ لڳو پيو هو.
    منهنجي ننڍڙي آفتاب هيڪاري پريشان ڪري وڌو جو کيس گلي جي سخت تڪيلف هُئي برساتن پوڻ ڪري گس جي ايڏي وڏي تڪليف جو ڍڳي گاڏي به نه هلي سگهي. اهڙي حالت ۾ بيمار لاءِ ڪٿان ڊاڪٽر اچي سگهي ۽ ڪيئن مريض اسپتال پهچي سگهي ٻهراڙي ۾ گس جي سواري جي خاص تڪليف وري جو مڇرن جو آزار، برساتي موسم جي ڪري ڪئين بيماريون نڪري نروار ٿي پيون . آئون شهر واري اوطاق تي هوس، اهو خميس جو ڏينهن ۽ جولاءِ جي 31 تاريخ هُئي . صُبح جا تقريبن 8 ٿيا هُئا جو چانهه گهرائي رکي هيم ۽ ان سان گڏ اخبار جون وڏيون وڏيون سُرخيون ويٺي پڙهيم ته مُنشي صاحب جي ڀاڻيجي عبدالرحمان سومرو اچي سلام ورايو آئون ان کي ڏسي ڏاڍو خُوش ٿيس ته مُنشي صاحب اڄ ماڻهو موڪليو آهي ڪيڏاهن هلڻ جو پروگرام آهي پر همراهه جو مُنهن لٿل هو، سو مون چيو ته ادا آهي ته خير !، چيائين ته ماما گُذاري ويو، مُنهنجي ڪنن ڪم نه ڪيو ، هِي ڪن گاڏهان ڪٿي ٿا ڳالهه جهٽ سمجهن تڏهن ته حضرت شاهه عبدالڪريم رح بُلڙي واري چيو هو ته :[/JUSTIFY]

    هي ڪن گاڏهان ڏيئي ، ٻيا ڪي ڪن ڳنهيج
    تيهان پوءِ سُڻيج، پريان سندي ڳالهڙي.​


    [JUSTIFY]سو مون سمجهيو ته چوي ٿو ته ماما گُهرايو آهي. يڪدم چيوم ها هلون ٿا، ويهه چانهه پِي . هن ويچاري کي روئڻ اچي ويو ۽ چيائين ته ادا ماما مُنشي گُذاري ويو. مونکان رڙ نڪري ويئي ۽ چانهه سُرڪي چپن تان هيٺ لهي نه سگهي پر لڙڪ لڙي پيا لار ڪري پوءِ ڪجهه نه مون چيو ۽ نه هُو همراهه ڪُڇيو ۽ ماٺ ڪري هليو ويو[/JUSTIFY]

    آيل آديسين جا، مون کي گُن گهڻا ،
    ساريون سناسين کي ، ويٺي هٿ هڻا،
    مون کي نيہ نهوڙئو، تُنبي جيئن تڻا،
    وئا ويراڳي نڪري، جني مُنہ مَڻا،
    جوڳي جَڳَ گهڻا، مُون وَهُه ويراڳين سين​


    [JUSTIFY]مُنشي مرحوم مونکي ادا ننڍو چوندو هو، آئون ننڍڙي ٻار وانگر ڏاڍو خوش پيو ٿيندو هوس. مُنشي سان خوب رهاڻيون ٿينديون هيون، واهه واهه ڪيڏو نه عظيم ۽ ڪُشادي دل وارو انسان هو ۽ مونکي دل سان ڀائيندو ۽ عزت ڪندو هو.جڏهن به وٽس وڃڻ ٿيندو هو ته بيمار هوندي به اُٿي ملندو هو، مُنشي صاحب جي هڪڙي پياري ۽ خلوص واري عادت هيءَ به هوندي هُئي “ وٽس اچڻ وارو ضرور ڪُجهه کائي پي وڃي” پر ائين نه وڃي. هڪ ڀيري اسپتال ۾ وٽس ويس ته مُرڪي چيائين ته ادا مونکي پڪ هُئي تون ته ضرور به ايندين. سندس ڀاڻيجي غلام محمد کي چيائين وڃ ڪُجهه وٺي اچ کيس چيم ادا وڏا ذري جيتري به ضرورت ڪونهي ته ناراض ٿيڻ لڳو ۽ چيائين ته صفا ڄٽ آهين . مولائي مُڙس کيسي ۾ ٽڪو به ڪونه هوندو هوس ۽ جيڪي هوندو هو اهو کپائي پوءِ خوش ٿيندو هو دل جو سخي ۽ وري بردبار ڪڏهن به ڪا شڪايت نه ڪيائين ۽ نه ئي موت کان ڊنو ، مرڻ کان اڳ مري جيئي ڏٺو هُئائين.سو شاهه لطيف ڀٽائي جي هن سٽ :[/JUSTIFY]

    “لاخوف عليهم ولاهم يحزنون سچن ڪونهي سُور”​


    [JUSTIFY]جو پابند هو، ۽ ان تي سندس يقين پڪو ۽ پختو هو، مُنشي مرحوم پنهنجي شاعري جي شروعات عشقيه شاعري سان ڪئي ۽ مذهبي شاعري به ڪيائين ۽ مولود ۽ غزل به محفلن ۾ پڙهيائين ۽ اڳتي هلي سنڌ ڌرتي جي ڌڻين جي ترجماني ڪرڻ لاءِ انقلابي شاعري ڪيائين ، ڳائي ٻُڌائي ماڻهن جي سُتل ذهنن کي جاڳيائين، آواز به واهه جو هوندو هُئس مُنشي صاحب سماج سُڌار انسان به هو هُن ڳوٺ جي ڇوڪرن ۽ واسطيوارن کي مختلف نوڪريون وٺرائي ڏنيون ۽ مدد به ڪيائين پنهنجي ڄاڻ سُڃاڻ ۽ وس آهر هر ان نوجوان جي مدد ڪيائين جيڪو وٽس پير ڀري ويندو هو. انهن سڀني ڳالهين کان وڏيڪ مُنشي صاحب هڪ وڏو لطيف شناس هو ، آئون ائين به چوندس ته هُو لطيف جو وڏو پارکو هو ۽ لطيف به ڏاڍو ياد هوس. امسا حيدرآباد ۽ علامه آءِ آءِ قاضي فورم ٽنڊي محمد خان جي دارالعلوم هاءِ اسڪول ۾ سندس ليڪچر ان جو ثبوت آهن. مُنشي صاحب سُر سان جڏهن لطيف جون وايون جهونگاريندو هو ته جهوري وجهندو هو، سندس آواز ۾ سچ ، سُونهن ، درد ۽ حقيقت هوندي هُئي.

    اڪثر اسان جون رهاڻيون لطيفي فڪر، فلسفي ۽ تاريخي حوالن سان هونديون هُيون، ۽ انهيءَ سان گڏ مُنشي صاحب پنهنجي ماضيءَ جون يادگيريون ٻُڌائيندو هو ته لطيف مون هڪ اهڙي اُستاد کان سکيو۽ سمجهيو جيڪو وڏي ڏيا وارو ۽ اهل دل انسان هو. جڏهن ڪراچيءَ م گيهه جو واپار ڪندو هوس ته اُتي مشاعرن م شريڪ ٿيندو هوس، اتي ڪيترن ئي شاعرن سان ملاقات ٿي ۽ منهنجو امتحان به ورتائون.
    ڳالهين تان ڳالهيون ڪندي منشي ٻُڌايو ته ڳڀرو جوان هُجان ڪهاڙي بانس جي ڳن سان اڇي چٽن واري منهنجي ڪُلهي تي هر وقت هوندي هُئي جڏهن مُنهنجي هڪڙي مينهن يا ڍڳي چور چورائي ويا، ته آئون به “ ڪاٽڪو” ٿي پيس انهن جون مينهون ٻيلي مان ڪاهي آيس، پوءِ فيصلو ٿيو مونکي منهنجي امانت ملي.
    پوءِ ته مستي سمائجي وئي اواز به سريلو هو ننڍي هوندي کان ڪافيون ۽ مولود پڙهندو هوس تان جو نينهن جي ناوڪ لڳي ويئي تنهن ننڊون ڦٽائي ڇڏيون ۽ منهنجي اندر کي اُجاري اڇو ڪري وڌو ۽ پوءِ عشقيه شاعري ڪيم.....!
    مولوي احمد ملاح جي شاعري جي هاڪ هُئي، ان جي ڏسڻ جو شوق ٿيو بديڻن وڃي مولوي صاحب سان مليس مولانا صاحب منهنجي هٿ ۾ بندي ڏسي چيو ته ابا هن ۾ ڇا آهي؟ چيم سائين شاعري چيائين ابا “ اسحاق سومري جو ڇا ٿئين “ مُنشي جي والد اسحاق سومري جي مولوي احمد ملاح سان دوستي هُئي” پوءِ پُٺي ٺپيري چيائين ته ابا پوءِ ڀلي وڃي شاعري ڪر ، توکي دعا ٿو ڪريان ، مُنشي صاحب اها ڳالهه ڏاڍي خوشي واري انداز سان بيان ڪندو هو. هڪ ڀيري صوفي شاهه عنايت شهيد جي ميلي تي گڏجي جهوڪ وياسين اسان سان ارباب نيڪ محمد پڻ گڏ هو “ جيڪو حضرت لطيف سرڪار جي ميلي کان وٺي گڏ هو” شهيد جي اڱڻ تي تي اچي کيس کيس سلام ڪري دعا گهري، اتي شفيع فقير جو مٺڙو راڳ ٻُڌوسين، جڏهن ان جي نظر اسان تي پئي ته سهڻي ۽ مٺڙي مُرڪ سان سلام ڪيائين . اُن به اُن رات واهه جو راڳ ٻُڌايو. دل خوش ڪري ڇڏيائين.
    آخر ۾ مرحوم استاد منظور جي ڳايل مصري شاهه بادشاهه جي ڪافي :[/JUSTIFY]

    رمز رندن جي رول ڇا ڄاڻن
    ننگ ته سُڃاڻن نر نيهي نيهي​


    [JUSTIFY]ٻُڌايائين ته واهه واهه ڪري ڇڏيائين ۽ مُنشي به کيس وڏا ڀاڪر پائي داد ڏيئي موڪلايو ،مُنشي صاحب جي بردباري ۽ همت جون کوڙ ڳالهيون آهن، پر هڪ ٻه هيٺ لکان ٿو.
    جاتي شهر ۾ مشاعرو هُجي جيڪو سندس صدارت ۾ هو ، مونکي چيائين ته ضررو به هلبو، چيم ادا تنهنجي طبيعت ٺيڪ ناهي سفر جي سٽ سهي سگهندين؟ ته ٺهه پهه چيائين جيسين جيئرا آهيون تيسين سنگت سان ساٿ نڀائبو[/JUSTIFY]

    جان جان هُئِي جيَرِي ورچي نه ويٺِي
    وڃي ڀُونءَ پيٺي ساريندي کي سڄڻين​


    [JUSTIFY]سو منشي مرحوم جي به همت کي سلام آهي جيسين جيئرو هو تيستائين رهاڻيون ۽ رس نه ڇڏيائين. جاتِي وڃي شام جو نڪتاسون ڊاڪٽر نواز علي شوق ڊاڪٽر محمد علي مانجهي ، سائين عزيز جعفراڻي مرحوم ، تميمي صاحب ، گدا ملاڪاتياري ، تاج ٽکڙائي، انعام ٽکڙائي، عبد ماڃوٺي، ذاڪر کٽي جيڪو ميزبان هو ۽ ٻيا کوڙ ڄاڻ سُڃاڻ وارا دوست هُئا، سڄي رات مشاعرو ۽ پوءِ راڳ هليو، وڃي پرهه باکون ڪڍيون ۽ اسان به ٻي سنگت کان موڪلايو، لُڏندي لمندي اچي شاهه ڪريم ۾ لٿاسين جتان پوءِ مُنشي کي گاڏي تي جنهاڻ سومري ۾ ڇڏي آيس.[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]ان کان پوءِ ڏتا مدرسي ۾ مولانا محمد صادق سومري جيڪا رهاڻ ڪرائي جا سمجهان ٿو ته اتي مُنشي مرحو م جي آخري رهاڻ هُئي ان ۾ به مُنشي گهر ۾ دل جي تڪليف کي دُور ڪرڻ واريون دوائون کائي بستري تي ليٽيو پيو هو جو کيس مولوي رفيق ڀرڳڙي ۽ حافظ محمد نظاماڻي ڪوٺڻ ويا هُئا، عام ماڻهو کي مٿي ۾ سور ٿو پوي ته به گهر کان ٻاهر اچڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي يا ڳالهائيندو ئي ڪونهي پر مُنشي کي وري به جس آهي جو اهڙي حالت ۾ به صُبح تائين ساٿ نڀايو. ان رهاڻ ۾ مولوي صادق مولوي يامين شورو جيڪو پڻ ڀلوڙ شاعر آهي حافظ محمد نظاماڻي راقم آدم لُنڊاڻ ، عبدالشڪور شيخ فاني ۽ ٻيا ڪافي دوست شامل هُئا، جن جا نالا هن وقت ياد ناهن ، انهي محفل جي آخر ۾ مُنشي ابراهيم مرحوم پنهنجي سدا بهار آواز ۾ ڳايو ته:[/JUSTIFY]

    “ هت مُندَ چرِي آهي ٻي جا رات ٺرِي آهي ،
    اهڙي ۾ اچڻ تنهنجو ڀاڳن جي ڀري آهي”​


    [JUSTIFY]سو سائين منهنجا مُندون اينديون رهنديون ۽ راتيون ٺرنديون رهنديون مگر مُنشي صاحب مرحوم جي باقي وڃي ياد رهي آهي، وري به جس هُجي ڊاڪٽر انور عالماڻي کي جنهن ٻه ٽي پروگرام ڪري مُنشي جو سمورو ڪلام وڊيو ڪيسٽن ۾ محفوظ ڪرايو آهي ۽ روشني پبليڪيشن وارن به مُنشي ابراهيم مرحوم جا ڪتاب ڇاپيا آهن.
    مُنشي صاحب جي سياسي ، سماجي خدمتون رڳو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ هيون جڏهن ته عراق تي آمريڪا ظالمانه ڪاهه ڪئي ته مُنشي صاحب ڀٽائي صاحب جو هي بيت: [/JUSTIFY]

    ادا ڙي ٻانڌي توکي ڪڙهان ڪه پاڻ کي ،
    سودي خبر سڄڻين تو ڪا تڙ آندي،
    تون پاتارين پانڌي، اسان پنڌ پرينِ ڏي​


    [JUSTIFY]ٻُڌايائين ته اسان سنڌ جي سُورن لاءِ سوچون ، ڪڙهون يا ٻي ڪنهن جي درد لاءِ هتي اسان لاءِ به ساڳي بغداد آهي ، مُنشي سچ چئي ويو ته[/JUSTIFY]

    ساڳي صورتحال سنڌ ۽ فلسطين جي
    “ٽانڊي کڻندي بورچي” بنيا جِيءُ جنجال
    وانگين تي وبال ٻنهين پارين پَريا​


    هر وقت مُنشي صاحب جي ساروڻي دل تي رهي ٿي ۽ لطيف سائين جو هي بيت هن سار جي عڪاسي ڪري ٿو :

    سامونڊي ساري مٿي تڙ گُذاريان
    مونکي ٿِي ماري انهيءَ سندي ڳالهڙي
    شاهه​


    [​IMG]
    مضمون نگار ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي سمون آف بُلڙي شاهه ڪريم

    ڪمپيوٽر : ڪمپوزنگ: نثاراحمد ناز
    31 جولائي 2011ع
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,791
    ورتل پسنديدگيون:
    27,192
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جو عظيم انقلابي شاعر مرحوم مُنشي محمد ابراهيم سومرو(ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي)

    هڪ مند چري آهي، ٻي جا رات ٺري آهي
    اهڙي ۾ اچڻ تنهنجو ڀاڳن جي ڀري آهي۔


    منشي ابراهيم سنڌ جو عاشق ، قومپرست ۽ ترقي پسند شاعر هو۔ هن سماج جي ڏاڍ جي خلاف هردور ۾ آواز اٿاريو۔ منشي ابراهيم جي شاعري سونهن ۽ سچ جو سنگم هئي۔ سندس جدوجهد ملي هئي، هن جيل ڀوڳيا سختيون سٺيون پر اصول ۽ سچائيء جو ساٿ نه ڇڏيو۔

    تمام سٺو ليک ۽ يادگار يادون منشي ابراهيم جون۔
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    743
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جو عظيم انقلابي شاعر مرحوم مُنشي محمد ابراهيم سومرو(ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي)

    مهرباني ادا محمد سليمان وساڻ جو توهان کي ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي سمون جو هي مقالو مهان شاعر مرحوم مُنشي ابراهيم کي ڀيٽا جي صورت ۾ وڻيو۔ لک لائق ادا۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو