پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ اڄ سنڌ جي کاهوڙي ۽ ارڏي شاعر مرحوم ابراهيم مُنشي جي اٺين ورسي آهي، اڄ 31 جولائي آهي جنهن ڏينهن اسان جي سنڌ ڌرتي جو ارڏو شاعر ابراهيم مُنشي اسان کان جدا ٿيو هو، اڄو ڪي ڏينهن سنڌي شاعريءَ جي حوالي سان قومي ۽ مزاحمتي شاعر مُنشي ابراهيم هميشهه هميشهه لاءِ اسان کان جُدا ٿيو هو، دوستو ان سلسلي ۾ڪالهه 30 جولائي 2011ع تي حيدرآباد سنڌ جي سنڌ ميوزم جي مشهور ۽ تاريخي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ٿِي. دوستو ڪافي ڪم ڪار هُئا صحت به هاڻي اجازت نٿي ڏي جو اڪيلي سر فوٽو گرافي ڪري سگهان ان ڪري جو اڄڪلهه سنڌ سلامت جو مين ڪئميرا مين ادا عبدالغفور سمون پنهنجي ذاتي مصروفيات سبب مونکي ٽائم ڏئي ڪونه پيو سگهي، پر مرحوم مُنشي ابراهيم جي هن ورسي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ منهنجو ٻه اهم ترين مجبوريون هيون نمبر پهرين ته ايڏي اهم ترين ورسي وري واري تقريب کي سنڌ سلامت کان محروم ڪريان ممڪن ڪونه هو ٻي نمبر وڏي مجبوري اها هُئي ته مُنشي ابراهيم جهڙي سنڌي کاهوڙي شاعر جو تعلق منهنجي شهر ٽنڊو محمد خان جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺڙي جنهاڻ سومري سان هو. سو اها ورسي واري تقريب مس ڪريان ته ان ڳالهه جي منهنجو ضمير اجازت نه پيو ڏي، خير مان تياري ڪري ماسات سڳوري کان دل نه چاهيندي حيدرآباد وڃڻ جو ڀاڙو ورتم ماسات سڳوري چوڻ لڳي ته مولائي اڄ 30 تاريخ آهي تو واري پينشن لالا مال خلاص ٿي ويئي آهي ، چيو مانس مولائڻ وڄائي ڇڏيئي اسان جي ان مسئلي تي ڇڪ ڇڪان لڳي پئي هُئي ته منهنجي وڏي پُٽ محمد علي چيو ته ابو ۽ امي ڪهڙي مسئلي تي بحث پيو هلي مان الائي ڇو پنهنجي خود داري جي ڪري پنهنجي پُٽ کان ڪڏهن به رقم ڪونه گهرندو آهيان ، سو جڏهن وڏو پُٽ آيو مان خاموش ٿي ڪمري کان ٻاهر نڪري ويس، ٿوري دير کان پوءِ آيس ته ماسات سڳوري مونکي چيو ته مولائي هي پنج سئو وڏي پُٽ ڏنا اٿئي وڃي ته وڃي سگهين ٿو مون کيس چيو ته مولائڻ پنج سئو مطلب ته گنج ٿِي ويا، پنهنجي ڪئميرا جا سيل جيڪي گُذريل ٻن ڏينهن کان چارجنگ تي لڳل هُئا انهن کي چيڪ ڪري پنهنجي ڪئميرا ۾ لڳايا ۽ مان حيدرآباد لا نڪري پيس، دوستو حيدرآباد جي رستي هڪ شهر کٿڙ ايندو آهي اتي پنهنجي ڪئميرا کي کولي ڏٺم ته ان ۾ ٻه جي بي واري ميموري ڪارڊ ڪونه لڳل هو اڙي ميموري ڪارڊ کان سوا انهي ورسي واري تقريب کي سنڌ سلامت واسطي ڇا ڪوريج ڪندس، کٿڙ کان پو شهر هوسڙي ايندو آهي سو هوسڙي جي پڪي تي لهي موبائل تي گهر فون ڪيم ته ڪارڊ ريڊر ۾ منهنجي ڪئميرا جو ميموري ڪارڊ لڳل آهي سو مان هوسڙي شهر جي پڪي تي ويٺو آهيان جلدي موڪليو، منهنجي ننڍي پُٽ فرحان علي کي چيم ان چيو ته ابو مان تقريبن مُني ڪلاڪ کان پو هوسڙي پهچي توهان کي ڪارڊ ڏيئي ٿو وڃان اتي پوليس چوڪي وارن سان گپ شپ لڳائيندو رهيس پوري مُني ڪلاڪ کانپو يعني رات جو ڏهين وڳي منهنجو پُٽ ميموري کڻي پهتو انهي بس ۾ جنهن ۾ منهنجو پُٽ آيو چڙهي ويٺس تقريبن اڌ ڪلاڪ کان پو سنڌ ميوزم جي ممتاز آڊيٽوريم حيدرآباد پهتس، ڪافي پروگرام هلي چُڪا هُئا اسٽيج تي مهان سنڌي شاعر محترم امداد حُسيني، مهان سنڌي شاعره سانئڻ زيب نظاماڻي ، سنڌي ليکڪ تاج جويو صاحب، مُنشي ابراهيم جو وڏو پُٽ عارف ابراهيم سومرو، کاهوڙي شخصيت پروفيسر قلندر بخش لڪياري، ڊائريڪٽر جنرل انفارميشن اعواڻ صاحب، تمام ڀلوڙ شاعر حافظ نظاماڻي صاحب، ۽ چند ٻيا به هُئا انهن جا نالا نٿا اچن اهي ويٺل هُئا سامهون ڊائيس تي مثبت سوچ رکندڙ مولانا ٻوهيو مُنشي ابراهيم جي شاعري ۽ شخصيت تي پنهنجو مقالو پڙهي رهيو هو، سامهون هال ڏانهن نظر ڊوڙايم ته سمورو هال خواتين ۽ حضرات سان کچا کچ ڀريو پيو هو، سامهون اسٽيج تي وزرات ثقافت ۽ مقامي ادبي ۽ سماجي تنظيمن پاران وڏو ورسي جي سلسلي ۾ پينا فلڪس واري ٽيڪنالاجي وارو خوبصورت بينر آوايزان هو، سامهون مهمانن ۾ ڪافي اهم ترين چهرا ڄاڻو ۽ اڻ سُڃاڻو چهرا موجود هُئا، ڄاڻو چهرن ۾ سنڌ جو کاهوڙي ۽ جاکوڙي اڳواڻ ڊاڪٽر دودو مهيري، شو بز سان تعلق رکندڙ اسرار لغاري، پير بخش جماري، جاتي کان آيل اسان جو شاعر دوست ذاڪر کٽي، ميڊم تهذيب ۽ هڪ سفيد ڪپڙن ۾ ملبوس نظر جو چشمو لڳائي محترما ويٺي هُئي پنهنجي ذهن تي زور ڏنم ته هن محترما کي مون ڪٿي ڏٺو آهي پر الائي ڪٿي ڏٺو آهي مان سنڌ سلامت لا فوٽو گرافي ڪندو رهيس اوچتو مونکي ان محترما جي باري ۾ ياد آيو ته هي ته اسان جي فيس بُڪ تي سنڌ جي شاعري ۽ مضمون نگاري جي حوالي سان سڄاڻ شخصيت محترما گُلشن لغاري آهي پر پڪ ڪانه هُئم ڇو ته مان سندس تصوير صرف فيس بُڪ تي ڏٺي هُئي فوٽو گرافي خاص ڪري ڪنهن به ادبي يا سماجي تقريب ۾ جيڪڏهن ڪئي ويندي آهي ته عام ماڻهو کان وٺي اديب به اهو سمجهندا آهن ته منهنجو تعلق ڪنهن اليڪٽرانڪ ميڊيا يا ڪنهن اخبار سان آهي ، سو جڏهن ميڊم گُلشن لغاري واري قطار مان گُذريس تان دل جهلي ميڊم گُلشن لغاري کان پُڇي ويٺس ته ايڪسيوز مي توهان فيس بُڪ تي فعال ڪردار ادا ڪندڙ گُلشن لغاري آهيو، کلي چوڻ لڳي ها پر توهان ڪير آهيو، ڪنهن اخبار سان تعلق آهي توهان جو مون جواب ڏنو ته ميڊم مان نثارناز آهيان سنڌ سلامت جو معمولي رڪن۔ خير هاڻي پيش آهن ان ورسي واري تقريب جو تصويري اکين ڏٺو احوال۔ سنڌ جي انقلابي شاعر مرحوم مُنشي ابراهيم کي ڀيٽا ڏيڻ واسطي تمام خوبصورت بينر آويزان هو اسٽيج تي ويٺل سنڌ جون نامياريون شخصيتون هال جي ٻنهي کاٻي ۽ ساڄي پاسي سموريون ڪرسيون مهمانن سان کچا کچ ڀريل هيون، انهن ۾ سنڌي نارين جي شرڪت به يقيني هُئي قومي شاعر مُنشي ابراهيم مرحوم جو وڏو پُٽ عارف ابراهيم سومرو سنڌي ٻولي، سنڌي شاعري ، جي حوالي سان ۽ فيس بُڪ جي حوالي سان پاڻ مڃائيندڙ سنڌي شخصيت محترما گُلشن لغاري جا مختلف انداز
جواب: سنڌ جي انقلابي شاعر مُنشي ابراهيم جي ورسي ملهائي وئي دوستو ڪجهه وڌيڪ تصويرون انقلابي شاعر مرحوم مُنشي ابراهيم جي هڪ انتهائي ناياب تصوير جيڪا اسٽيج تي آويزان هُئي ان تصوير کي سنڌ سلامت جي ڪئميرا جي اک ۾ هميشهه هميشهه لا محفوظ ڪري سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جو هڪ لاجواب حصو بنائي ڇڏيم سنڌ مشهور شاعر امداد حُسيني ۽ سنڌ مشهور شاعره سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه خوشگوار موڊ ۾ مُرڪون ۽ مسڪراهٽون ڪو سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه کان سکي سنڌ مشهور شاعر سائين حافظ نظاماڻي، محترم امداد حُسيني، محترم قمر راڄپر، سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه ، سانئڻ گُلشن لغاري صاحبه جون سنڌ سلامت جي اڱڻ واسطي خصوصي تصويرون سنڌ سلامت جي ڪئميرا جي اک محفوظ ڪري ورتيون