• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي انقلابي شاعر مُنشي ابراهيم جي ورسي ملهائي وئي

نثارناز

سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ اڄ سنڌ جي کاهوڙي ۽ ارڏي شاعر مرحوم ابراهيم مُنشي جي اٺين ورسي آهي، اڄ 31 جولائي آهي جنهن ڏينهن اسان جي سنڌ ڌرتي جو ارڏو شاعر ابراهيم مُنشي اسان کان جدا ٿيو هو، اڄو ڪي ڏينهن سنڌي شاعريءَ جي حوالي سان قومي ۽ مزاحمتي شاعر مُنشي ابراهيم هميشهه هميشهه لاءِ اسان کان جُدا ٿيو هو، دوستو ان سلسلي ۾ڪالهه 30 جولائي 2011ع تي حيدرآباد سنڌ جي سنڌ ميوزم جي مشهور ۽ تاريخي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ٿِي. دوستو ڪافي ڪم ڪار هُئا صحت به هاڻي اجازت نٿي ڏي جو اڪيلي سر فوٽو گرافي ڪري سگهان ان ڪري جو اڄڪلهه سنڌ سلامت جو مين ڪئميرا مين ادا عبدالغفور سمون پنهنجي ذاتي مصروفيات سبب مونکي ٽائم ڏئي ڪونه پيو سگهي، پر مرحوم مُنشي ابراهيم جي هن ورسي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ منهنجو ٻه اهم ترين مجبوريون هيون نمبر پهرين ته ايڏي اهم ترين ورسي وري واري تقريب کي سنڌ سلامت کان محروم ڪريان ممڪن ڪونه هو ٻي نمبر وڏي مجبوري اها هُئي ته مُنشي ابراهيم جهڙي سنڌي کاهوڙي شاعر جو تعلق منهنجي شهر ٽنڊو محمد خان جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺڙي جنهاڻ سومري سان هو. سو اها ورسي واري تقريب مس ڪريان ته ان ڳالهه جي منهنجو ضمير اجازت نه پيو ڏي، خير مان تياري ڪري ماسات سڳوري کان دل نه چاهيندي حيدرآباد وڃڻ جو ڀاڙو ورتم ماسات سڳوري چوڻ لڳي ته مولائي اڄ 30 تاريخ آهي تو واري پينشن لالا مال خلاص ٿي ويئي آهي ، چيو مانس مولائڻ وڄائي ڇڏيئي اسان جي ان مسئلي تي ڇڪ ڇڪان لڳي پئي هُئي ته منهنجي وڏي پُٽ محمد علي چيو ته ابو ۽ امي ڪهڙي مسئلي تي بحث پيو هلي مان الائي ڇو پنهنجي خود داري جي ڪري پنهنجي پُٽ کان ڪڏهن به رقم ڪونه گهرندو آهيان ، سو جڏهن وڏو پُٽ آيو مان خاموش ٿي ڪمري کان ٻاهر نڪري ويس، ٿوري دير کان پوءِ آيس ته ماسات سڳوري مونکي چيو ته مولائي هي پنج سئو وڏي پُٽ ڏنا اٿئي وڃي ته وڃي سگهين ٿو مون کيس چيو ته مولائڻ پنج سئو مطلب ته گنج ٿِي ويا، پنهنجي ڪئميرا جا سيل جيڪي گُذريل ٻن ڏينهن کان چارجنگ تي لڳل هُئا انهن کي چيڪ ڪري پنهنجي ڪئميرا ۾ لڳايا ۽ مان حيدرآباد لا نڪري پيس، دوستو حيدرآباد جي رستي هڪ شهر کٿڙ ايندو آهي اتي پنهنجي ڪئميرا کي کولي ڏٺم ته ان ۾ ٻه جي بي واري ميموري ڪارڊ ڪونه لڳل هو اڙي ميموري ڪارڊ کان سوا انهي ورسي واري تقريب کي سنڌ سلامت واسطي ڇا ڪوريج ڪندس، کٿڙ کان پو شهر هوسڙي ايندو آهي سو هوسڙي جي پڪي تي لهي موبائل تي گهر فون ڪيم ته ڪارڊ ريڊر ۾ منهنجي ڪئميرا جو ميموري ڪارڊ لڳل آهي سو مان هوسڙي شهر جي پڪي تي ويٺو آهيان جلدي موڪليو، منهنجي ننڍي پُٽ فرحان علي کي چيم ان چيو ته ابو مان تقريبن مُني ڪلاڪ کان پو هوسڙي پهچي توهان کي ڪارڊ ڏيئي ٿو وڃان اتي پوليس چوڪي وارن سان گپ شپ لڳائيندو رهيس پوري مُني ڪلاڪ کانپو يعني رات جو ڏهين وڳي منهنجو پُٽ ميموري کڻي پهتو انهي بس ۾ جنهن ۾ منهنجو پُٽ آيو چڙهي ويٺس تقريبن اڌ ڪلاڪ کان پو سنڌ ميوزم جي ممتاز آڊيٽوريم حيدرآباد پهتس، ڪافي پروگرام هلي چُڪا هُئا اسٽيج تي مهان سنڌي شاعر محترم امداد حُسيني، مهان سنڌي شاعره سانئڻ زيب نظاماڻي ، سنڌي ليکڪ تاج جويو صاحب، مُنشي ابراهيم جو وڏو پُٽ عارف ابراهيم سومرو، کاهوڙي شخصيت پروفيسر قلندر بخش لڪياري، ڊائريڪٽر جنرل انفارميشن اعواڻ صاحب، تمام ڀلوڙ شاعر حافظ نظاماڻي صاحب، ۽ چند ٻيا به هُئا انهن جا نالا نٿا اچن اهي ويٺل هُئا سامهون ڊائيس تي مثبت سوچ رکندڙ مولانا ٻوهيو مُنشي ابراهيم جي شاعري ۽ شخصيت تي پنهنجو مقالو پڙهي رهيو هو، سامهون هال ڏانهن نظر ڊوڙايم ته سمورو هال خواتين ۽ حضرات سان کچا کچ ڀريو پيو هو، سامهون اسٽيج تي وزرات ثقافت ۽ مقامي ادبي ۽ سماجي تنظيمن پاران وڏو ورسي جي سلسلي ۾ پينا فلڪس واري ٽيڪنالاجي وارو خوبصورت بينر آوايزان هو، سامهون مهمانن ۾ ڪافي اهم ترين چهرا ڄاڻو ۽ اڻ سُڃاڻو چهرا موجود هُئا، ڄاڻو چهرن ۾ سنڌ جو کاهوڙي ۽ جاکوڙي اڳواڻ ڊاڪٽر دودو مهيري، شو بز سان تعلق رکندڙ اسرار لغاري، پير بخش جماري، جاتي کان آيل اسان جو شاعر دوست ذاڪر کٽي، ميڊم تهذيب ۽ هڪ سفيد ڪپڙن ۾ ملبوس نظر جو چشمو لڳائي محترما ويٺي هُئي پنهنجي ذهن تي زور ڏنم ته هن محترما کي مون ڪٿي ڏٺو آهي پر الائي ڪٿي ڏٺو آهي مان سنڌ سلامت لا فوٽو گرافي ڪندو رهيس اوچتو مونکي ان محترما جي باري ۾ ياد آيو ته هي ته اسان جي فيس بُڪ تي سنڌ جي شاعري ۽ مضمون نگاري جي حوالي سان سڄاڻ شخصيت محترما گُلشن لغاري آهي پر پڪ ڪانه هُئم ڇو ته مان سندس تصوير صرف فيس بُڪ تي ڏٺي هُئي فوٽو گرافي خاص ڪري ڪنهن به ادبي يا سماجي تقريب ۾ جيڪڏهن ڪئي ويندي آهي ته عام ماڻهو کان وٺي اديب به اهو سمجهندا آهن ته منهنجو تعلق ڪنهن اليڪٽرانڪ ميڊيا يا ڪنهن اخبار سان آهي ، سو جڏهن ميڊم گُلشن لغاري واري قطار مان گُذريس تان دل جهلي ميڊم گُلشن لغاري کان پُڇي ويٺس ته ايڪسيوز مي توهان فيس بُڪ تي فعال ڪردار ادا ڪندڙ گُلشن لغاري آهيو، کلي چوڻ لڳي ها پر توهان ڪير آهيو، ڪنهن اخبار سان تعلق آهي توهان جو مون جواب ڏنو ته ميڊم مان نثارناز آهيان سنڌ سلامت جو معمولي رڪن۔ خير هاڻي پيش آهن ان ورسي واري تقريب جو تصويري اکين ڏٺو احوال۔

215123_10150279012378216_794048215_7651975_5376200_n.jpg

سنڌ جي انقلابي شاعر مرحوم مُنشي ابراهيم کي ڀيٽا ڏيڻ واسطي تمام خوبصورت بينر آويزان هو

270174_10150279030543216_794048215_7652293_871808_n.jpg


223683_10150279030058216_794048215_7652280_5722270_n.jpg

اسٽيج تي ويٺل سنڌ جون نامياريون شخصيتون

282028_10150279017343216_794048215_7652038_1977906_n.jpg


270056_10150279050833216_794048215_7652602_2095757_n.jpg

هال جي ٻنهي کاٻي ۽ ساڄي پاسي سموريون ڪرسيون مهمانن سان کچا کچ ڀريل هيون، انهن ۾ سنڌي نارين جي شرڪت به يقيني هُئي

268786_10150279046003216_794048215_7652525_545952_n.jpg

قومي شاعر مُنشي ابراهيم مرحوم جو وڏو پُٽ عارف ابراهيم سومرو

262431_10150279067593216_794048215_7652806_5252827_n.jpg


250376_10150279065868216_794048215_7652764_1177830_n.jpg


262426_10150279065168216_794048215_7652747_724876_n.jpg

سنڌي ٻولي، سنڌي شاعري ، جي حوالي سان ۽ فيس بُڪ جي حوالي سان پاڻ مڃائيندڙ سنڌي شخصيت محترما گُلشن لغاري جا مختلف انداز
 
جواب: سنڌ جي انقلابي شاعر مُنشي ابراهيم جي ورسي ملهائي وئي

دوستو ڪجهه وڌيڪ تصويرون
262854_10150279007493216_794048215_7651944_7972229_n.jpg

انقلابي شاعر مرحوم مُنشي ابراهيم جي هڪ انتهائي ناياب تصوير جيڪا اسٽيج تي آويزان هُئي ان تصوير کي سنڌ سلامت جي ڪئميرا جي اک ۾ هميشهه هميشهه لا محفوظ ڪري سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جو هڪ لاجواب حصو بنائي ڇڏيم

223815_10150279011448216_794048215_7651968_1708892_n.jpg

سنڌ مشهور شاعر امداد حُسيني ۽ سنڌ مشهور شاعره سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه خوشگوار موڊ ۾

262576_10150279044638216_794048215_7652509_6359477_n.jpg


224506_10150279056733216_794048215_7652672_6414475_n.jpg

مُرڪون ۽ مسڪراهٽون ڪو سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه کان سکي

283806_10150279068473216_794048215_7652827_674670_n.jpg


283911_10150279067468216_794048215_7652803_7284759_n.jpg


185365_10150279068698216_794048215_7652832_4517807_n.jpg


267311_10150279069273216_794048215_7652845_6172225_n.jpg


249271_10150279068963216_794048215_7652838_587217_n.jpg


188345_10150279069558216_794048215_7652848_8192578_n.jpg

سنڌ مشهور شاعر سائين حافظ نظاماڻي، محترم امداد حُسيني، محترم قمر راڄپر، سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه ، سانئڻ گُلشن لغاري صاحبه جون سنڌ سلامت جي اڱڻ واسطي خصوصي تصويرون سنڌ سلامت جي ڪئميرا جي اک محفوظ ڪري ورتيون​
 
Back
Top