• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪليٽ۔۔۔۔ سنڌي ڪمپيوٽنگ ڏانهن هڪ وڌيڪ قدم

جواب: سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪليٽ۔۔۔۔ سنڌي ڪمپيوٽنگ ڏانهن هڪ وڌيڪ قدم

درويش جي مهرباني ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

بلڪل آساني ٿي وئي آهي هن وڊيو کانپوء۔ اميد ته دوست هن مارڪليٽ کي وڌ ۾ وڌ سنڌي دوستن تائين پهچاين ته جيئن سنڌي لکڻ عام ٿئي ۽ رومن ۾ سنڌي لکڻ واري رويت ڪجهه گهٽ ٿئي۔
 
جواب: سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪليٽ۔۔۔۔ سنڌي ڪمپيوٽنگ ڏانهن هڪ وڌيڪ قدم

هاڻي ايم بي سنڌي انسٽال ڪرڻ جي ڪا ضرورت نه آهي
 
ifsy2o.jpg

سنڌ سلامت جا ساٿيو اسلام عليڪم ...
واعدي مطابق اڄ توهان اڳيان سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪ مارڪليٽ رليز ڪجي ٿو... هن بڪ مارڪليٽ جي ذريعي ڪنهن به ويب پيج جي ڪهڙي به ٽيڪسٽ ايريا کي سنڌي ايڊيٽر ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو... جنهن کان پوءِ اتي سنڌي لکڻ تمام آساني سان ممڪن ٿي سگهي ٿي... منهنجي هي ڪاميابي سمورن سنڌين لاءِ رمضان جو تحفو آهي جيڪي سنڌ سلامت کانسواءِ فيس بوڪ ۽ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ٻولي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ مسلسل جستجو ۾ رڌل آهن ... ان کانسواءِ پنهنجي هي ڪاميابي آءٌ محترم سليمان وساڻ جي نانءَ ڪريان ٿو جنهن هميشه منهنجي همت افزائي ڪئي آهي.. بار بار ملاقاتن ۽ ڪالز ذريعي سنڌي ٻولي لاءِ ڪم ڪرڻ تي زور ڏيندڙ ۽ همٿائيندڙ هي دوست ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ سلامت انتظاميه کان ناراض رهيو آهي ... پر کيس ترت ان ڳالهه جو احساس به ٿي ويو ته ڪاوڙجي الڳ ٿيڻ بجاءِ پنهنجي اصلاحي تنقيد ۽ مشورن ذريعي ئي سنڌ سلامت جي فورم تي معيار بهتر بڻائي سگهجي ٿو...

سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪلٽ جي استعمال لاءِ هدايتون هتي ڪلڪ ڪري معلوم ڪري سگهجن ٿيون..

هاڻي جڏهن تقريبن سمورن آپريٽنگ سسٽم تي سنڌي جي مڪمل سپورٽ موجود آهي ... خاص طور ونڊوز 7 ۾ سنڌي انسٽال ڪرڻ اڳي کان تمام سولي آهي ... ان طرح مختلف سافٽويئرس ۾ سنڌي لکڻ به آسان ٿي ويو آهي.. پر ان باوجود اڪثر دوستن سان اهڙي صورتحال پيش ايندي جو هو اهڙي پنهنجي آفيسن ۾ اهڙي ڪمپيوٽر تي ڪم ڪري رهيا هوندا آهن جن ۾ ڪو سافٽويئر انسٽال ڪرڻ لاءِ رڪاوٽون رکيل هونديون آهن .. يا وري سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جن جي پروگرام جي انسٽاليشن سولي هجڻ باوجود دوست انکي انسٽال نه ڪري سگهندا... اهڙي صورتحال جو حل سنڌ سلامت ايڊيٽر آهي...
سنڌ سلامت ايڊيٽر جو خيال گوگل جي ٽرانسليٽريشن بوڪمارڪلٽ تان ذهن ۾ آيو .. ۽ ان کي استعمال ڪرڻ به لڳ ڀڳ ائين ئي آهي... گوگل جي ٽرانسلٽريشن پروجيڪٽ تي به ڪم جاري آهي ۽ انشاء الله تعالي جلد ان پروجيڪٽ کي به مڪمل ڪيو ويندو.. جنهن کان پوءِ رومن سنڌي کي سنڌي اسڪرپٽ ۾ تبديل ڪرڻ پڻ آسان بڻجي ويندو..

مختلف برائوزرس تي سنڌ سلامت ايڊيٽر کي فعال ڪرڻ جو طريقو ادا عمران درويش طرفان وڊيو ۾ واضح ۽ سولي طريقي سان سمجهايو ويو آهي..​


سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪلٽ ذريعي مون فيس بوڪ وال ۽ فيس بوڪ چيٽ تي چيڪ ڪري ڏٺو ته هن کي بهترين ڪم ڪندي ڏٺم...
r2rj9c.png
2q096dv.png



سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪلٽ جي ذريعي جي ميل تي ايم بي سنڌي فونٽ سان ميل ڪرڻ..

جي ميل ۽ ٻين ويب ميل سروسز ۾ وزي وگ ايڊيٽر ذريعي ميل ڪئي ويندي آهي.. ان ۾ ايم بي سنڌي ويب جي ذريعي ميل ڪرڻ جو طريقو اهو آهي ته پهريان اي ميل جي متن کي مائڪروسافٽ ورڊ ۾ لکي جتي ان تي ساڄي کان کاٻي ۽ فونٽ به اپلائي ڪري سگهجي ٿو جيئن تصوير ۾ ڏيکاريو ويو آهي
2yo4chx.gif

ان کانپوءِ ان متن جي ڪاپي ڪري جي ميل ۾ پيسٽ ڪجي ته ان جي فارميٽنگ ۽ ساڄي طرف جي سيٽنگ برقرار رهندي آهي... اصل ۾ جي ميل ۾ هڪ فيچر اڳ کان تيار ڪيل ڊرافٽ (canned responses) اڳ ئي موجود هوندو آهي جنهن جي سيٽنگ کي فعال ڪرڻ لاءِ Labs تي وڃي تصوير مطابق سيٽنگ ڪريو...

mail02.gif




ان کي استعمال جو اهو آهي ته پهريان کان تيار ڪيل متن جي ميل ۾ ڊرافٽ طور محفوظ ڪري رکجي پوءِ ان ۾ سنڌ سلامت ايڊيٽر ذريعي ضروري تبديلي ڪجي ... ان طرح سان اهي دوست جيڪي سنڌي فونٽس سان گڏ سنڌي ۾ ڪنهن دوست ڏانهن ميل ڪرڻ چاهين ٿا... موڪلي سگهن ٿا... جيڪڏهن توهان جي ميل وصول ڪندڙ دوست وٽ سنڌي فونٽ موجود هوندو ته توهان جي ميل ان کي بلڪل درست ۽ سنڌي فونٽس سان ملندي... اها ساڳي ٽيڪنيڪ جي ميل کان سواءِ ٻين ميل سروسز ۾ به استعمال ڪري سگهجي ٿي...

بلاگر ڊاٽ ڪام جي بلاگز تي سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪليٽ جو استعمال

انٽرنيٽ تي هاڻي سنڌي بلاگز جي کوٽ پوري ٿي رهي آهي ۽ ڪافي دوست ذاتي يا اجتمائي بلاگ جوڙي رهيا آهن ... توهان ڏٺو هوندو ته اهڙن بلاگز تي ڪمينٽس ڏيڻ لاءِ مختلف ٽيڪسٽ ايرياز موجود هونديون آهن ... سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪلٽ کي استعمال ڪندي هاڻي توهان آساني سان اهڙن بلاگز تي پنهنجا رايا موڪلي سگهو ٿا....

برائوزر ڪمپيٽبليٽي

سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪلٽ اوپيرا برائوزر کان سواءِ باقي سمورن برائوزرس جهڙوڪ انٽرنيٽ ايڪسپلورر، فائر فاڪس، گوگل ڪروم ۽ سفاري تي ڪم ڪري رهيو آهي.. مون هن کي انهن برائوزر تي آزمائڻ کان سواءِ ٻين آپريٽنگ سسٽم جهڙوڪ لينڪس ۽ ميڪنٽاش تي به چيڪ ڪرايو آهي جتي اهو ڪاميابي سان استعمال ۾ آيو..


دوستو سنڌ سلامت ايڊيٽر جي تياري ۾ مون مٿي عرض ڪيو ته سنڌ سلامت بوڪمارڪلٽ جو خيال مون کي گوگل ٽرانسليٽيريشن مان ئي ذهن ۾ آيو هو .. ۽ ان سلسلي مون هيٺين ٻن اوپن سورس پروجيڪٽس مان مدد وٺڻ کان سواءِ محترم عبدالماجد ڀرڳڙي جي ويب ڪيبورڊ مان پڻ مدد ورتي..

JavaScript Graphical / Virtual Keyboard Interface
Javascript Virtual Keyboard

سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪليٽ کي اڪثر مان گوگل سرچ ۾ استعمال ڪندو آهيان ۽ اهو عمل مون کي ان لاءِ پسند ايندو آهي جو نتيجا سامهون اچڻ تي ڪافي بهترين ۽ فائدي واريون سائيٽون نظر مان گذرڻ ٿينديون آهن... هوئن به پهريان جي مقابلي ۾ هاڻي انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي تي ڪم ڪندڙ جو اضافو ٿي رهيو آهي ۽ کوڙ سارا لفظ ڳولا ۾ ميچ ٿي رهيا هوندا آهن...
دوستو سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪ مارڪليٽ جي باري ۾ توهان جي راءِ جو شدت سان انتظار رهندو ته جيئن ان کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي... مان توهان جي تبصرن جو منتظر رهندس...

والسلام
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
سائين رشيد سنڌ سلامت ايڊيٽر ڪم نه تو ڪري”؟
پليز درست ڪندا
 
ادا رشيد صاحب توهان جا لک قرب ۽ نوازشون جو توهان ڏينهن رات هڪ ڪري سنڌي ٻولي جي خدمت ڪري رهيا آهيو، ۽ هن فورم رستي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويٺل سنڌين کي سنڌي ٻولي بابت صحولتون مهيا ڪري ڏئي رهيا آهيو، ۽ توهان جي باقي سابقه محنت سان گڏ هي محنت به لاجواب آهي، جنهن جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي، ادا توهان هي جيڪو ڪم ڪري رهيا آهيو اهيو ڪم ڪرڻ ته سنڌ جي سنڌي ٻولي جي وڏن ادارن کي گهرجي هان جن کي سنڌي ٻولي جي ترقي لاء سالانه ڪروڙين رپيا بجيٽ ملندي رهندي آهي، مگر اهو ڪم توهان سرانجام ڏئي رهيا آهيو، ( جنهن ماڻهون کي سرڪار طرفان سنڌي ٻولي جي خدمت لاء ڪي به فنڊ حاصل نه آهن)۔۔۔۔ ادا اسان سڀني سنڌين کي توهان تي ان ڪم ڪرڻ جي ڪري فخر آهي، دعا آهي ته رب پاڪ توهان لاء ڪم ڪرڻ ۾ آسانيون پيدا ڪري ۽ بهتر مان بهتر ڪم ڪرڻ جا رستا کولي ڏئي آمــــــــــــــــــــــــــين۔
 
Back
Top