4ڊسمبر ٿَقافتي ڏهاڙو، 5 ڊسمبر ايڪتا ڏهاڙو6 ڊسمبر ٽوپي اجرڪ ڏهاڙو

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏2 آگسٽ 2011۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    4ڊسمبر ٿَقافتي ڏهاڙو، 5 ڊسمبر ايڪتا ڏهاڙو6 ڊسمبر ٽوپي اجرڪ ڏهاڙو

    سنڌي سڄڻئو توهان جا سياسي نظريا ڇا به هُجن،توهانجي ذات پات، مذهب، رنگ، نسل ڇا به کڻي هُجي،جي توهان سنڌ ڌرتي ڄاوا آهيو ۽ غيرت مند سنڌي سڏايو ٿا ته غيرتمند سنڌي ٿي ميدانن تي لهو۽ سنڌ جي هر ننڍي وڏي مُفادن جو ملي ڪري تحفظ ڪريو ياد ڌياني لا هر سال پهرين ڊسمبر کان 31 ڊسمبر تائين پورو مهنو ۾”سنڌ ڪارڊ“ ملهائي اتحاد جو اظهار ڪريو . توهاجا ديش لا بڻيل سڀ رنگ به رنگي جهنڊا گڏ هُجن 4 ڊسمبر”ٿَقافتي ڏهاڙي تي“ 5 ڊسمبر”ايڪتا ڏهاڙي تي” ۽ 6 ڊسمبر”ٽوپي اجرڪ ڏهاڙي تي. هي ٽي ڏهاڙا پنهنجي سنڌي ڪلچر، تهذيب ۽ تمدن جا عيد ڏهاڙا آهن۔ پو ڇا توهانجون تياريون شوروع آهن؟ ، نه ته اڄ کان ئي دُنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾تياريون وٺو، پروگرام ترتيب ڏيو. هر طبقي لاِ ، پوڙهي پڪي امير غريب ڪوجهي سڄي سنهجي لا، ٻارڙن، عورتن لا ، گهر گهر، در در، گهٽي گهٽي، بازار شاهراه، اوڀاقن، وٿاڻن، ٻنين ٻارن، اسڪولن، مدرسن ۾۔ ليکڪ، اُستاد يا تاريخدان آهيو ته لکو ۽ ڪلچر سمجايو، پنهنجي سنڌي چئنلن تي هر پروگرام، ڊاڪومينٽري، خبر، ڊرامان، راڳ رنگ ۽ ڀوڳ جي محفلن تي ٿقافت رنگ ڇانيل هُجي۔
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: 4ڊسمبر ٿَقافتي ڏهاڙو، 5 ڊسمبر ايڪتا ڏهاڙو6 ڊسمبر ٽوپي اجرڪ ڏهاڙو

    ادا عبد الرزاق اسين سنڌي ماڻهون پري جو تمام گهٽ سوچيندا آهيون ۔۔۔ اوهان هي جيڪي تاريخون لکيون آهن، ان مطلق مون اڳ هڪ ليک لکيو هو ته هي تاريخون ٻه ٽي يا چار سال لاڳيتيون محرم مهيني جي شروع واري ڏهاڪي ۾ اينديون ۽ محرم مهنيو سنڌ ۾ خاص ڪري امامن جو مهينو ڪري ملهائبو آهي، انڪري انهن ڏهاڙن لا ڪي سنڌي تاريخون مقرر ڪجن ۔۔۔؟؟؟ پر الائجي ڇو اسانجا سنڌي مستقبل جي فڪر کان وانجهيل هوندا آهن ۽ حش ۾ خوش ٿيندا آهن ۔۔۔ منهنجي ان ليک تي ڪنهن ڌيان ئي نه ڌريو ۔۔۔

    الله مالڪ آهي ۔۔۔ ڏسجي ته هي حش ۾ خوش قوم ڪهڙا ٿي گل پوکي ۔۔۔؟؟؟

    اوهانجي صلاح اکين تي ۔۔۔
     
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جواب: 4ڊسمبر ٿَقافتي ڏهاڙو، 5 ڊسمبر ايڪتا ڏهاڙو6 ڊسمبر ٽوپي اجرڪ ڏهاڙو

    سائين توهانجي صلاح به اکين تي جيئن قوم اجتمائي سوچي، مقصد ۽ متا قوم بيداري جا هُجن، تاريخن جي اڳيان پويان هُئڻ سان قوم بيداري ته اثر نه پوندو ڊسمبر نه ته جنوري يا ٻيو ڪو به مهنو پر هي ڏينهڙا هر سال ملهائڻ کپن۔ پهريون ڏهاڙو آ (يا هفتو)ثقافتي جنهن ۾ هر ڪو سنڌي هُنر مند پنهنجي ثقافت جا نشان گڏ ڪري قوم اڳيان وائکو ڪري اسڪولن ۾ يا ميدانن ۾ ضرورت مندن جي گهُرجون پوريون ٿينديون ، غريبن کي پنهنجي هُنر جو اجُر ملندو، شوقينن لا خوشي جي بهار ايندي ۽ ذهني نشو نما ٿيندي، ٻيو ڏهاڙو (يا هفتو) هُجي ايڪتا جو جنهن ۾ قوم جو هر فرد ڪهڙي به نءريعي، عقيدي مذهب جو هُجي هڪ پليٽ فارم تي اچي ايڪتا جو مُظاهرو ڪري ۽ ٽيون ۽ آخري هفتو هوندو ٽوپي اجرڪ ، وڏي سلوار ڀرتن، گجن، گُلن وارن جُتين، لونگين ۽ پٽڪي جو ۽ سنڌ ته ڇا پر پوري دُنيا جا سنڌي پهرئين هفتي جا خريد ڪيل ثقافتي هُنر پائي ، اوڙهي ، وڇائي دُنيا کي رنگي به رنگي ڪري مهڪائيندا۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: 4ڊسمبر ٿَقافتي ڏهاڙو، 5 ڊسمبر ايڪتا ڏهاڙو6 ڊسمبر ٽوپي اجرڪ ڏهاڙو

    بهترين صلاحون آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    هنن ئي ڏينهن ۾ اسان کي پنهنجي ثقافتي ڊريس ۽ ٻين ثقافتي شين جو خوب نماء ڪري دنيا کي اهو محسوس ڪراڍجي ته اسان ثقافتي طور ڪيترا امير آهيون۔ اسان جي ڊريس خوبصورت هجڻ سان گڏ گهڻي ديده زيب ۽ رنگين آهي۔

    اوهان جي صلاح اکين تي۔ انهن ڏينهن ۾ هميشه وانگر سڀني سنڌين سان گڏ هونداسين۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: 4ڊسمبر ٿَقافتي ڏهاڙو، 5 ڊسمبر ايڪتا ڏهاڙو6 ڊسمبر ٽوپي اجرڪ ڏهاڙو

    بهترين صلاحون آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    هنن ئي ڏينهن ۾ اسان کي پنهنجي ثقافتي ڊريس ۽ ٻين ثقافتي شين جو خوب نماء ڪري دنيا کي اهو محسوس ڪراڍجي ته اسان ثقافتي طور ڪيترا امير آهيون۔ اسان جي ڊريس خوبصورت هجڻ سان گڏ گهڻي ديده زيب ۽ رنگين آهي۔

    اوهان جي صلاح اکين تي۔ انهن ڏينهن ۾ هميشه وانگر سڀني سنڌين سان گڏ هونداسين۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو