سُور

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مگسي
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مگسي

سينيئر رڪن
”سُور“​

پيارا ساٿيو!موضوعاتي شاعريء ۾ هڪ وڌيڪ عنوان تي موضوع پيش ڪريان پيو۔
اميد ته وڌ کان وڌ حصو وٺندئو ۽ پسند ڪندئو۔
هن موضوع ۾ شاعريء جو عنوان آهي ”سُور“ اوهان ”سُور“ بابت پنهنجي شاعري ۽ سنڌي ڪتابن،رسالن ۽ اخبارن وغيره کان چونڊ شاعري موڪلي سگهو ٿا۔
شرط هيء آهي ته شاعري سنڌيء ۾ هجي ۽ ٿي سگهي ته شعر جي هيٺان شاعر جو نالو لکڻ جي ضرور ڪوشش ڪجو۔

سنڌ سلامت----ساٿ سلامت
 
سائين اچيو ٿو پهريون شعر......

زهر جنين جي زندگي
ڏک تنين تو ڏيج
سي سمهن ڪيئن سيج،
جن جي سنگت آ سورن سان
( نامعلوم)
 
سور پٽيندي صديون گذريون

سور پٽيندي صديون گذريون، پوءِ به لٿا نه پور،
ماروئڙا مجبور منهنجا سنڌيئڙا مجبور۔
 
Back
Top