(انا پرستي،خودنمائي،شوشيبازي ۽ ٻٽاڪي) ازل کن وڪڙيل بيمارين مان جان ڇڏايو

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏4 آگسٽ 2011۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اي سنڌي باشعور ۽ غيرتمند سڏائيندڙ سپُوتو! هوش ۾ اچو، گهر جا پاڻ ڀيدي نه ٿيو، گهر جا مسئلا ۽ قصا ٻاهرين سان ملي نبيرڻ ڇڏيو، ذاتي انا پرستي، خود نمائي جي ازل کان وڪوڙيل بيمريءَ مان نجات وٺو ڌارين کان مليل خوشفهميون، ذاتي اختلافن ڪري ڌارين جي پُڇن ۾ لٽڪڻ ڇڏيو ۽ پاڻ ۾ ئي ڪس ڪثر کائي هڪ ئي پليٽ فارم تي مُتحد ٿي وڃو ان ۾ ئي توهان ۽ توهان جي سُنڌو ديش جي بقا ۽ ڀلائي آهي. تاريخ مان سکي سبق حاصل ڪريو، مير صادق ۽ مير جعفر جي ڪردارن کي نه دُهرايو ياد رکو ڪو به ڌاريون توهانکي اقتدار ۾ رکڻ سوا پنهنجي فائدي جي نه چاهيندو، ڪتاب، ميڊيا، اخبارون شهرن ۽ ڳوٺن جون حالتون ڏسي سکو سڀ سنڌ دُشمن هڪ ئي آهن ۽ صرف توهانجا ۽ توهانجا اجتماعي دُشمن ڪڏنهن سياست جي نالي تي، ڪڏنهن مذهب جي نالي تي، ڪڏنهن قوميت جي نالي تي ۽ جي ڇڙ وڃڙ آهيو ته صرف توهان، جنهن جي ڪري توهان نه ادارن ۾ آهيو نه اقتدار ۾ هوندي به اقتدار ۾ سڀ وسيلا نوڪريون ۽ ٻيو ڪُجه ڌارين جي حوالي ڪري وري به توهان کي ئي معود الزام ٺهراجي پيو ته به نٿا سکو؟ ڀنگ جي نشن مان ، اوطارن مان نڪري اچو متان پوءِ پڇتايو ۽ انگريزن جي ڪتابن ۾ واديءَ مهراڻ جا باسي ته هُجو پر وجود نه وڃائي ويهو.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: (انا پرستي،خودنمائي،شوشيبازي ۽ ٻٽاڪي) ازل کن وڪڙيل بيمارين مان جان ڇڏايو

    محترم عبدالرزاق صاحب مهرباني اوهان اهم مسئلي طرف ڌيان ڇڪايو آهي۔

    دوست ڳالهه اها آهي ته اسان ته تيار آهيون بلڪه ٻاهري نڪري چڪا آهيون پر ڪو ڪاروان اڃان تيار ناهي ٿي سگهيو۔ اسان ۾ ٻڌي ۽ ايڪو اڃان ناهي ٿي سگهيو، اسان اڃان تائين پاڻ ۾ گڏ نه ٿا ويهون۔ ڇا ڪجي ؟؟؟ اوهان جو فڪر ۽ سوچ بلڪل صحيح آهي پر هي قوم آهي جو گڏ ٿيڻ لاء ئي تيار ناهي۔

    اسان جي ڪاميابي تڏهن ممڪن آهي جڏهن اسان هڪ ٿي مقابلو ڪنداسون۔ اسان اوهان سان هن ساٿ ۾ گڏ آهيون۔
     
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جواب: (انا پرستي،خودنمائي،شوشيبازي ۽ ٻٽاڪي) ازل کن وڪڙيل بيمارين مان جان ڇڏايو

    سائين بيشڪ صحيح ٿا چئو! پر ڇا ڪجي سڀ ڪُجهه ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ جي باوُجود قوم جڳائڻ جو جهاد نٿو ڇڏي سگهجي اوهان به همت نه هاريو قوم بيداري سان نه اوهان جا ذاتي مُفاد آهن نه اسانجا ۽ نه ئي پاڻ سياسي جماعتون آهيون ۽ نه ئي ڪنهن جي تبليغ پيا ڪريون جتي اسان ڪي ڪڻا گڏ ٿي هڪ منزل طرف روانگي جو سفر ساڀاريو آهي ۽ هلي پيا آهيون ته ٻيا به هلي پوندا، ڀلي سُست ئي ڇو نه هُجن بس توهان پنهنجي قلم جي وسيلي قوم جي بيداري ۽ برين واشنگ ڪندا رهو۔ ظاهر آهي پنج هزار سالن کان سُتل نسل هڪدم ته اُٿي نه بهندو، دماغ جي ڪٽ لهڻ ۾ به وقت لڳندو۔ جهالت اسانکي مُڪمل وڪوڙي وئي آهي ۽ اسانکي پنهنجي رت کي فلٽر ڪرڻو آهي ان موالي ڪلچر کان هي نسل نه ته ٻيو، ٻيو نه ته ٽيو، ٽيو نه ته چوٿون انشا الله موٽندو، همٿ مردان مدد خُدا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو